Wednesday, June 22, 2016

وال پيپر ؛ 50 هزار نوڪريون ڪنهن کي ملنديون؟!

شبير سوڍڙو
پاڪستان جي ٻين صوبن کان گهڻو تڻو مصيبتون سنڌ پئي برداشت ڪري، ڀلي ڇو نه سنڌ جو عوام خوش باش هجي يا رنج هجي پر تڪليفن سندن مٿو ڀت سان ضرور لڳايو هوندو ۽ آهي، پاڪستان ٺهڻ کان وٺي هينئر جي 2016ع دوران حساب ڪتاب ڪجي ٿو ته سنڌ مصيبتون، آفتون، ڪرپشنون ۽ ٻيا  ڏکيا معاملا ڀوڳي ڀوڳي ٿڪجي پئي آهي، هرڪو اهو سمجهي خوش ٿئي ته آءٌ ڪنهن اداري ۾ ڪراچي  ۾ 18 هين گريڊ جي نوڪري ۽ فليٽ جو مالڪ آهيان، صرف 18 هين گريڊ ۽ فليٽ سان خوشيون سڀني کي ته نه ملنديون، ڪراچي،ڪشمور کان ڪارونجهر تائين نظر ڦيرائي ڏسو سنڌي ماڻهن ڪيترا ته ويچارا آهن. ڀلي اهي پنهنجي ڊڙنگ ڊڙنگ وڏيرن ۽ پيرن کي ووٽ ڏئي ۽  ٽوپي ڪياڙ تي رکي ڊاڙون هڻندو وتي ته منهنجو ايم پي اي يا ايم اين اي، وڏيرو يا پير ههڙو تهڙو پر سندن ڏکن ڏوجهرن وقت کيس ڪم نه ايندو ۽ نه آيو آهي.
بهرحال مون اڳ ۾ لکيو هو ته سنڌ جي پيش ٿيندڙ ۽ گذري ويل بجيٽ ۾ 50 هزار نوڪريون ظاهر ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي پر تمام سٺي ڳالهه آهي، سنڌ جي ماڻهن جا ڀاڳ کلي ويا، ڪنهن جي نصيبن سان ڪهڙو ٿو سينو تاڻي سگهجي، ڏسڻ ۽ ٻڌڻ ۾ آيو ته ڪجهه لکيل پڙهيل ۽ اڻ پڙهيل نوجوانن فوٽو اسٽيٽ دڪانن تي ديرا ڄمائي ڇڏيا آهن، پيا ٿا سيٽ ٺاهي رکن ته اجهو ٿي نوڪري جهولي ۾ پئي ۽ سندن ايم پي اي ۽ ايم اين اي سڏي آرڊر ڏيڻ وارا آهن يا ڏيندا. انهن ۾ ڪجهه وري نان پيپپلا به آهن، جيڪي مايوسي جو اظهار ڪري رهيا آهن ته پيپلن کي نوڪريون ملنديون ته اسان ليگلا ڪيڏانهن وينداسين، بهرحال سنڌ ته سڄي سنڌ آهي، اسان  انهي ۾ ڪو به فرق رکڻ نه ٿا چاهيون پر فرق رکڻ وارا فرق ضرور رکندا.
خير سان اهو به ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته انهن پنجاهه هزار نوڪرين مان في ايم ايم پي اي يا ايم اين اي کي 5 سئو نوڪريون ڏنيون وينديون جيئن اهي پنهنجن علائقن ۾ ورهائين ۽ بيروزگاري کي ٻنجو ڏين. اسان کي اڳ وارا ڀئه ڀولا، شڪ شبها دل ۾ مانڌاڻ مچائي رهيا آهن ته اهي نوڪريون هي همراهه ڏيندا ته ڪنهن ڪنهن کي ڏيندا، ديڳ جي ڀت وانگر ته نه هوندو ته بابا ڦلاي کي ٿيلهي ۾ پليٽ ڀري وجهي ڏي. هي نوڪريون آهن. اڳ جي مليل آرڊرن وارا سڙڪن تي رلندا ٿا وتن، خاص طور ماستر ويچار اڳ ۾ الائي ڇاڇا وڪڻي ڏوڪڙ ڀري ڀرتي ٿيا، ميڊيڪل ٿيا، ويڪنٽ ۽ ان ويڪنٽ تي ڊيوٽيون به ڪيون سندن سروس بوڪ ۽ فائل به تيار ٿيا پر خبر تڏهن پئي جڏهن  انهن جو منهن ڪورٽن ڏانهن موڙيو ويو، سنڌ واسين کي اڳ ۾ اها به خبرچار ضرور رکڻ گهرجي ته اڳ جن حالتن مان نوڪريون جا آرڊر ملڻ وارا رلندا ۽ رمندا ٿا وتن پر سندن هينئر جي راءِ ڇا  آهي ۽ ڇاٿا سمجهون ته اهي نوڪريون مفت ۾ ملنديون يا نه،
جيستائين ڀوتارن کي 5، 5 سئو  نوڪرين جي ڪوٽا ملي اڳ ۾ انهن کي گهرائي پڇيو وڃي ته سائين انهن جي ورهاست ڪيئن ٿيندي، اهي نوڪريون ملنديون ڪيئن ۽ ڇا انهن جي اڳ ۾ جي آءِ ٽي ٺهندي، انهن کي گهڻن مهينن جا اڳ واريون تاريخون هڻي ته آرڊر نه ڏنا ويندا.ا ڳ وارين نوڪرين جي سنڌ ۾ ورهاستن جي سزا ڀوڳي چڪا آهيون، پوءِ اها مها ٻوڏ کان ويندي ٿر جي ڌڪار، ڌک سور، بيمارين، ويا مور مري هنج نه رهيو هيڪڙو تائين ڪٿي ڪنهن به شئي جي چڱائي جي اميد هاڻي رکون ٿا  يا نه اهو ايندڙ وقت ٻڌائيندو جڏهن اڳ وارن دربدر ماسترن ۽ ٻين کي نوڪرين تي بحال ڪري انهن کي پگهارون ڏئي پوءِ انهي 50 هزار جي ورهاست ٿئي ته ڪيڏي نه سنڌ جي عوام  کي خوش خبر ملندي، اسان اميد ٿا ڪريون ته نوڪرين جي ورهاست دربدر ٿيڻ کان بچائي پوءِ  ڪئي وڃي ته بهتر آهي.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو