Tuesday, June 21, 2016

جان جان هئي جيئري….

منصور کوکر
21  جون 1953 تي ڪراچيءَ جي هولي فيملي اسپتال ۾ جنم وٺندڙ پنڪي جي سڄي ڄمار سياسي سفر ۾ جدوجهد ڪندي گذري، جنهن دوران هن پاڪستان جي سياسي ميدان ۾ پنهنجي بهادري، قابليت  ۽ جاکوڙ جا اهڙا نشان ڇڏيا آهن، جن کي ميسارڻ ڪنهن به سياسي جادوگر توڙي آمر لاءِ ممڪن ناهي، اڃا به ايئن چئجي ته ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته سندس تجربا ۽ ڪمال نه رڳو پاڪستان پيپلز پارٽي پر سمورين سياسي پارٽين لاءِ مشعل راه آهن، جن تي هلي هو ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ جمهوري ادارن  کي مظبوط بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار وڌيڪ اثرائتي نموني ادا ڪري سگهن ٿا، بينظير پنهنجي عظيم پيءُ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي لاڏلي ڌيءُ هئڻ کان وٺي هن ملڪ جي عوام جي مقبول ترين اڳواڻ بڻجڻ تائين جو پرخار سفر وڌي همٿ ۽ حوصلي سان طئي ڪيو، جنهن جي سڄي دنيا متعرف آهي، هن کي قيد ۽ بند جون صعوبتون توڙِي جلاوطني جي اذيت برداشت ڪرڻي پئي، سندس عظيم پيءُ، ٻن ڀائرن جا لاش، ۽ پنهنجن جي بي وفائين جا گهاءَ سهڻا پيا، هڪ وقت اهڙو به آيو جو ماڻهن سمجهيو هاڻ ڀٽو خاندان جي سياست ختم ٿي وئي پر دنيا ڏٺو ته هڪ هٿين خالي سنهڙيءَ ڇوڪري ڏونگر ڏاري ڏيکاريا، ۽ نيٺ جنرل ضيا جي 11 ۽ جنرل پرويز مشرف جي 10 سالن جي آمريتي راڄن جي پڄاڻي سندس ئي جدوجهد سان ممڪن بڻي.
بينظير ڀٽو جي ٻنهي حڪومتي دورن ۾ سندس خلاف فوجي بغاوت جون ڪوششون ٿيون جيڪي ناڪام بڻايون ويون، 1989 ۾ اهڙي ڪوشش کي ميڊيا مڊ نائيٽ جيڪالز جو نالو ڏنو، جنهن تحت ڳجهي ايجنسيءَ جي آفيسرن  ذريعي بينظير ڀٽو جي جمهوري حڪومت کي هٽائڻو هو، پر اها سازش ناڪام ٿي وئي، چيو وڃي ٿو ته اها سازش تڏهوڪي صدر اسحاق خان ۽ آرمي چيف مرزا اسلم بيگ تيار ڪئي هئي، پر بحرحال بعد ۾ آرمي چيف مرزا اسلم بيگ آءِ ايس آءِ جي برگيڊئير امتياز جي سرگرمين تي پابندي وجهي ڇڏي هئي.
پاڪستان جو خلائي پروگرام به بينظير ڀٽو جي دور ۾ شروع ٿيو، هن پاڪستان کي جديد رياست  بڻائڻ ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ترقي لاءِ پاڪستان ڊفينس ڪامپليڪس نالي ادارو به قائم ڪيو، سندس پهرئين حڪومتي دور ۾ سيٽلائيٽ بدر 1 ۽ ٻئي دور ۾ بدر 2 جا تجربا ڪيا ويا،هن ملڪ کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪافي ادارا قائم ڪيا ۽ ميزائيل پروگرام شروع ڪرايو، جنهن جي نتيجي ۾ اڄ پاڪستان دفاع جي شعبي ۾ برآمد ڪندڙ ملڪ جي حيثيت رکي ٿو، بينظير ڀٽو جو خواب هو ته سندس ملڪ ڏانهن ڪير به ميري اک نه کڻي سگهي ۽ پاڪستان جو ڳاڻيٽو دنيا ۾ هڪ با وقار ملڪ طور ٿئي، سندس دل  ۾ پنهنجي وطن ۽ ان جي عوام لاءِ بي پناه محبت هئي، هوءَ هر قسم جي ظلم ۽ زيادتي کي ناپسند ڪندي هئي، اهو ئي سبب آهي جو جڏهن نواز شريف پنهنجي حڪومت دوران ڀارت جي جواب ۾ 5 ائٽمي ڌماڪا ڪرڻ کانپوءِ اعلان ڪيو ته هو ڇهون ائٽمي ڌماڪو تڪراري ڪالا باغ ڊيم ٺاهي ڪندو ته محترما بينظير ڀٽو لکين ماڻهو ساڻ ڪري ڪمون شهيد وٽ سنڌ_ پنجاب سرحد تي اهڙو تاريخي ڌرڻو هنيو جو نواز شريف جا ته نٽ بولٽ ڍرا ٿي ويا پر ڪالا باغ ڊيم جي ڦوڪڻي مان به هميشه هميشه لاءِ هوا نڪري وئي، وطن جي ان بهادر اڳواڻ پنهنجي اڻٿڪ جدوجهد سان نانءُ، عزت ۽ عوام جي محبت ڪمائي.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو