Monday, June 27, 2016

سردار شاھ جي تقرير ۽ سوشل ميڊيا

گهنشام شيام

ڪجھه ڏينهن اڳ سنڌ اسميبلي جي ايوان ۾ حڪمران پارٽي جي نوجوان ميمبر سيد سردار علي شاهه جي غير روايتي دٻدٻي واري تقرير، اڄڪلھه سوشل ميڊيا تي تنقيد جو نشانو بڻيل آهي. حمايتن ۽ مخالفن جي وچ ۾ دليلن جي ڏي وٺ ۽“ آڌا تمهارا آڌا همارا” وارو راڳ شروع آهي. افسوس ان ڳالھه جو آهي ته سوشل ميڊيا تي سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالھه ڪندڙن جي اڳيان ۽ پٺيان مفادن جي بنياد تي چپ سبي ويٺلن متعلق ۽ انهن جي منفي پهلوئن متعلق ڪٿي تذڪرو ئي نٿو ملي، پر جنهن کي سنڌ جي ورهاڱي ۽ وفاق جا ٻه اکيائي وارا سنڌ سان رويا نٿا وڻن، تنهن خلاف ڪات ڪهاڙا کڻي هن کي آئنده ڪنهن به سنڌ جي ٻرندڙ اشوز تي خاموشي اختيار ڪرڻ جو قسم کڻايو ٿو وڃي! ڏٺو وڃي ته اسان جي نفسيات ذاتي رنجشن، انا، ساڙ، بغض، سياسي مخالفت ۽ عدم برداشت جي بنياد تي نفسانفسي سان ائين جڙي پئي آهي جو پنهنجو اُلو سڌو ڪرڻ يعني پنهنجي مفاد لاءِ ٻئي جي پٺي ۾ ڇُرو هڻڻ کي ئي اوليت ڏني وڃي ٿي، اهڙي ئي نموني سان سوشل ميڊيا تي شاهه صاحب جي تقرير جي مثبت پهلوئن تي قدردانيءَ بجاءِ ڪات ڪهاڙا کڻي هڪ قسم جي جنوني جنگ ڇيڙي ويئي آهي. جنهن جو ڇيڙو ويجھڙائي ۾ ٿيڻ ناممڪن لڳي پيو. حالانڪه ذاتي رنجشن، سياسي مخالفت ۽ بغض کي هڪ پاسي رکي شاهه صاحب جي ان ايوان ۾ ڪيل تقرير جو باريڪ بينيءَ سان جائزو وٺجي ته ان ۾ اهڙي ڪابه ڳالھه نه آهي، جنهن تي سنڌ دشمني جي بنياد تي منڌيئڙو ڏيئي سگھجي. اها تقرير چاپلوسي ۽ ڊپلوميٽڪ رويا رکندڙ داغدار سياستڪارن جي مُنهن تي چماٽ به آهي، ۽ گڏوگڏ سندن جذبن کي جاڳائڻ لاءِ هڪ ڏنل دستڪ پڻ آهي. ڏٺو وڃي ته هونئن مُئل ضمير سان جئيندڙ انڌي خلق جا رويا سچ ۽ سچ ڳالهيندڙن لاءِ ڪڏهن ۽ ڪنهن وقت مثبت رهيا آهن!؟ انهي ڳالھه جي مدنظر اها تاريخي حقيقت آهي ته سُقراط کان گئليليو تائين ۽ منصور کان ويندي سائين جي ايم سيد تائين ڪنهن به سچي ماڻهو کي انڌي خلق وقت تي own ڪرڻ کان لنوايو آهي.
پاڙي ويڄ هُئام، تيسين مور نه پُڇيام،
تيلانهين پيام، موريسر اکين ۾ (شاهه)
سچ پچ جڏهن سوشل ميڊيا تي شاهه صاحب جي اپلوڊ ڪيل شاندار تقرير تي ڊپلوميسي ۽ چاپلوسي جي بنياد تي سنڌ جي حقن جي ڳالھه ڪندڙن ۽ ليڊري چمڪائڻ وارن توڙي انهن جي ڇاڙتن جا غيرضروري ۽ غيرمنطقي ڪمينٽس پڙهون ٿا ته يقينن سچا ماڻهو انڌن جي شهر ۾ آئينن جو ڪاروبار ڪندي ذهن تي تري ٿا اچن! اها حقيقت آهي ته وقت تي سچ ۽ سچ ڳالهائيندڙن کي انڌي خلق ڪڏهن ۽ ڪنهن وقت سڃاتو آهي!؟ اها ماضي کان روايت برقرار رهندي پئي اچي ته اڄ جي سچ کي سڀاڻي جو سچ ۽ سڀاڻي جي سچ کي مستقبل جو سچ بطور قبولڻ واري غلطي انساني نسلن بار بار ورجائي آهي! اهو ئي سبب آهي جو سقراط زهر جو پيالو پي پير ٿڙڻ تائين جيڪو سچ ڳالهايو، تنهن کي اسان قبر ۾ هن جي هڏين سڙڻ تائين قبول ئي نه ڪيو! پر تمام گھڻو پوءِ هن جي قبر تي هن جي عظيم هئڻ جو اعتراف ڪيو! انهي ڪري بار بار غلطي ورجائڻ واري بيوقوفي ڪرڻ جي ضرورت کي نظريئه ضرورت واري منافقي مان ڇڪي ٻاهر ڪڍڻ جي ضرورت آهي ۽ اڄ جي سچ کي ئي اڄ مڃڻو آهي ۽ معاشري کي سچن، مخلص ماڻهن جي اکين لاءِ لوڻ بڻجڻ وارن جي نيتن کي وقت تي پڙهڻو آهي ته جيئن اڇا ۽ ڪارا پڌرا ٿي سگهن، نه ته منافقت سنڌ جي سينڌ کي ميرو ڪرڻ ۽ سنڌين کي تين وال ڪرڻ جي پروگرام ۾ رُڌل آهي، جيڪا مستقبل ۾ انڌي خلق کي فقط آڪاش انصاري جي هيٺين سٽن آلاپڻ تي مجبور ڪندي، جنهن جو توهان کي اندازو ئي نه آهي.
اسان سان ته،  بس الميو آ اهو،
نڪو گهاٽ ڌوٻي ڪو اهڙو گهڙيو،
جتي پنهنجي دردن کي ڌوئي سگهون،
ڪروڙن مان هڪڙو ڪو ناهي ڪلهو،
رکي ڪنڌ جنهن تي ڳراٺي وجھي،
رڳو ٻن گھڙين لاءِ روئي سگهــون.
چمچاگيري ۽ چاپلوسي کان بلڪل هٽي ڪري، ڏٺو وڃي ته سوشل ميڊيا تي ماڻهو بغض جي بنياد تي شاهه صاحب جي تقرير دوران باڊي لينگوئيج کي الائي ڪهڙي خوردبين سان ڏسي ڇوهه ڇنڊي رهيا آهن؟ اها حقيقت آهي ته سنڌ دوست، براڊ مائينڊيڊ ماڻهن کي سندس اها تقرير وڍ ڏيڻ جي صورت ۾ آٽوميٽيڪلي ريئڪشن بطور رت اچڻ جيان، پاڻمرادو ۽ جذباتي عمل لڳي ٿي، جيڪا سنڌ جيجل جي وجود لاءِ ڪات ڪهاڙا کڻندڙن جي عمل جو نتيجو آهي. مخالفن پاران عدم برداشت جي بنياد تي هن تقرير جي من گھڙت، ناجائز پهلوئن مان صرف هڪ منفي پهلو، بجيٽ اجلاس بجيٽ جهڙي اهم موضوع کان هٽي وڃڻ سان سمهت ڪري سگھجي ٿو. جيڪڏهن اسين سڀ مثبت سوچ سان انهي ڳالھه سان سئو سيڪڙو متفق آهيون ته وفاق 18هين ترميم هوندي، سنڌ صوبي سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري ٿو ۽ سنڌ جيڪڏهن اسان جو بدن آهي ۽ ممتا جي ورهاست قبول نه آهي ته پوءِ شاهه صاحب جي ايوان ۾ ڪيل تقرير کي تنقيد جي ترازو ۾ تورڻ ۽ هوا ۾ اجائي لٺ بازي ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي!؟ جيڪڏهن سنڌ جو ورهاڱو سنڌ جي ٻچي ٻچي لاءِ اجتماعي مسئلو آهي، انهي تي ڪنهن به قسم جي سودي بازي ڪرڻ عدم برداشت آهي، اهڙي مسئلي کي نظرانداز ڪري، پراڻا ليکا ڪرڻ ڪهڙي ڏاهپ آهي؟
مڃون ٿا ته سنڌ جي صورتحال “ آوي ڪا آوا بگڙا هوئا هي” ته اها بدنامي ڪنهن هڪ ماڻهو جي ڪريڊٽ ۾ نه وڃڻ کپي، جيڪو سنڌ لاءِ مشڪل گهڙين ۾ پازيٽو ڪردار نڀائي رهيو هجي. شاهه صاحب جي تقرير جي ويڊيو ڪلپس موجب سنڌ جي بجيٽ متوازن ۽ معقول آهي، انهي ڳالھه سان اسين متفق کڻي نه به هجون، پر ٽيڪس روينيو ڪليڪشن جيڪا سنڌ وفاق کي ڏي ٿي ۽ وفاق کان واپس سنڌ کي ڇا ملي ٿو؟ سنڌ جا وسيلا هئڻ ۽ وفاق پاران حق نه ملڻ متعلق شاھ صاحب جي موقف کان ڪير انڪاري هوندو؟ پراڻا Existing Institutions جيڪي غير فعال آهن، جنهن متعلق ميڊيا تي تمام گھڻي تنقيد ٿي چڪي آهي، انهن کي فعال ڪرڻ ۽ بند پيل اسڪول کولڻ واري ڳالھه سنئون سڌو اعتراف آهي، باقي تقرير ۾ سنڌو درياءَ جو نانگا پربت کان نڪرڻ ۽ ان جي جل ڌارا جو پاڻي پيئڻ ، سنڌ کي ورهائيندڙن ۽ انهن جي خاموش ڇاڙتن کي محبت ۽ ممتا جو احساس ڏيارڻ سنڌ جو ڪيس وڙهڻ کان سواءِ ڪجھ به نه آهي، جنهن تي سوشل ميڊيا تي ايتري وٺ پڪڙ ڪئي پئي وڃي.
ڏٺو وڃي ته پ پ پ جو روايتي سياسي موقف مجموعي طور متنازعه ۽ مفاهمت واري پاليسي تحت رهيو آهي، ان هوندي به ايوان ۾ شاهه صاحب پاران تقرير پيش ڪيل چٽي ۽ ٺوس موقف کان پوءِ مسلسل ڊيسڪون وڄڻ هن لاءِ ڪنهن داد کان گهٽ نه آهي. مڃون ٿا ته شاهه صاحب جي پنهنجي تڪ ۾ ڪارڪردگي کڻي سٺي نه به هجي پر اجتماعي سنڌ جي ٻرندڙ اشوز تي ڳالهائڻ، هڪ ئي وقت وفاق توڙي سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهھ ڪندڙن کي چٿڻ ۽ سنڌ جي ڌڻيپ ڪرڻ سان هن سچ پچ مثبت ڪردار ادا ڪرڻ جهڙي فرض کي نڀايو آهي. ڏٺو وڃي ته اهڙي مثبت ڪردار پ پ پ جي اعلي قيادت جو ڀرم پڻ رکيو آهي، حقيقت ۾ اهڙي مثبت ڪردار جي گھٽ ۾ گھٽ ساراهه نه ٿئي ته گھٽ ۾گھٽ بغض، بدنيتي ۽ سياسي بنياد تي تنقيد براءِ تنقيد ڪرڻ جو ڪنهن کي قطعي ڪو حق ڪونهي، خاص ڪري شاهه صاحب جي تقرير پ پ پ قيادت ۽ قومپرست سياستڪارن کي چُهنڊڙي آهي، جڏهن ته اسين سڀ ڄاڻون ٿا ته قومپرست سياست جو بنياد ئي سنڌ جي حقن لاءِ جهيڙڻ کانسواءِ ڪجهھ به نه آهي، تنهن هوندي به ساڙ، انا ۽ عدم برداشت جي بنياد تي ان تقرير تي ڪيترن ئي قومپرستن نفي ۾ ڪمينٽس ڏنا آهن، هونئن ضمير وڪڻڻ جو ڪاروبار ڪندڙ ماڻهو جن کي دنيا جي بازار ۾ ضمير وڪڻڻ ئي نٿو اچي، سي قومپرست هئڻ جون سياسي چالاڪيون ڪندي، سنڌ جي ورهاڱي واري منفي سوچ تي ٺوس موقف رکڻ بجاءِ منظر کان ائين غائب آهن، جيئن انهن سنڌ جي حقن لاءِ جاکوڙڻ جو ڪڏهن ۽ ڪٿي عزم ئي نه ڪيو هجي. حلانڪه اهڙن ماڻهن جو حساب ٿيڻ گھرجي ۽ انهن جي سوشل ميڊيا تي نشاندهي ڪرڻ کپي، پر ڪنهن جي مثبت پهلوئن کي ڇڏي رڳو ناجائز يا جائز منفي پهلوئن تي اجائي واويلا ڪرڻ سان کليل نموني سازشي ٽولي ۽ آڌا تمهارا ۽ آڌا همارا جو ساٿاري ۽ ڇاڙتو ٿيڻ سان دفاع ڪرڻ ڪا ڏاهپ نه آهي، جيڪڏهن اسين مڃون ٿا ته سنڌ جي ورهاست، ممتا جي ورهاست قابل قبول نه آهي، انهي ڪري وقتي طور پراڻا ليکا ڪرڻ بجاءِ محبت کي گڏ ڪرڻ ۽ Son of Soil  ٿيڻ جي ضرورت آهي ۽ نه ڪي سنڌ دشمن پاليسين توڙي حڪمت عملين جو ساٿ ڏيئي، سازشي ٽولي کي ساٿ ڏيڻ جي ضرورت آهي نه ته آڌا تمهارا آڌا همارا واري شاعراڻي سمجھاڻي توهان کي جلد سمجھه ۾ اچي ويندي.

1 comment:

  1. ادا شاڪر اسان جو الميو اهو آهي ته اسان اهو ڏسندا آهيون ته ڪير ٿو ڳالهائي اهو نه ڏسنداسين ته ڇا ٿو ڳالهائي سيد صاحب جيڪي ڪجه چيو ان تي تنقيد ان لاءِ ٿي جو سائين جو تعلق پي پي سان آهي ۽ پي پي سنڌ دشمن پارٽي ٿي سڏجي،
    اسان وٽ صرف تعلق ٿا ڏٺا وڃن ڪم نه

    ReplyDelete

پنهن جي راء هتي لکو