Sunday, June 19, 2016

ادبي پڪوڙا ؛ مون کان اڳيون ماڻهو !


آئون ان اڳيان واري همراه کان ڏاڍو تنگ آهيان، جنهن قطار ۾ به لڳان ٿو ،هي منهن جي اڳيان اچيو بيهي! ريلوي اسٽيشن پهچان ٿو ته هي مون کان اڳ بڪنگ ڪلارڪ سان ايتري ته جھڳي هڻي رهيو آهي جو منهن جي ٽڪيٽ وٺڻ کان اڳ ريل ڇٽي وڃي ٿي.پوسٽ آفيس وڃان ٿو ته هو مون کان پهرين ڪيترائي لفافا ۽ پارسل هٿ ۾ کنيو بيٺو آهي.هر لفافي تي الڳ الڳ سوال ۽ هر لفافي جو الڳ الڳ وزن ڪرائي رهيو آهي.سينيما وڃان ٿو ته اهو ئي شخص منهن جي اڳيان اڳيان شو جي آخري ٽڪيٽ خريد ڪري وٺي ٿو جنهن کان پوء بڪنگ ڪلرڪ “ٽڪيٽ ختم ” جي تختي اڀي ڪريو ڇڏي. اڃا آئون ٽيون ڏينهن چيڪ ڪيش ڪرائڻ بينڪ ويس ، هڪ همراه دفتر جي پوري عملي جا چيڪ کنيو بيٺو هو ،وري هن کي ٽي نوان اڪائونٽ به لازمي ان ڏينهن ئي کولائڻا هئا،مون کي بيٺي بيٺي هڪ ٿي ويو،ڪيشيئر چيو ؛ “ تون سڀاڻي نوين وڳين اچجانء جو ٽائيم پورو ٿي ويو.”
اهو ئي حال دوڪاندار وٽ پيش اچي ٿو.پنهن جي گاڏي کڻي نڪتس ته اڳين گاڏيء وارو پنهن جي مرضيء سان سيٽيون وڄائيندو،مزي سان پندرهن ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان آهستي آهستي منهن جي اڳيان وڃي رهيو آهي ۽ مون کي رستو به نٿو ڏئي. مون کي زيب النساء اسٽريٽ تي گاڏي پارڪ ڪرڻي هوندي آهي پر مون کان پهرين پارڪنگ جون سموريون جايون ڀريل آهن،بس هڪڙي جڳهه خالي آهي،اوچتو منهن جي گاڏي لڳائڻ کان پهرين اهو شخص ان خالي جاء تي پنهن جي گاڏي گھيڙي وٺي ٿو،
مون کي ٽيليفون ڪرڻو آهي، آئون ٽيليفون بوٿ ٻاهران هيڏانهن هوڏانهن چڪر هڻان ٿو جو ڪا صاحبه فون ڪري رهي آهي ،ٻڌم ته ڪنهن کي خدا حافظ چئي رهي آهي.گھڻي دير کان پوء هوء فون جي جان ڇڏي ٿي، آئون اندر داخل ٿيان ٿو،سڪو وجھان ٿو پر مون کي نمبر ياد ناهي،جيستائين ڊائري ڪڍي نمبر ڳولهيان ٿو تيستائين ٻي ڪا خاتون مون کي لتاڙيندي فون تي قبضو ڪري وٺي ٿي  جنهن وٽ نمبرن  جي هڪ ڊگھي لسٽ آهي جيڪا ختم ٿيڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي!
اهو ئي هوٽل ۾ ٿئي ٿو، مون کي سخت بک لڳي آهي،ٻين وڳين واپس دفتر پهچڻو آهي پر ڪابه ميز خالي ناهي.هڪڙو صاحب ماني کائي چڪو آهي پر هن آئيس ڪريم گھرائي آهي، منهن جون اکيون ان جي چمچي سان گڏ گڏ پياليء تي اچن ٿيون وري سندس وات تائين وڃن ٿيون.سوچيان ٿو ڄاڻ اجھو ختم ٿي،باقي ڪي ٻه ٽي چمچا رهيا هوندا.آئون گھڙي ڏسندي سندس ڪرسي خالي ڪرڻ جو انتظار ڪيان ٿو، نيٺ هو پنهن جو چمچو خالي پليٽ ۾ رکي ٿو ۽  پنهن جي زبان چپن تي گھمائي ٿو پوء بيري کي سڏي ٿو ۽ سندس ڪن ۾ ڪا سس پس ڪري ٿو،آئون پنهن جي هڪڙي ٽنگ جو بار ٻي ٽنگ تي منتقل ڪيان ٿو.ايتري ۾ بيرو نمودار ٿئي ٿو ۽ هڪ پيالي ان صاحب جي ميز تي رکي ڇڏي ٿو.اهو صاحب کيسي مان شام جي اخبار ڪڍي ان جي سرخين تي نشان لڳائڻ شروع ڪري ٿو ته جيستائين چانهه ٿڌي ٿي وٺي!
ڊاڪٽر وٽ به هو مون کان اڳ ئي موجود هوندو آهي ۽ مون کي ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ لاء ڇهه مهينا پراڻا رسالا پڙهڻا پون ٿا.هوائي جهاز اندر سڄي رات جي سفر بعد هتان صبح ٿي  ۽ هتان ان  همراه شيونگ وارو ٿيلهو سنڀاليو ۽ جهاز جي اڪيلي باٿ روم ۾ گھڙي ويو.آئون تيستائين ٻاهر بيٺو انتظار ڪيان ٿو جيستائين اهو شخص پنهن جي تازي ٺاهيل شيو تي هٿ ڦيريندو ٻاهر نٿو نڪري.ايتري ۾ جهاز زمين تي لهڻ وارو هوندو آهي ۽ اعلان ٿيندو آهي ته “ حضرات! پنهن جن سيٽن تي وڃو ۽ بيلٽ ٻڌو”
آئون ڏند پيئندي واپس پنهن جي سيٽ تي وڃان ٿو،منهن جي پيٽ ۾ غضب جي گڙ ٻڙ لڳي پيئي آهي.ٻيو ته ٺهيو پر جيڪر اهو شخص منهن جي پويان هجي تڏهن به آئون هن کان اڳيان نڪري نٿو سگھان. ڪالهه عبدالغفور اينڊ سنز وٽ سيل لڳل هئي،ان شخص منهن جي پويان پويان بيهندي سيلز مين کي آواز ڏنو؛ “ ڀائو! اها قميص منهن جي لاء رکي ڇڏ.” جيڪا منهن جي وڻندڙ رنگ ۽ ڊزائين جي آخري قميص هئي.لفٽ ۾ به هو ڌوڙيو ڪري مون کان اڳ داخل ٿيو وڃي ۽ لفٽ وارو مون کي روڪيندي چوي ٿو ؛ “ ادا! انگ پورو ٿي ويو.“ آئون لاچار ڊوڙندو سيڙهين تان لهان ٿو ۽ آخري ٽيڪسيء کي آواز ڏيان ٿو،آئون اڃا ٽيڪسيء کان پنجن قدمن تي آهيان ته هو ٻئي پاسي وارو دروازو کولي ٽيڪسيء ۾ ڇلا نگ هڻي وٺي ٿو.
منهن جي سڀ کان وڏي تمنا اها آهي ته ڪنهن اهڙي قطار ۾ بيهان جنهن ۾ مون کان اڳيان ٻيو ڪوبه نه هجي،ريلوي اسٽيشن،سينيما ، پوسٽ آفيس  ۽ هوٽل ۾ به مون کان اڳ ڪونه هجي،جڏهن ٻيو ڪو شخص اچي جنهن کي گھڻي تڪڙ هجي يا کيس ٻين وڳين دفتر وڃڻو هجي  ته آئون به ان کي انهن ئي اکين سان ڏسان،پهرين آئيس ڪريم گھرايان،پوء ڪافي ء جو آرڊر ڏيان ۽ پوء شام جي اخباي ڪڍي آرام سان پڙهڻ لڳان! اي ڪاش...!!!
                                                                                                                                  ( ابن انشا جي تحرير)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو