Saturday, June 25, 2016

اويس شاهه جي اغوا جي واردات جا پيرا…

مظهرخا صخيلي
                         ٻه ڏينهن اڳ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سجاد علي شاهه جو پٽ بيريسٽر وڪيل سيد اويس شاهه ڪراچي جي  ڪلفٽن واري علائقي ۾ آغا سپر ما رڪيٽ ما ن خريداري ڪرڻ جي لاءِ پهتو ته کيس سرڪاري اهلڪارن جون ورديون پهريل 10 کان مٿي نا معلوم ما ڻهون کيس مزاحمت ڪرڻ با وجود هڪ سرڪاري نمبر پليٽ واري گا ڏي ۾ وجھي ڪنهن نا معلوم هنڌ ڏانهن اغوا ڪري کڻي ويا آهن ۽ اها ڳالهه پڻ فوٽيج ۾ ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي ته سرڪاري ورديون پهريل جيڪي چيف جسٽس سجاد علي شاهه جي پٽ کي اغوا ڪري کڻي وڃي رهيا هئا .انهن سمورن اغوا ڪندڙن جي هٿن ۾ جي ٿري جا اوزار هئا جيڪا ڳالهه ڪراچي اندر بار بار امن امان ڪرائڻ جون ڳا لهيون ڪندڙ سيڪيورٽي ادارن جي جيڪا پت وائکي ٿي ڪري ان جو جواب شايد رينجر جي ڊي جي ۽ آءِ جي سنڌ وٽ هجي ۽ انهن کان ڪير پڇا ڻو ڪري ته جن اغوا ڪندڙن وٽ جي ٿري جا هٿيار آهن ان جي ٿري جي لائيسن تي هن ملڪ اندر پا بندي مڙهيل آهي ته پوءِ انهن سمورن اغوا ڪندڙ ن جي هٿن ۾ جي ٿريون ڪيئين ۽ ڪٿان آيون ان کان به وڌيڪ جيڪا ڳالهه سيڪيورٽي ادارن جي جيڪا پت وائکي ٿي ڪري اها هئي آهي ته ڪراچي جهڙي اهم ڪا روبا ري شهر اندر هڪ سرڪاري نمبر واري ڪار جيڪا ايڊو وڪيٽ سيداويس شاهه جي اغوا لاءِ استعمال ٿيل پوليس ڪا ر ايس پي 0585  واري ساڳئي نمبر پليٽ جي گا ڏي پو ليس جي ايس ايس پي فيض الله ڪوريجو جي استعمال هيٺ پڻ آهي جنهن جي لا ءِ ڏسيو ٿو وڃي ٿو ته هو ڪجهه ڏينهن پهريان ايس ايس پي جا چ ڏکڻ مقرر ٿيل هو جنهن کي اتان بدلي ڪرڻ کان پوءِ ها ڻي کيس ايس ايس پي ڪراچي مقرر ڪيو ويو آهي ان جي گا ڏي جي پليٽ هٿيار بند هڻي ايڏي وڏي وا ردات آساني سان ڪري ويا آهن ۽ ان کا ن به وڌيڪ ڏکوئيندڙ ۽ ڪراچي اندر امن امان ڪرائڻ جون وڏيون داعوائون ڪندڙ ن جي پت ان مان به ظاهر ٿئي ٿي ته ها ءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سيد سجاد علي شاهه جي اغوا واري ڳالهه ان وقت تائين ڳجھن ادارن ۽ پوليس کاتي کان لڪيل هئي جنهن وقت تائين ها ءِ ڪورٽ مان انهن ادارن کي فون ڪري ان ڳالهه جو ا طلاع نه ڏنو . هئي ٿوري ڳالهه ناهي .
هڪ صوبي جي چيف جسٽس جو پٽ اغوا ٿي ويو آهي ۽ ان صوبي جي  وسيلن مان پگھار کڻندڙ انهن ادارن جي اهلڪار ن کي ڪا خبر ناهي  انهن کان ڪير پڇا ڻو ڪندو جيڪڏهن ڪنهن ترقي يا فتا  ملڪ جي اندر ائين ٿئي هان ته اتي سڀ کان پهريان انهن ڳجھن ادارن کان پڇا ڻو ڪيو وڃي هان ته هي واقعو ڪيئن ۽ ڇو پيش آيو آهي پر هتي اهو سڀ ڪجھه ٿيڻ ڪا نئين ڳالهه نا هي ان جي ڪري هن وقت تا ئين ان ڳالهه جو پتو پئجي ناهي سنڌ جي موجوده چيف جسٽس سجاد علي شاهه جي پٽ کي زمين ڳهي وئي جا وري آسمان جھٽي ويو جو هن وقت تائين ان جو ڪنهن قسم جو ڪو ڏس پتو پئجي نا هي سگھيو.تنهن ڪري ڪراچي اندر اڃان به انهن ڏوهاري قسم جي ما ڻهن خلاف آپريشن وڌيڪ تيز ڪرڻ گھرجي ۽ خا ص ڪري مذّهب جي اوٽ ۾ دهشت گردي ڪندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش ڪرڻ نه گھرجي ڇو ته سيد اويس علي شاهه جي اغوا ۾ به انهن مذهبي دهشت گردن جي ملوث هجڻ جا امڪان ڏيکاريا پيا وڃن سوال وري به اهو ٿو پيدا ٿئي ته آخر اهي ڪهڙا ڪا رڻ آهن جو اڃان تا ئين ڪراچي مان صحي نموني سان اغوا ڪندڙن کي ختم ناهي ڪيو ويو ڇا اسان جا اهي سيڪيورٽي ادارن جا سربراهه پنهنجو احتساب ڪندا يا  نه اهو ته وقت ٻڌائيندو ۽ اهو به سچ آهي ته جڏهن اي ڊي خواج سنڌ جو آءِ جي پوليس بڻيو هو ان وقت سنڌ جي ڪيترن ما ڻهن ان ڳالهه کي ميڊيا جي آڏو اچي بيان ڪندي اهو اظهار ڪيو هو ته ها ڻي پوليس کا تي اندر سڌارا آندا ويندا پر هن وقت تا ئين اڃان به پوليس کا تي اندر اها ٻڌ ڇوڙ واري پرا ڻي روايت برقرار آهي ۽ اڄ به ٿا ڻن تي بيگناهه واڙيا وڃن ٿا ۽ اڄ به ڪنهن نه ڪنهن با اثر جي چوڻ تي ٿا ڻن جا ايس ايڇ او مٽايا ۽ رکيا وڃن ٿا جيڪي اڄ تا ئين سنڌ اندر ان سا ڳئي پرا ڻي نموني سان ڊامائي انداز سان مقابلا ڏيکاري ڪيترن مائرن جي اولاد کي گوليون هڻي سا ڳئي ان پرا ڻي انداز سان ماري سندن لاشن کي روڊ رستن سان اڇلائي ڪنهن نه ڪنهن مير، پير،ڀوتار جي بنگلي اوطا ق تي پهچي دعوتون کا ئڻ واريون محفلون مچائن ٿا جيڪي اڄ به ان سا ڳي پرا ڻي انداز سان جاري آهن ۽ سڄي سنڌ ۾ ڪٿي به ڪا اهڙي پو ليس کا تي اندر تبديلي ڏسڻ ۾ نٿي اچي جيڪا سنڌ ۾ پوليس کاتي اندر اي ڊي خواجه جي آءِ جي پوليس ٿيڻ کان پوءِ ڏسڻ ۾ اچي. بئريسٽر اويس شاهه جي اغوا واري خبر کان پوءِ  ڪراچي جي انتظاميه پوليس ۽ رينجرز ۾ نه رڳو ٿرٿلو مچي چڪو آهي پر اغوا جي هن واردات جي مختلف رخن تي ويچار لاءِ گڏ جا ڻين پٺيان گڏجا ڻيون ٿي رهيون آهن. سنڌ جي آءِ جي پو ليس اي ڊي خواجه جو چوڻ آهي ته اغوا جي ان ان واردات مان لڳي ٿو اها واردات ڀنگ جي لاءِ ناهي ڪئي وئي ان واردات جي حوالي سان ڪجهه ڌرين ۽ حلقن جو خيال آهي ته ان واردات جو اصل ۾ مقصد اهو آهي ته مو جوده چيف جستس مٿان دٻاءُ وڌو وڃي ۽ هن وقت تا ئين بئريسٽر اويس شاهه کي اغوا ڪندڙن پاران ڪنهن قسم جي فون يا وري ڪو ٻيو رابطو ڪري ڪو به مطا لبو سا مهون اچي ناهي سگهيو ۽ نه وري اهو اندازو لڳي سگھيوآهي کيس ڏوهارين جي ڪهڙي گروپ اغوا ڪيوآهي يا بندش پيل تنظيم يا ڪنهن سيا سي جماعت جي عسڪري ونگ يا لياري گينگ وار سان لاڳاپيل ڪنهن گروپ اغوا ڪيو آهي. اغوا جي واردات پنهنجي اکين سان ٿيندي جن ما ڻهن ڏٺي هئي انهن جو چوڻ آهي ته اغوا ڪندڙ جوابدار نهايت ئي سکيا ورتل ڏوهاري لڳي رهيا هئا ۽ انهن جنهن تيزر فتاري سان اها ڪارروائي ڪئي تنهن مان لڳي ٿو ته ڏوهارين با قا عدي پلانگ ڪري اويس شاهه کي اغوا ڪيو آهي. هونئن به جيڪي سي سي فوٽيج سا مهون آيا آهن تن مان مان به اهو ظا هر ٿيو آهي ته اغوا ڪندڙ ن سنڌ ها ءِ ڪورٽ جي عمارت کان ئي سندس پيڇو ڪيو هو. اغوا جي ان وا ردات کانپوءِ وڪيل برادري ۾ ته ڪا وڙ جي لهر ڊوڙي وئي آهي پر ان واردات ڪراچي آپريش بابت به ڪيترائي سوال کڙا ڪري ڇڏيا آهن ۽ اها ڳا لهه هڪ دفعو ٻيهر سگھا رو آواز بڻجي سامهون آئي آهي ته ڇا ڪراچي آپريشن کان پوءِ جيڪو امن نظر اچي رهيوآهي اهو عا رضي امن آهي يا ڪرا چي اندر سمورو شروع ڪيل آپريشن به ڪنهن فلم جيان هڪ ٽيلر هو. ان جي ڪري ها ڻي جيترا ما ڻهن جا ذهن آهن اوترا سوال ڪري رهيا آهن ۽ گھڻي ڀاڱي اهو سوال به ڪيو ٿو وڃي ته ڪراچي ۾ جن دهشتگردن ڀتا خورن ۽ ٽا رگيٽ ڪلرز رت جي راند ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي هئي ڇا انهن سڀني جو خا تمو ٿي چڪو آهي يا اهي سڀ پنهنجن ٻرن ۾ لڪي ويٺل آهن ۽ جڏهن به موقعو ملندو اهي دهشتگرد هڪ ڀيرو ٻيهر نڪري نروار ٿيندا ۽ پوءِ هڪ دفعو ٻيهر خوني فلم هلڻ شروع ٿي ويندي جيڪا ڳالهه معمولي نه سمجهي وڃي ۽ هن ڀيري معا ملو ان جي ڪري به سگھين آهي جو هڪ سٺي سا ک رکندڙ سنڌ ها ءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي پٽ کي اغوا ڪيو ويو آهي.
اها سٺي ڳا لهه آهي ته سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه سنڌ ها ءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سجاد علي شاهه جي گھر وڃي سندس پٽ ايڊووڪيٽ اويس علي شاهه جي اغوا ٿي وڃڻ تي همدردي جو اّظهار ڪرڻ سان اهو چيو ته سنڏ حڪومت اويس شاهه جي آزادي جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪندي ان جي ڪري سو چڻ ۽ سمجھڻ جي ڳا لهه اها  آهي ته اڃان چيف جسٽس سيد سجاد علي شاه جو وڪيل پٽ اويس علي شاهه با زيا ب ٿي گھر نا هي پهتو  ته مٿان وري ٽن ڏينهن اندر هڪ ٻيو وڏو واقعو 22 جون تي منجھند جو 3 وڳي لياقت آباد جي 10 نمبر واري علائقي ۾ نا معلوم هٿيار بندن عالمي شهرت يافته قوال امجد صا بري جي ڪار جي اڳيان اچي کيس 6 کان مٿي سديون گوليون هڻي شهيد ڪري ڇڏيو.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو