Sunday, June 19, 2016

وال پيپر؛سنڌ ۾ ٿيندڙ ڪرپشن ڪڏهن روڪي ويندي؟

نور سنڌي

هميشه سنڌ ۾ مالياتي سال جي پڄاڻي تي جون جولاءِ ۾ ڪلوزنگ کان اڳ مختلف ورڪس کاتن خاص طور روڊس کاتي پاران بنا منصوبابندي جي تڙ تڪڙ ۾ جڳاڙي ڪم ڪرايا وڃن ٿا. سنڌ ۾ جڳاڙي ڪمن ذريعي ڪرپشن خلاف نيب ۽ اينٽي ڪرپشن وارا ميدان ۾ لٿل آهن، ڪرپشن ڪندڙ آفيسرن خلاف ڪات ڪهاڙا کنيو هلن ٿا، پر هن دفعي مالياتي سال جي پڄاڻي تي جون جولاءِ ۾ بنا ڪنهن پلاننگ جي روڊن جو مرمتي ڪم شروع ڪيو ويو، جيڪو جاري آهي. هر سال وانگر روڊن جو مرمتي ڪم اڃا مڪمل مس ٿيندو ته مٿان زوردار برساتون پونديون ۽ تازو ڏامر ٿيل روڊ اکڙي وڃڻ جو امڪان موجود هوندو  آهي. روڊن جي مرمتي ڪم کان فوري بعد برساتن جي ڪري جڳاڙي انداز ۾ روڊن جو جڳاڙي مرمتي ڪم ڪرايو وڃي ٿو ۽ روڊس کاتي وارا روڊن جي جلد اکڙڻ جو ذميوار برساتن کي بڻائين ٿا. هميشه جيان هنگامي حالتن ۾ روڊن جو ٿيندڙ مرمتي ڪم شيڊول مطابق نه ٿيڻ ۽ ڪرپشن جي شڪايتن سان اخبارون ڀريون پيون آهن. اليڪٽرانڪ ميڊيا تي به اهڙيون رپورٽون نظر اچن ٿيون. هن دفعي اهڙيون شڪايتون وڌيڪ نظر اچي رهيون آهن. ميڊيا تي ايندڙ خبرن موجب سنڌ جي مختلف شهرن جا ۽ شهرن کان ڳوٺن ۾ ۽ شهرن کان شهرن ڏانهن ويندڙ روڊن جو مرمتي ڪم شيڊول مطابق نه ٿي رهيو آهي. ڪم ۾ رڪارڊ ٽوڙ ڪرپشن ٿي رهي آهي. مرمتي ڪم ۾ بيڪار پٿر، سائيز کان وڏو پٿر استعمال ڪرڻ ڪري، ڏامر نالي ماتر ايراني ڏامر استعمال ڪري روڊن جي مرمتي ڪم جا ٺيڪا من پسند ٺيڪيدارن کي ڏيڻ جون شڪايتون عروج تي آهن.
سنڌ جي روڊن جي پاسن کان مٽي وجهڻ واري ڪم ۾ به ڪرپشن جون شڪايتون تمام گهڻيون آهن، اصولن روڊن جي ڀرسان کڏا مٽيءَ سان ڀريا ويندا آهن ته ڪو حادثو ٿيڻ جي صورت ۾ جاني نقصان نه ٿئي، پر ڪجهه سالن کان روڊس کاتي وارا اها دانشوري ڪري رهيا آهن ته لنڪ توڙي مين روڊن جي تعميرات توڙي مرمتي ڪم ۾ ڪرين ذريعي روڊ جي ڀرسان مٽي کڻي روڊ جي ڪناري تي وڌي وڃي پئي، جنهن ڪري روڊن جي ڀرسان ائين نظر اچي پيو جهڙو ڪا شاخ يا وڏو واٽر ڪورس کوٽيو ويو هجي. دنيا اندر توڙي اسان جي ملڪ ۾ پنجاب سميت ٻين صوبن ۾ روڊن جي مرمتي ڪم لاءِ مٽي روڊن جي ڀرسان کڻڻ جو تصور به نه آهي، اتي به روڊن ڀرسان جيڪڏهن کڏا آهن ته انهن کي مٽي وجهي ڀريو وڃي ٿو ته جيئن گاڏي روڊ تان لهي وڃي ته انهن کڏن ۾ نه ڪري پر هتي ته روڊن ڀرسان موت جون کاهيون کوٽي روڊن جي ڪنارن تي مٽي وڌي وڃي پئي، جنهن سان خطرناڪ حادثا ٿيڻ جو خطرو وڌي ٿو، ڇوته گاڏيون کوٽيل موت جي کاهين ۾ ڪرنديون ته جاني نقصان ٿيڻ جو انديشو پيدا ٿيندو.
ڪرپشن رڳو اسان جي ملڪ جو مسئلو نه آهي، ڪرپشن سڄي دنيا ۾ ٿئي ٿي، پر اتي گهٽ ۾ گهٽ تعميراتي ڪمن خاص طور تي روڊن جي ڪمن ۾ نه هئڻ برابر ڪرپشن ٿيندي هوندي. ترقي يافته ملڪن ۾ ته روڊس ۽ ٻين تعميراتي ڪمن ۾ ڪرپشن جو تصور به نه آهي، پر بدقسمتي سان اسان جي ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن تعميراتي ۽ مرمتي ڪمن ۾ ڪئي وڃي ٿي.
ماضي ۾ اسان جي ملڪ ۾ به ائين هو، پر بعد ۾ آهستي ڪرپشن وڌندي رهي ۽ هاڻ ته سرڪاري کاتن خاص طور تي ورڪس کاتن ۾ ڪرپشن جو راڄ جو پڙاڏو ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. ميڊيا تي شڪايتون نظر اچن ٿيون. لنڪ روڊ اهڙا ٺاهيا وڃن ٿا جو اڳيان روڊ ٺهندا وڃن ۽ پويان ڊهندا وڃن. روڊن جو مرمتي ڪم اهڙو ٿئي ٿو جو نان ٽيڪنيڪل عام ماڻهو به سمجهي وڃي ٿو ته هنن ڪمن ۾ ڪرپشن ٿي رهي آهي. هتي شهرن کان ڳوٺن ڏانهن ويندڙ روڊن جي ڪمن ۾ ته رڪارڊ ٽوڙ ڪرپشن جون شڪايتون آهن، اڪثر ڪري اهو به ڏٺو ويو آهي ته مرمت ٿيندڙ روڊ ڇهن مهينن يا سال کانپوءِ اکڙڻ شروع ٿئي ٿو، روڊن ۾ کڏا پئجي وڃن ٿا. هن وقت مالياتي سال جي پڄاڻي تي نئين مالي سال کان اڳ سڄي سنڌ ۾ جون کان مرمتي ڪم شروع ڪندي جڳاڙي ڪم ڪيا پيا وڃن. مرمتي ڪم جي پاسن کان روڊس کاتي جو ڪو آفيسر ته پري جي ڳالهه پر ڪو سرويئر به نظر نه اچي ٿو. ورڪس کاتي وارن جو چوڻ آهي ته تڪڙو ڪم ڪرڻ جو سبب لاڳاپيل کاتي پاران جون ۾ ڏوڪڙ رليز ڪيا وڃن ٿا ۽ اسان کي مٿان کان حڪم هوندو آهي ته نئون مالي سال شروع ٿيڻ کان اڳ هر حال ۾ مرمتي ڪم پورو ڪيو وڃي.
ائين لڳي رهيو آهي ته مالي سال جي پڄاڻي تي جون ۾ ڏوڪڙ شايد ان لاءِ رليز ڪيا وڃن ٿا ته ڀلي جڳاڙي ڪم ڪري ڪرپشن ڪئي وڃي. هن دفعي سنڌ جي ڪجهه علائقن مان چونڊيل نمائندن پاران به اهڙن جڳاڙي ڪمن تان ڪميشن وصول ڪرڻ جون شڪايتون اچي رهيون آهن. اڳ ورڪس کاتي جي آفيسرن لاءِ تعميراتي ۽ مرمتي ڪم لاءِ ساڍا 7 سيڪڙو ڪميشن وصول ڪرڻ جو پڙاڏو ٻڌڻ ۾ ايندو هو، هاڻ 25 سيڪڙو ڪميشن جو پڙاڏو ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. ڪن علائقن مان چونڊيل نمائندن ۽ اقتداري ڀوتارن پاران الڳ ڪميشن وصول ڪرڻ جون ڳالهيون به ٻڌڻ ۾ اچي رهيون آهن. روڊن جي مرمتي ڪمن ۾ ڪرپشن خلاف ميڊيا تي ايندڙ خبرن تي نيب توڙي اينٽي ڪرپشن جي عملدارن پاران نوٽيس نه پيو ورتو وڃي. جيڪڏهن اهڙين شڪايتن تي بروقت ڪارروايون ٿيڻ شروع ٿين ته ڪرپشن کي ڪنهن حد تائين ٻنجو اچي سگهي ٿو. هنن اداري جي خاموشي سمجهه ۾ نه اچي رهي آهي.
سانگهڙ ضلعي ۾ روڊن جي مرمتي ڪم جو ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو. هن ضلعي مان تيل ۽ گئس جا وڏا ذخيرا هٿ آيا آهن. تيل ۽ گئس ڪمپنين پاران قانوني طور روڊن جي مرمتي ۽ ٻين ڪمن لاءِ ويلفيئر فنڊ رکيو ويندو آهي، پر هتي تيل گئس ڪمپنين پاران روڊن جي مرمتي ڪمن لاءِ رکيل رقمون ڪيڏانهن ويون. ان جو جواب اهي ڏئي سگهن ٿا، پر تيل ۽ گئس ڏيندڙ سانگهڙ ضلعي جا کنڊرات بڻجي ويل روڊن خلاف ضلعي سانگهڙ جي ڪجهه عوام دوست وڪيلن پاران ڪورٽ ۾ ڪيس ڪرڻ بعد خبر پئي ته رڪارڊ ۾ مختلف روڊن جا ڪيترائي ڀيرا مرمتي ڪم ڪوڙن بلن ذريعي ڏيکاريا ويا آهن. ڊگهي عرصي بعد عوامي شڪايتن تي ايم اين اي روشن الدين جوڻيجو جي ڪوششن سان ضلعي اندر ڊگهي عرصي بعد پهريون دفعو تقريبن نئين روڊن جي مرمت جو ڪم جاري آهي، پر هتي به ان ڪم ۾ رڪارڊ ٽوڙ ڪرپشن وارين شڪايتن سان اخبارون ڀريل نظر اچن ٿيون. سوشل ميڊيا تي به مختلف شهرن مان ساڃاهه وند ڌرين پاران اهڙيون رکيل پوسٽون نظر اچي رهيون آهن، پر سنڌ جي ٻين ضلعن جيان سانگهڙ ضلعي ۾ به نئين ۽ لنڪ روڊن جي مرمتي ڪم ۾ ڪرپشن وارين شڪايتن تي نوٽيس وٺي ڪارروايون ٿيندي نظر نه آيون آهن، جنهن ڪري ڊگهي عرصي بعد ضلعي جا مرمت ٿيندڙ روڊ جلد اکڙي ويندا ۽ وري ضلعي جا روڊ کنڊر بڻيل هوندا. سانگهڙ ضلعي  اندر ايڊيشن ڊمانڊ تحت روڊن جي شيڊول مطابق ڪم نه ٿيڻ ناقص ڪم ذريعي ڪرپشن ٿيڻ وارين شڪايتن کان مون سميت ضلعي جي ڪيترن ئي ساڃاهه وند ڌرين ڊي سي عمر فاروق بلو کي آگاهه ڪرڻ تي پهرين ته حيرت جو اظهار ڪرڻ بعد اهو معلوم ڪيو ته ڪهڙا روڊ نه ٺهي رهيا آهن ۽ ان بابت کيس ٻڌايو ويو ته مرمت ٿيندڙ سڀني روڊن جو اهو حال آهي، کيس ميڊيا تي ايندڙ خبرن ڏانهن به ڌيان ڇڪايو ويو ته پاڻ ڪرپشن ڪندڙ روڊس کاتي جي آفيسرن ٺيڪيدارن خلاف ڪارروائي جي يقين دهاني ڪرائڻ جي باوجود اڃا تائين ان ڏس ۾ ڪا به ڪارروائي ٿيندي نظر نه آئي آهي.
سوال اهو ٿو اڀري ته سڄي سنڌ مان روڊن جي مرمتي ڪمن ۾ ڪرپشن ۽ ٺيڪا من پسند ماڻهن کي ڏيڻ وارين شڪايتن جو نوٽيس وٺي ملوث آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي يا ماضي وانگر عوام جون ميڊيا تي ايندڙ انهن شڪايتن ڏانهن ڪو به توجهه نه ڏئي ڪرپشن ڪندڙن جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي؟ اسان سنڌ جي وڏي وزير سميت پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، نيب ۽ اينٽي ڪرپشن جي چيئرمين کي هن معاملي طرف ڌيان ڏيڻ ۽ نوٽيس وٺي ڪارروائي ڪرڻ لاءِ گذارش ڪنداسين ۽ آئنده مالياتي سال جي پڄاڻي تي ڏوڪڙ رليز ڪري تڪڙ ۾ جڳاڙي ڪم ڪرائڻ بجاءِ اهي ڏوڪڙ سيپٽمبر تائين رليز ڪرڻ واري عمل کي يقيني بڻائڻ جي درخواست ڪنداسين. اهڙي عمل سان ڪرپشن روڪي سگهبي ۽ روڊن جي ڪم کي شفاف بڻائي سگهجي ٿو، بهرحال سنڌ جي روڊن سميت ترقياتي ڪمن ۾ ڪنهن به صورت ۾ ڪرپشن برداشت نه ڪئي وڃي.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو