Wednesday, June 22, 2016

سوشل ميڊيا به شعور جي بلندين سان جڙيل آهي

اقبال ملاح

ڳچ عرصو اڳ مون سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ رکي هئي، جنهن ۾ مون ڪنهن به شخصيت تي تنقيد ڪرڻ بجاءِ هي گذارش ڪئي هئي ته سوشل ميڊيا ڄاڻ ڏيڻ ۽ حاصل ڪرڻ جو اُهو ذريعو آهي، جنهن تي بندشون گهٽ هجن ٿيون ۽ هن ميڊيا جو ڪوبه ٻيو ايڊيٽر نٿو هجي. فيس بُڪ ۽ ٽوئيٽ سميت سوشل ميڊيا تي آءِ ڊي ذريعي مخاطب ٿيندڙ اُن جو پاڻ ئي ايڊيٽر هجي ٿو ۽ ذميوار پڻ، تنهن ڪري هن ميڊيا کي استعمال ڪرڻ جون سڀ ذميواريون اُن ئي اڪائونٽ رکندڙ جون هجن ٿيون، جيڪو اُن کي هلائيندڙ هجي ٿو، جيئن ته اسان وٽ هيءَ ميڊيا بانبڙا پائيندڙ ٻار جيان آهي، تنهن ڪري اسان کي هن ميڊيا جي اهميت ۽ ذميوارين جي شايد خبر ناهي، جي خبر هجي ها ته هن ميڊيا ذريعي جهڙيءَ طرح بدتميزيءَ جو طوفان برپا ٿئي ٿو سو نه ٿئي ها. مون هن ميڊيا کي اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا کان وڌيڪ اثرائتو ۽ ذميوار هجڻ واري ڳالهه ڪئي هئي، منهنجي هن راءِ تي به وڏا تبصرا ٿيا هئا. ڪن دوستن مون مٿان تنقيد ڪئي هئي ۽ ڪن اتفاق ڪيو هو، اڄ آئون سوشل ميڊيا تي اِن ڪري لکي رهيو آهيان ته هاڻ جنهن طريقي سان اسان سوشل ميڊيا کي ٻين لاءِ هٿيار طور استعمال ڪري “پٽڪا لاهه پروگرام” شروع ڪيو آهي، جيڪڏهن سنڌ ۾ اُن روَش کي بند نه ڪيو ويو ته هيءَ ميڊيا به وقت سان گڏ پنهنجو اثر ائين وڃائي ويهندي، جيئن 90ع جي ڏهاڪي کان اڳ واري پرنٽ ميڊيا پنهنجي هجڻ جو جواز وڃائي ويٺي هئي.
مون جڏهن فيس بُڪ جو اڪائونٽ کوليو هو، تڏهن منهنجي لاءِ هيءَ دنيا بنهه نئين دنيا هئي، مون کي جنهن به آءِ ڊي تان دوست هجڻ وارو نياپو مليو پئي مون اُن کي قبول ڪيو پئي، جيئن ته آئون سدائين ويساهه ۽ اعتبار تي يقين رکندڙ آهيان، تڏهن مون کي اِن ڳالهه جو اندازو ئي نه هيو ته سوشل ميڊيا تي به ڪا ڪنهن ڪوڙي نالي سان آءِ ڊي ٺاهي ويندي آهي، جنهن کي سوشل ميڊيا جي زبان ۾ “فيڪ آءِ ڊي” چيو ويندو آهي، بعد ۾ خبر پئي ته سوشل ميڊيا تي ٺهندڙ ڪوڙو اڪائونٽ نه صرف پنهنجي اصل نالي ۽ چهري کي لڪائڻ لاءِ هجي ٿو، پر اِن ڪوڙي آءِ ڊي ٺاهڻ پٺيان پاڻ کي لڪائي ڪنهن به معتبر ماڻهو جو سولي نموني پٽڪو ڌوڙ ڪري سگهجي ٿو. جڏهن هيءَ ميڊيا آئي ته سوشل ميڊيا يا سائبر ڪرائيم بابت ڪابه قانونسازي ٿيل نه هئي، تنهن ڪري منهنجي نظرن آڏو نه ڄاڻ ڪيترن معتبر ماڻهن جي سالن جي پورهيي کي سوشل ميڊيا تي نه رڳو تين وال ڪيو ويو، پر ظاهري طرح ڇسن ۽ هلڪڙن ماڻهن تاريخ جي اهڙين قدآور شخصيتن جي قد ڪاٺ کي گهٽائي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جن شخصيتن جي هو پاڇي ۾ بيهڻ جهڙي حيثيت به رکندڙ نه هئا. مون کان ٻيو ڪجهه به نه ٿي سگهيو، ها آئون پنهنجي شيئرنگ ۽ لائيڪنگ ۾ حد کان وڌيڪ محتاط ٿي ويس ۽ ڪنهن به قانون ۽ قانونسازيءَ ذريعي ڳالهائڻ بجاءِ منهنجي آڱرين ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ مون پنهنجي آءِ ڊي تان اهڙا هلڪڙا ماڻهو هٽائي ڇڏيا، جن کي سوشل ميڊيا يا فيس بُڪ جي ٻوليءَ ۾ چئجي ته “اَن فرينڊ” ڪري ڇڏيو.
جڏهن ڪي به نيون شيون منظر تي اينديون آهن، تڏهن اُن جي اهميت ۽ استعمال جي بي خبري اُن جي اهميت گهٽائي ڇڏيندي آهي. مون بي بي سي اردو ڊاٽ ڪام تي سوشل ميڊيا بابت تربيتي ڪورس پڙهيو هو، جنهن ۾ شهرين ۽ خاص طور تي صحافين بابت ڪي بنيادي ڳالهيون ۽ ضابطاءِ اخلاق ڄاڻايا ويا هئا، اُن ئي ضابطاءِ اخلاق ۾ سختيءَ سان اِها ڳالهه رکي وئي هئي ته پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا سان واسطو رکندڙ ليکاري ڪنهن به اهڙي تڪراري پوسٽ، ڪلپ يا ليک کي پسند يا شيئر ڪرڻ کان پاسو ڪن جنهن سان سندن نظرياتي وابستگيءَ جو اظهار ٿيندو هجي ۽ ائين ڪرڻ سان هو تڪراري بڻجي وڃن، ائين جيئن ڊاڪٽر ڊگري وٺڻ بعد اِنسانيت جي اصولن تي ٻڌل قسم کڻن ٿا، تيئن صحافي به عالمي صحافتي اصولن موجب ڪن بنيادي ڳالهين جا لازمي پابند هجن ٿا. اُن ئي تربيتي ڪورس ۾ مون اِها ڳالهه به پڙهي هئي ته سوشل ميڊيا تي ڪنهن جي به راضپي کانسواءِ يا اُن جي پڇڻ کانسواءِ ڪنهن ٻئي جي ذاتي تصوير شيئر نٿي ڪري سگهجي. اِها ڳالهه مون کي امداد سومري، آمريڪا مان صحافتي تربيتي دورو پورو ڪرڻ بعد ٻڌائي هئي ته ٽريننگ پروگرام جي تصويرن رکڻ وقت به اخلاقي طور ٽريننگ ۾ شامل دوستن کان اجازت وٺڻي پئي پوي ته ڇا سوشل ميڊيا تي سندن تصويرون رکي سگهجن ٿيون ۽ جي هن انڪار پئي ڪيو ته اُهي تصويرون شيئر نه پئي ٿيون. هاڻ ڏسو اسان جا حال ڪا ذاتي ڪچهري هجي يا محفل موبائل سيل يا ڪئميرا هٿ ۾ هوندي، ڌڻيءَ کي خبر ئي نه منٽن اندر اسان اُها نجي ڪچهري ماڻهن ۾ عام ڪري ڇڏيون ٿا. اسان جي سماج ۾ ته بهتانن جون ڀريون ٻڌي بنا ڪنهن تصديق جي سوشل ميڊيا تي حق سمجهي رکيون وڃن ٿيون ۽ زرعي سماج هجڻ ڪري اسان جي اندر ۾ ويٺل وڏيرو اُن تي رد عمل ائين ڪري ٿو، جيئن ڪو رئيس اوطاق ۾ پٽ تي ويٺل ڪنهن هاريءَ سان ڪندو آهي.
آئون سوشل ميڊيا تي ويٺي ڪڏهن سوچيندو آهيان ته هيءَ ميڊيا ڄاڻ سان گڏ ڄڻ ماڻهن لاءِ اندر جي محرومين جي اوطاق بڻجي وئي آهي. مون کي ڪراچيءَ جي پراڻي ڪامريڊ دوست جي هيءَ ڳالهه وزنائتي لڳي ته اجائين پوسٽن جي ڀرمار جي نتيجي ۾ اِلاهي ساريون ڪم جون پوسٽون ۽ ڪِلپس پوئتي هليون وينديون آهن ۽ هن کلي چيو ته دوستن جي چونڊ وانگر فيس بُڪ تي منهنجا دوست به ٿورا پر منهنجي مزاج وارا آهن. اُن دوست جي راءِ سان سهمت ٿجي يا نه، پر اِها ڳالهه وڏي اهميت واري آهي ته سوشل ميڊيا به ائين ئي آهي، جيئن ڪنهن لائبريريءَ ۾ هزارين ڪتاب ته هجن ٿا، پر پڙهڻ جي چونڊ ماڻهوءَ جي پنهنجي سوچ، عقل ۽ شعور جي اُڏام تي ڇڏيل هوندي آهي.
سوشل ميڊيا ته دنيا جا رُخ ئي بدلائي ڇڏيا آهن، پر مون کي الاهي تڪليف اُن وقت ٿئي ٿي جڏهن هِن ميڊيا کي مثبت بجاءِ منفي لاڙن لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو ۽ اُن ميڊيا کي استعمال ڪندڙ اِهو وساري ويهن ٿا ته سندن آزاديءَ وارو حق ڪنهن به ماڻهوءَ جي پٽڪي ۾ هٿ وجهڻ جيترو ناهي، تنهن ڪري هن ئي ميڊيا کي استعمال ڪندڙ دوست پنهنجو نقطه نظر اثرائتي نموني نه رڳو هتي رکن، پر اُها ڳالهه هاڻي نجي ڪچهرين ۾ به ٿيڻ گهرجي ته سوشل ميڊيا سماجي، سائنسي، علمي ۽ تاريخي اوسر جي هٿيار طور استعمال ڪرڻ گهرجي ۽ هن ميڊيا کي پٽڪا لاهه پروگرام واري منفي رويي جو شڪار ٿيڻ کان بچائڻ گهرجي، ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ ڪن دوستن سان ڪچهري ڪندي مون چيو هو ته سوشل ميڊيا ۾ شعوري ۽ ڪجهه لاشعوري طور منهنجا اڻ ڏٺل ۽ ڏٺل دوست ٿيا هئا، مون پنهنجي آءِ ڊي تان ڪجهه اهڙن دوستن کي اَن فرينڊ ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي انساني شعور جي بلندين تي پهچندڙ انفارميشن ٽيڪنالوجي ۽ ڄاڻ جي ذريعن کي ننڍڙو سمجهي استعمال ڪري رهيا هئا.
مون کان سوشل ميڊيا تي بحث ڪندي هڪ دوست چيو ته جيڪڏهن جاندار هجبو، سوچبو، ڪائنات ۾ موجود تضادن تي ڳالهائبو ته تڪرار ته فطري آهي. مون سندس راءِ جو احترام ڪندي چيو ته فطرت، سائنس، تاريخ، ثقافت، فلسفي، ڪهاڻيءَ ۽ شاعريءَ تي لکڻ، ڳالهائڻ ۽ سوچڻ سان ئي انسان جي شعور ۽ سماجن جي ترقي ٿي آهي، جهڙا تصور هوندا ۽ جيڏو وڏو ماڻهو هوندو، سندس خيال اوترو ئي پختو هجي ٿو، پر سائنس، ادب، تاريخ ۽ فلسفي تي ڳالهائڻ بجاءِ جيڪڏهن سوشل ميڊيا ڪنهن به فرد ۽ شخص جي ذات کي بحث هيٺ آڻي ٿي ۽ سندس ذاتي زندگيءَ ۾ مداخلت جو سبب بڻجي ٿي سا نه رڳو سوشل ميڊيا، پر علم ۽ شعور جي دائري کان ٻاهر نڪري وڃي ٿي، تنهن ڪري اچو ته منفي سوچ کي دفن ڪري سوشل ميڊيا تي به مثبت سوچ جا ڏيئا ٻاريون پوءِ ڀلي ڇو نه ٿورا رهجي وڃون.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو