Tuesday, June 21, 2016

رياضت ۽ نفساني خواهشون.

شفيق الرحمان شاڪر
امام غزالي رحمت اللھ عليه فرمائين ٿا ته آدم جي اولاد کي نفس هميشه برائيء جي لاء ئي ڀڙڪائيندو آهي.اهو ابليس کان به وڏو انسان جو دشمن آهي.شيطان نفساني شهوتن ۽ خواهشن ذريعي انسان تي قابو پائي ٿو.بس اميد ۽ فريب جي طور تي پنهن جو پاڻ کي دوکو نه ڏي ڇو ته نفس جي ته خواهش ئي اها هوندي آهي  ته انسان غفلت ۽ سستيء ۾ رهي ان ڪري نفس جون سموريون دعوائون ڪوڙيون آهن. جيڪر تو اهي شيون پسند ڪيون جن سان فريب ۽ دوکو ملي ٿو ته پوء تو نفس جي خواهش جي پيروي ڪئي ۽ نفس جي اها پيروي انسان کي دوزخ جي رستي ڏانهن وٺي وڃي ٿي.سمورين آفتن ۽ مصيبتن جو بنياد نفس جي اها پيروي آهي.سموري ذلت ۽ رسوائيء جو سبب ۽ شيطان جو خزانو آهي ۽ اها ئي هر برائيء جي پاڙ آهي.
انسان جڏهن آخرت جي طلب ۾ گھاريل زندگيء تي سوچي ٿو ته هن جي اها سوچ ۽ فڪر هن جي دل کي صاف ڪري ڇڏي ٿو.رسول ڪريم ﷺ جن فرمايو “ هڪ گھڙيء لاء سوچڻ سڄي سال جي عبادت کان بهتر آهي.”                                                                                         ٻڌايو وڃي ٿو ته بصري جي بازار مان حضرت مالڪ بن دينار رحه جو گذر ٿيو ته پاڻ انجير ڏٺائون ۽ دل ۾ انجير کائڻ جي خواهش ٿي.پاڻ انجير وڪڻڻ واري کي پنهن جو جوتو لاهي ڏنائون ته جيئن ان جي بدلي هو کين انجير ڏئي.( انجير خريد ڪرڻ لاء پئسا نه هئا) انجيرن واري جوتو ڏسي چيو ته اهو ته منهن جي ڪنهن ڪم جو ناهي.حضرت مالڪ بن دينار انجير خريد ڪرڻ سواء گھر ڏانهن هلڻ لڳو. ايتري دير ۾ ڪنهن ماڻهوء انجير وڪڻندڙ کي ٻڌايو ته توکي خبر ڪانهي ته اهو ڪير ماڻهو هو؟اهو عظيم بزرگ مالڪ بن دينار هو.جڏهن هن اهي لفظ ٻڌا ته هن پنهن جي نوڪر کي انجيرن جو ٽوڪرو ڏيندي حضرت مالڪ بن دينار جي پويان ڊوڙايو ۽ اهو به چيو ته جيڪر مالڪ بن دينار توکان اهو ٽوڪرو قبول ڪري ورتو ته انعام۾ تون هميشه لاء آزاد آهين. پر حضرت مالڪ دينار اهو ٽوڪرو قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو،غلام ڪيتريون ئي منٿون ڪيون ته حضرت! جيڪر توهان اهي انجير قبول ڪندا ته مون کي آزادي ملي ويندي پر حضرت مالڪ بن دينار فرمايو“ ان ۾ تنهن جي لاء ته آزادي هوندي پر منهن لاء ان ۾ سزا آهي.مون قسم کڻي ڇڏيو آهي ته پنهن جو ايمان انجير تي نه وڪڻندس ۽ قيامت تائين انجير نه کائيندس.”
حضرت سليمان عليه السلام فرمايو ته جيڪو شخص پنهن جي نفس کي قابو رکي ٿو اهو شهر فتح ڪندڙ فاتح کان وڌيڪ بهادر آهي.حضرت علي رضي اللھ عنه فرمائين ٿا ته آئون ۽ منهن جو نفس ايئن آهيو جيئن ٻڪريون ۽ ڌنار.جيڪر هڪ پاسي کان ٻڪرين کي گڏ ڪري ٿو ته ٻئي پاسي واريون ٻڪريون ٽڙي پکڙي وڃن ٿيون.جنهن پنهن جو نفس ماري ڇڏيو ان کي رحمت جي ڪفن ۾ ويڙهيو ويندو،عزت جي سرزمين ۾ ان کي دفن ڪيو ويندو ۽ جنهن دل کي ماري ڇڏيو (نفس جي خواهشن تي هليو) ان کي لعنت جي ڪفن ۾ ويڙهي عذاب جي سرزمين ۾ دفن ڪيو ويندو.
يحيٰ بن معاذ رازي رحه فرمائين ٿا ته عبادت ۽ رياضت جي هٿيار سان نفس خلاف جهاد ڪريو. رياضت جو مطلب آهي ته ننڊ ۽ کاڌو گھٽائي ڇڏجي ۽ ماڻهن پاران مليل تڪليف کي صبر سان برداشت ڪجي.ننڊ گھٽ ٿيندي ته ارادا درست ٿي ويندا،کاڌو گھٽ کائيندو ته آفتن کان بچيل رهندو ۽ اذيت برداشت ڪندو ته پنهن جي منزل مقصود طرف وڌڻ ۾ آساني پيدا ٿيندي ۽ گھٽ کائڻ ۾ ئي شهوتن جو موت آهي ڇو ته گھڻي کائڻ سان دل سخت ٿي وڃي ٿي ۽ ان جو نور جھڪو ٿي وڃي ٿو ۽ ڍئو ڪري کائڻ انسان کي اللھ تعاليٰ کان غافل ڪري ڇڏي ٿو.
رسول اللھ ﷺ جن فرمايو؛ پنهن جي دلين کي بک جي روشنيء سان منور ڪريو.نفس جي خلاف بک ۽ اڃ ذريعي جهاد ڪريو ۽ جنت جي دروازي کي هميشه بک سان کڙڪائڻ جاري رکو ڇو ته ان ۾ اهڙو اجر آهي جهڙو اللھ جي واٽ ۾ جهاد ڪرڻ جو اجر آهي.اللھ تعاليٰ وٽ بک ۽ اڃ کان وڌيڪ ٻيو وڻندڙ عمل نه آهي.جنهن پنهن جو پيٽ ڀري ورتو اهو فرشتن جي آسمان ۾ داخل ٿي نه ٿو سگھي ۽ اهو عبادت جي مزي کان به محروم ٿي ويو.
ڪجھ ڏاها هيئن مثال ڏين ٿا ته معدو ديڳڙيء جيان آهي جنهن سان دل ٽهڪڻ شروع ٿئي ٿي ۽ ان طرف ٻخار ۽ دونهون چڙهڻ شروع ٿئي ٿو ۽ انهن بخارن ۽ دونهين جي ڪري دل تي اونده طاري ٿي وڃي ٿي.گھڻو کائڻ سان علم ۽ ڏاهپ جو خاتمو ٿي وڃي ٿو ڇو ته پيٽ ڀري کائڻ سان عقل ختم ٿي وڃي ٿو.
حضرت يحيٰ بن زڪريا عليه السلام متعلق مشهور آهي ته وٽن ابليس ظاهر ٿيو ته پاڻ ان کان پڇيائون هي تو وٽ ڪهڙيون شيون آهن؟ ابليس جواب ڏنو؛ هي شهوتون ۽ خواهشون آهن جن ذريعي آئون آدم جي اولاد کي شڪار ڪيان ٿو. پاڻ پڇيائون ؛ ڇا انهن مان ڪجهه منهن جي لاء به آهن؟ ابليس چيو؛ نه تنهن جي لاء ڪجھ به ناهي البته هڪ رات توهان پيٽ ڀري کاڌو ته مون توهان جي طبيعت ڳوري ڪري ڇڏي هئي. پاڻ فرمايائون ته منهن جي لاء اڄ کان لازمي ٿي ويو ته آئنده ڪڏهن به پيٽ ڀري نه کائيندس.ابليس چيو؛ بس منهن جي لاء 
 به اڄ کان اهو لازم ٿي ويو ته انسانن کي ڪوبه راز نه ٻڌائيندس

(روزاني مهراڻ 21 جون 2016ع)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو