Sunday, June 19, 2016

مدنيء ﷺ جا موتي؛ شيطان زال ۽ مڙس ۾ جدايون وجھي ٿو


جابر  کان روايت آهي ته رسول اللهﷺ جن فرمايو ته بيشڪ وڏو شيطان پنهنجو تخت پاڻي تي رکي ٿو، پنهنجو لشڪر ماڻهن کي گمراه ڪرڻ لاءِ موڪلي ٿو پوءِ انهيءَ لشڪر مان  انهيءَ وت وڏي درجي وارو اهو آهي جو ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ ۾ وڌيڪ چالاڪ آهي پوءِ انهي لشڪر مان وٽس هڪڙو اچي چوي ٿو ته (مون گمراهه ڪرڻ ۾) فلاڻي ماڻهو کي تيسين نه ڇڏيو جيسين ان ۽ سندس زال جي وچ ۾ جدائي پيدا نه ڪيم. حضورﷺ جن فرمايو ته پوءِ وڏو شيطان ان کي ويجهو ڪري چوندو آهي ته تون سڀني کان چڱو آهين. راوي اعمش چوي ٿو ته آءٌ ڀانيان ٿو ته   جابر  چيو ته وڏو شيطان ان کي گلي لڳائيندو آهي. هن کي مسلم روايت ڪيو آهي.  (رقاة)


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو