Wednesday, June 22, 2016

ماضيء جو آئينو؛ جڏهن جيريڪو جون ديوارون جڙيون.

شفيق الرحمان شاڪر

اردن دريا جي الهندي واديء ۾ ويسٽ بينڪ جي تڪراري علائقي وارو شهر “ جيريڪو” جنهن کي عرب “اريحا” چوندا آهن،1967ع کان اسرائيل جي قبضي هيٺ آهي.ان جو ڳاڻيٽو دنيا جي چند اهڙن شروعاتي ڳوٺن يا شهرن ۾ ٿئي ٿو جيڪي پنهن جي آباد ٿيڻ جي ڏينهن کان اڄ تائين لاڳيتو آباد آهن.تحقيق ڪندڙن ان شهر جي آباد ٿيڻ جو سال 9000 قبل مسيح قرار ڏنو آهي.
جيريڪو جو ذڪر بائيبل ۾ به موجود آهي ڇوته ان کي يهودي تاريخ ۾ تمام گھڻي اهميت حاصل رهي آهي.هي اهو پهريون شهر آهي جنهن تي بني اسرائيل حضرت يوشع بن نون جي اڳواڻيء ۾ مقدس سرزمين ۾ داخل ٿيڻ تي اردن دريا ٽپي حملو ڪيو هو.بائيبل مطابق بني اسرائيل هٿان تباهيء بعد ماڻهن  جيريڪو ۾ رهڻ ڇڏي ڏنو هو.۽ آخرڪار نائين صدي قبل مسيح ۾ “ بيت ايلي حي ايل” هتي رهائش اختيار ڪئي ۽ انهيء کي نئين سر آباد ڪيو.پراڻي عهدنامي وارو جيريڪو شهر “تال السطان” نالي جبل ۾ لڌو ويو آهي جيڪو پنهن جي آسپاس جي ميدانن جي ڀيٽ ۾ 70 فٽ اوچو آهي. 1952ع کان 1958ع جي وچ ۾ هتي ڪيتريون ئي کوٽائيون ڪيون وييون جن جو بنيادي مقصد اسرائيلين جي هٿان هن شهر جي تباهيء جو سن معلوم ڪرڻ هو ڇوته ان سان سندن فلسطين ۾ داخل ٿيڻ جو زمانو معلوم ٿي سگھيو ٿي.ماهرن اندازو لڳايو ته اهو شهر 14 صدي قبل مسيح جي آخر ۾ تباه ٿيو جنهن کان پوء لوه جي زماني تائين اهو هنڌ ويران رهيو.جڏهن ته ستين صدي قبل مسيح ۾ هتي چڱي خاصي آبادي هئڻ جا اشارا ملن ٿا جيڪا 586 قبل مسيح تائين بابلين پاران ٻي جلا وطن حڪومت تائين برقرار رهي.بابلين جي حملي کان پوء هيء جڳهه مڪمل تباه ٿي ويئي.
8000سال قبل مسيح جي لڳ ڀڳ هن شهر جي رهاڪن هڪ عظيم سماج جوڙيو ۽ ان قابل ٿي ويا جو پنهن جي آباديء جي چوڌاريء پٿرن جي هڪ مضبوط ديوار اڏي سگھن جنهن ۾ هڪڙي هنڌ انهن هڪ مضبوط پٿريلو ستون به اڏيو هو. ديوار جي ڊيگھ مان اندازو ٿئي ٿو ته اها جڳهه باقائدي ڪو ڳوٺ يا وسندي هئي جتي ٻن کان ٽي هزار ماڻهو رهندا هئا.کوٽائيء مان اهو به معلوم ٿيو آهي ته جيريڪو ۾ ڪڻڪ،مڪائي ۽ اناج جا ٻيا قسم پوکيا ويندا هئا،اهو به معلوم ٿيو آهي ته گھڻي کان گھڻي زمين کي قابل استعمال بنائڻ خاطر آبپاشيء جو طريقو به ايجاد ڪيو ويو هو.
7000  قبل مسِيح ۾ هڪ اهڙو گروه هن جڳهه تي آباد ٿيو جن کي ٿانو ٺاهڻ نه ايندا هئا،اهو سمجھيو ٿو وڃي ته اهي ماڻهو اتر شام کان آيا هئا..3000قبل مسيح ۾ فلسطين جي ٻين حصن وانگر جيريڪو ۾ به شهري تهذيب جي شروعات ٿي ۽ هڪ دفعو وري اهو ديوارن وارو هڪ شهر بڻجي ويو البت ان جي ديوار کي ڪيترائي ڀيرا ڪيرائي وري تعمير ڪيو ويو.جڏهن بني اسرائيل جيريڪو تي حملو ڪيو هو ان وقت به اهو ديوارن وارو شهر هو.ماهرن جو اندازو آهي ته جيريڪو جي چوڌاريء پهرين ديوار 8000 سال قبل مسيح ۾ ئي جوڙي ڇڏي ويئي هئي.
2300 قبل مسيح ۾ شهري زندگيء ۾ وري هڪ خلا پيدا ٿي،خانه بدوش مختلف ٽولن جي شڪل ۾ وڏي انگ ۾ جيريڪو آيا.جيڪي گھڻو ڪري “اموري” هئا جن جا بعد ۾ جانشين “ڪنعاني” بڻيا.جن جي ثقافت بحيره روم جي علائقي سان هڪجهڙائي رکندي هئي.ڪنعانين نج شهري زندگيء جي سڃاڻپ ڪرائي.کوٽائين مان انهن جي پڪن گھرن ۽ فرنيچر جي باري ۾ گھڻي معلومات ملي آهي.اهي موت کان پوء جي حياتيء تي به ايمان رکندا هئا.
کوٽائيء مان “هيروڊ” جي جيريڪو جي باري ۾ به ڪافي مفيد معلومات ملي آهي.پراڻي مقدس عهدنامي واري جيريڪو کان هڪ ميل ڏکڻ ۾ “ وادي  القلت” سان لڳ هڪ نهايت ئي شاندار عمارت جا نشان مليا آهن جيڪا لڳي ٿو ته هيروڊ جي محل جو حصو هئي.ان جي اڏاوت جو نمونو مڪمل اطالوي  ۽ روم سان هيروڊ جي محبت جو واضح ثبوت آهي.علائقي ۾ ٻين به ڪيترين ئي شاندار عمارتن جي موجودگيء جا آثار مليا آهن.۽ اهو “رومي جيريڪو” سمجھيو وڃي ٿو.

صليبي جنگين جي دور وارو جيريڪو ٽي جڳهه تي تعمير ٿيو.اهو پراڻي عهدنامي واري جيريڪو کان هڪ ميل اوڀر ۾ آهي.جديد جيريڪو اتان ئي ترقيء جو سفر شروع ڪيو.ترڪن جي دور ۾ اهو عام ۽ غير مشهور ڳوٺ هو پر 1923ع ۾ فلسطين تي برطانيا کي حق حڪمراني ملڻ بعد اهو تفريحي مرڪز بڻجي ويو.البته ان جي اصل توسيع ۽ ترقي 1949ع ان جي اردن ۾ شامل ٿيڻ بعد ٿي.اسرائيل کان ايندڙ فلسطيني مهاجرن جي ٻن وڏين ڪيمپن جي پاسي ۾ آباد هئڻ سبب شهر۾ گھڻي رونق رهندي هئي.شهر جي وڏي حصي کي نئين سر تعمير ڪيو ويو جڏهن ته ريگستانن وارو علائقو به آبپاشيء جي وسيلن ميسر هئڻ سبب تمام گھڻو سرسبز ۽ آباد رهيو.1967ع جي عرب اسرائيل جنگ جي نتيجي ۾ گھنا مهاجر هيڏانهن هوڏانهن ٽڙي پکڙي ويا. جديد جيريڪو خالص هڪ عرب شهر آهي جنهن جي ريگستان ۾ ڪيلا،کجور ۽ نارنگيون پيدا ٿين ٿيون.20 صديء جي پڄاڻيء تي موجوده جيريڪو جي آبادي 20 هزارن جي لڳ ڀڳ هئي.

                                                      (روزاني سنڌ 20 جون 2016ع)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو