Saturday, June 25, 2016

”تون پڇين ٿو پرين مان هليو ڇو ويس“ الهه ڏني خاصخيليءَ جو وڇوڙو.


علي ڏنو جروار
خبر ناهي سنڌ جي سريلن آوازن کي ڪنهن جي نظر لڳي وئي آهي. ويجهڙائيءَ ۾ سنڌ جا سٺا ۽ ناليوارا راڳي حادثن جو شڪار بڻجي رهيا آهن. سرمد سنڌي ۽ صادق فقير کانپوءِ الهه ڏنو خاصخيلي به روڊ حادثي جو شڪار ٿيو آهي. سنڌ جا راڳي خبر ناهي ڇو اسان کان ائين بي درديءَ سان وڇڙي رهيا آهن. الهه ڏنو خاصخيلي 25 جنوري 1966ع ۾ سنڌ جي هڪ سٺي راڳي ۽ موسيقار علي محمد خاصخيلي جي گهر ۾ پيدا ٿيو، سندس تعلق ميرپور بٺوري سان آهي، جنهن کي ڪنهن وقت سنڌ جو ويٽنام سڏيو ويندو هو. جيئن ته الهه ڏني هڪ اهڙي گهر ۾ اک کولي جنهن ۾ اڳ ئي راڳ ۽ ساز موجود هو، تنهن ڪري هي به ننڍپڻ کان ئي انهن ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو. الهه ڏني خاصخيليءَ جي استاد غلام حسين رنگريز ٻڌايو ته هي 10 سالن جي عمر کان ئي موسيقيءَ ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو. ياد رهي الهه ڏني خاصخيلي کي شاعري، غلام حسين رنگريز چونڊي ڏيندو هو، جنهن کانپوءِ هُو ڌنون ٺاهي ۽ انهيءَ گيت، غزل وائي ۽ ڪافيءَ کي عوام آڏو پيش ڪندو هو. الهه ڏني خاصخيلي جو والد جيڪو موسيقيءَ ۾ سنڌ جي ڀلوڙ راڳي استاد محمد جمن جو شاگرد هو، جنهن جو اثر الهه ڏني ۽ سندس خاندان جي ٻين ڳائڻن تي به موجود آهي.
الهه ڏني جو پيءُ ٽريننگ ڪاليج بٺوري ۾ موسيقيءَ جو استاد هو، تنهن ڪري هِن کي به ميٽرڪ پاس ڪرڻ سان ئي ماستريءَ جي نوڪري ملي وئي، جڏهن ته سندس رڳ رڳ ۾ موسيقي سمايل هئي، جنهن جي ڪري الهه ڏني کي 22 سالن جي عمر ۾ ئي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڳائڻ جو موقعو مليو. ان وقت ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو اسٽيشن ڊائريڪٽر عنايت بلوچ هو، جنهن کيس چانس ڏنو. الهه ڏنو خاصخيلي سنڌ جو نيم ڪلاسيڪل ۽ لوڪ فنڪار هو، سندس گائيڪيءَ ۾ لوڪ توڙي ڪلاسيڪل رنگ شامل هئا. هُو سدائين سٺي شاعري ڳائيندو هو، جنهن ڪري کيس سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پسند ڪيو ويندو هو. الهه ڏني خاصخيلي، شاهه لطيف، سچل سرمست، شيخ اياز، سرويچ سجاولي، غلام حسين رنگريز، سيد اڪبر ۽ آڪاش انصاريءَ جي شاعري ڳائي خوب داد حاصل ڪيو. سندس ڳايل ڪيترائي گيت سنڌ توڙي هند ۾ مشهور آهن، جن ۾ سرويچ سجاوليءَ جو ”جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون“ شيخ اياز جو ”ڪينجهر تنهنجي ڪنڌيءَ تي ڪو ته تماچي اچڻو آ“ غلام حسين رنگريز جو ”هِن دل ۾ سڄڻ ارمان لکين آهن“ ۽ آڪاش انصاري جو ”پرين تون پڇين ٿو ته مان هليو ڇو ويس“ تمام مقبوليت ماڻي.
الهه ڏني خاصخيلي کي ننڍپڻ کان ئي سٺا استاد ۽ ساٿي مليا، جن جي رهنمائي سبب هُن تمام گهڻي ڪاميابي حاصل ڪئي، انهن رهنمائي ڪندڙن ۾ غلام حسين رنگريز کانپوءِ ٻيو نالو سيد اڪبر جو آهي، جيڪو پڻ سنڌ جو بهترين شاعر، استاد، مقرر، موسيقيءَ جو ڄاڻو ۽ لطيف جو پارکو هو، انهن جي صحبت ۽ رهنمائيءَ ۾ الهه ڏني تمام گهڻي ڄاڻ حاصل ڪئي ۽ نالو ڪمايو. هونئن ته سڄي سنڌ ۾ ڪيترائي نالي وارا فنڪار موجود آهن، پر لاڙ سنڌ جي حوالي سان الهه ڏني خاصخيلي جي خاندان جي موسيقيءَ ۾ تمام گهڻي اهميت آهي. الهه ڏنو خاصخيلي ملڪ کان ٻاهر به موسيقيءَ جي هاڪ ڄمائي چڪو آهي.
اسان سڀئي سندس بي وقتي ۽ ڏکوئيندڙ وڇوڙي تي افسوس ۾ ورتل آهيون. ڏک جي هِنن گهڙين ۾ الهه ڏني خاصخيلي جي خاندان سان برابر جا شريڪ آهيون، هنن ڏکين لمحن ۾ هن جي پونئيرن کي صبر ۽ تحمل جي اپيل ڪريون ٿا. الهه ڏني خاصخيلي پنهنجي زندگيءَ جا 30 سال موسيقيءَ کي ارپيا آهن، جنهن ڪري سنڌ سدائين کيس مانائتن جذبن سان ياد ڪندي رهندي. الهه ڏني خاصخيلي جي خاندان جي ٻين فردن مان به اِها اُميد ڪجي ٿي ته هُو پنهنجي روايت کي جاري رکندي سنڌ موسيقيءَ جي خدمت ڪندا رهندا ۽ سنڌ واسين کي به هِيءَ اپيل ڪجي ٿي ته هِن سدا بهار خاندان جي ڀاتين جو هر هنڌ دل جي گهرائين سان آڌر ڀاءُ ڪيو وڃي. موسيقي هڪ اهڙي شيءِ آهي، جيڪا سدائين موجود رهندي آهي. اميد آهي ته سنڌ جا رهواسي الهه ڏني خاصخيلي جي ڳايل ڪلامن ۽ گيتن کي ٻڌندا رهندا ۽ کيس داد ڏيندا رهندا.
هِن وقت هونئن به سنڌ ۾ ڪلاسيڪل راڳين ۽ سٺن فنڪارن جي کوٽ آهي، جيڪي ڪجهه بچيل آهن، اُهي به اسان کان هِن انداز ۾ وڇڙي رهيا آهن، انهيءَ جي دانهن ڪنهن در ڏجي. هِن ڪيسٽي دور ۾ الهه ڏني خاصخيلي، سرمد سنڌي، صادق فقير جهڙا فنڪار پيدا ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو مسئلو آهي. هي فنڪار به تمام گهڻي محنت ڪرڻ کانپوءِ منظر تي آيا آهن، جن جي وڇڙڻ تي هر سنڌ واسي ڳوڙها ڳاڙڻ تي مجبور آهي. ڇاڪاڻ ته جيڪو اصل ۽ نج راڳ آهي، اُهو ڳائڻ وارا هاڻ آهستي آهستي ختم ٿي رهيا آهن ۽ انهن جي جاءِ اهڙا ڳائڻا ۽ فنڪار وٺي رهيا آهن، جن کي موسيقيءَ جي ستن سرن جي به ڄاڻ نه آهي. کين ڪابه خبر نه آهي ته راڳ ڪهڙيءَ شيءِ جو نالو آهي، ڪهڙو راڳ ڪهڙي وقت ڳائبو آهي، ڪهڙو راڳ اسر جو ڳائبو آهي ته ڪهڙو راڳ سنجهي وقت ڳائبو آهي. پراڻا راڳي استاد منظور علي خان، ڍول فقير، استاد محمد يوسف، استاد محمد جمن، استاد محمد ابراهيم ۽ ٻيا اهڙا راڳي هئا، جيڪي ديپڪ راڳ کي پنهنجي ٽائيم تي ڳائيندا هئا ته وري راڻي کي آخري وقت تي يعني فجر مهل ڇيڙيندا هئا. پر هاڻوڪن لوڪ توڙي ٻين فنڪارن کي فن متعلق ڪابه ڄاڻ نه آهي، بس مڙئي زبان مان آواز ڪڍي ڄاڻن، باقي وڌيڪ کين ڪا گهڻي واقفيت راڳ مان ناهي. ائين به ناهي ته سنڌ مان راڳ جو مڪمل خاتمو ٿي ويو آهي، اڃا به سنڌ ۾ شفيع فقير ۽ مانجهي فقير جهڙا راڳي موجود آهن، پر پوءِ به سنڌ ۾ الائي ڇو مون کي سٺن راڳين جي کوٽ محسوس ٿي رهي آهي. اسان وٽ اتفاق سان ڪا اهڙي اڪيڊمي وغيره به ناهي، جيڪا باقاعدگيءَ سان ڪلاسيڪل ۽ نيم ڪلاسيڪل راڳ جي ڪا سکيا ڏئي، باقي پنهنجي طور تي راڳ سکي آيل ۽ پيدا ٿيل ڳائڻن مان هاڻي ڪيترائي موڪلائي چڪا آهن ۽ باقي وڃي ڪجهه بچيا آهن، سي به گهڻي ڀاڱي تڪليفن، بيمارين ۽ مشڪلاتن ۾ مبتلا آهن. خود الهه ڏني جو والد صاحب علي محمد به ڪافي عرصي کان تڪليفن ۾ مبتلا آهي. آئون الهه ڏني خاصخيلي جي وڇوڙي تي شيخ اياز جي هيءَ سٽ دهرائيندس ته، ”ڏور ٿيندا وڃن، روز جوڳيئڙا، تون اڃان پيو جئين هاءِ ڙي هينئڙا“. مون کي هِي سٽون لکندي ڏک ۽ تڪليف ٿي رهي آهي ته الهه ڏني خاصخيلي جهڙا املهه موتي منهنجي شهر ٽنڊوالهيار ڀرسان روڊ حادثي جو شڪار ٿي ويا آهن، هن کان وڌيڪ ٻي ڪابه ڏک ۽ افسوس جهڙي ڳالهه نه آهي. بس آڪاش انصاريءَ جون هي سٽون ذهن تي تري رهيون آهن ته، ”تنهنجي ڪاڪل جي قيدي ٿيڻ کان اڳي، تون پڇين ٿو پرين مان هليو ڇو ويس، مان هليو ڇو ويس....“


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو