Tuesday, June 28, 2016

غفلت ۽ سستي.

شفيق الرحمان شاڪر

امام غزالي رحه فرمائين ٿا ته غفلت  جي ڪري انسان افسوس وچان هٿ مهيٽي ٿو، غفلت خدا جي رحمت کي ضايع ڪري ٿي،عبادت ۾ رنڊڪ بڻجي ٿي ۽ ان سان ملامت ۽ پشيماني ئي حاصل ٿئي ٿي. هڪ نيڪ بندي پنهن جي استاد کي خواب ۾ ڏٺو ۽ کانئس پڇيو ته اوهان سان اللھ تعاليٰ ڪهڙو سلوڪ ڪيو؟ هن جواب ڏنو ته اللھ تعاليٰ مون کي پنهن جي بارگاه ۾ بيهاريو ۽ فرمايو؛ اي مون سان محبت جي دعويٰ ڪندڙ ڪوڙا شخص! تو منهن جي محبت جي دعويٰ ته ڪئي هئي پر پوء به تو غفلت ڪئي.
“زهره الرياض ” ۾ لکيل آهي ته حضرت يعقوب عليه السلام جي ملڪ الموت سان دوستي هئي،هڪ ڏينهن ملاقات ٿي ته يعقوب عليه السلام هن کان معلوم ڪيو ؛ اي ملڪ الموت! تون مون سان ملاقات ڪرڻ آيو آهين يا منهن جو روح قبض ڪرڻ؟ ملڪ الموت جواب ڏنو ته آئون جڏهن به تنهن جو روح قنض ڪرڻ ايندس ته ان کان پهرين ٻه ٽي قاصد موڪليندس.پوء جڏهن حضرت يعقوب جي عمر پوري ٿي ته ملڪ الموت آيو.پاڻ پڇيائون؛ ملڻ آيو آهين يا روح قبض ڪرڻ؟ ملڪ الموت چيوته  روح قبض ڪرڻ آيو آهيان. حضرت يعقوب عليه السلام چيوته ؛ ڇا تو وعدو نه ڪيو هو ته منهن جو روح قبض ڪرڻ لاء اچڻ کان پهرين منهن جي طرف ٻه ٽي قاصد موڪليندين؟ ملڪ الموت چيو ؛ ها، مون ٻه ٽي قاصد پهرين ئي موڪليا هئا،جڏهن ڪارا وار اڇا ٿي ويا ته اهو به منهن جو قاصد هو، اهڙيء طرح جڏهن جسم مان طاقت هلي ويئي ۽ سڌي چيلهه ٻيڻي ٿي جھڪي ويئي ته اهي سڀ منهن جا قاصد هئا.
“ويوڏس وقت ڪيئن گذري، رهيوڇازندگيء حاصل،
اچي ويو  موت  آ سر تي،  اسان  آهيون  اڃا غافل.”
حضرت ابوعلي دقاق رحه فرمايو ته آئون ڪنهن نيڪ شخص جي عيادت ڪرڻ ويس جيڪو موت جي ويجھو هو.هو هڪ عظيم بزرگ هو،هن جا شاگرد هن جي چوڌاريء ويٺل هئا ۽ هو روئي رهيو هو . مون کانئس روئڻ جو سبب پڇيو ته چوڻ لڳو روئان ان ڪري ٿو جو نماز هلي ويئي. مون چيو ته نماز ته توهان پڙهي چڪا آهيو.چوڻ لڳو؛ اڄ تائين دنيا ۾ جيڪو به سجدو ڪيم سو غفلت ۾ ڪيم ۽ اڄ جڏهن مران پيو ته غفلت ۾ مري رهيو آهيان.
“ عيون الاخيار” ۾ حضرت شفيق بلخي رحه جن کان روايت آهي ته ؛ ماڻهو ٽي ڳالهيون چوندا آهن پر عمل انهن ٽنهي ڳالهين جي بلڪل ابتڙ ڪندا آهن.
1.      اهي چوندا اهو آهن ته اسان اللھ تعاليٰ جا بندا آهيون پر هر ڪم پنهن جي مرضيء سان ڪندا آهن جيئن ڪو آزاد بندو ڪندو آهي،اهو قول سندن عمل جي ابتڙ آهي.
2.      اهي اهو به چوندا آهن ته اسان جي رزق ۽ روزيء جو ذمو اللھ تي آهي پر انهن جون دليون دنيا جي دولت حاصل ڪرڻ لاء هروقت بي چين رهن ٿيون،اهو به سندن چوڻ جي ابتڙ آهي،
3.      هو اهو به چون ٿا ته موت برحق ۽ اڻ ٽر آهي پر اهي عمل اهڙيء طرح ڪن ٿا ڄڻ ته انهن کي موت ڪڏهن به نه اچڻو آهي،اها شيء به سندن قول جي خلاف آهي.
حضور ڪريم صلي اللھ عليه وسلم جن فرمايو ته خدا تعاليٰ فرمائي ٿو؛ آئون ان جي ڳالهه مڃان ٿو جيڪو منهن جي مڃي ٿو۽ آئون ان سان محبت ڪيان ٿو جيڪو مون سان محبت ڪري ٿو، آئون ان کي عطا ڪيان ٿو جيڪو مون کان گھري ٿو ۽ آئون ان کي معاف ڪيان ٿو جيڪو مون کان معافي گھري ٿو.”
اللھ تعاليٰ فرمائي ٿوته ؛ جيڪو شخص منهن جي قضا (فيصلي) تي راضي نه رهي، منهن جي پاران آيل آزمائش تي صبر نه ڪري،منهن جي عطا ٿيل نعمتن تي شڪر نه ڪري ۽ منهن جي ڏنل روزيء تي قناعت نه ڪري ته اهڙو شخص مون کان سواء ڪو ٻيو رب تلاش ڪري.
“ رونق المجالس ” ۾ آيو آهي ته ڪنهن ماڻهوء جي ڪا قيمتي شيء وڃائجي ويئي،ياد نه رهيو ته اها شيء ڪنهن کي ڏني هئائين. جڏهن هو نماز پڙهي رهيو هو ته کيس نماز ۾ يادگيري اچي ويئي ته اها شيء هن فلاڻي ماڻهوء کي رکڻ لاء ڏني هئي. نماز ختم ڪندي ئي هن پنهن جي غلام کي سڏيو ۽ چيو ته وڃ ۽ فلاڻي ماڻهوء کان اها شيء کڻي اچ. غلام عرض ڪيو؛ آقا! توهان کي ڪنهن ٻڌايو ته اها شيء فلاڻي ماڻهوء وٽ آهي؟ هن وراڻيو؛ جڏهن آئون نماز پڙهي رهيو هئس ته ان شيء جو مون کي خيال اچي ويو. غلام عرض ڪيو؛ آقا! ان جو مطلب ته نماز ۾ توهان کي اللھ جي نه پر ان شيء جي طلب هئي. هن غلام جا اهي لفظ ٻڌي غلام کي هميشه لاء آزاد ڪري ڇڏيو.

اللھ تعاليٰ قرآن مجيد ۾ ارشاد فرمايو ته؛ “ جن کي آخرت جو فائدو گھربل آهي انهن کي اسين آخرت ۾ وڌائي ڏيون ٿا ۽ جيڪي رڳو دنيا جو فائدو گھرن ٿا انهن کي اسان دنيا ۾ فائدو ڏيون ٿا پر آخرت ۾ انهن لاء ڪجھ به حصو نه آهي.”

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو