Monday, June 27, 2016

ادبي پڪوڙا ؛ انگلش ميڊيم اسڪول کوليو!


 اوهين“ انڊر ميٽرڪ” هجو يا وري“ اندران ميٽرڪ” هجو ،ساڳي ڳالهه آهي.ڳڻتيء جي ڪا ڳالهه ناهي.ڊگري يافته گريجوئيٽن وانگي پنهن جي بي روزگاريء جو ماتم ڪرڻ بدران “خود روزگار اسڪيم”  تحت پنهن جو اسڪول کولي وٺو.ٻاهرئين بورڊ تي اسڪول جي نالي سان گڏ “ انگلش ميڊيم ” جا لفظ ضرور لکائجو.ڪنڊ واري ڪنهن بيڪار ڪمري م ٽي عدد ڦٽل ڪمپيوٽر في عدد يارهن سو روپيا جي حساب سان خريد ڪري ڦٽي ڪري ڇڏيو،اهڙيء طرح اسڪول جي بورڊ تي           “ ڪمپيوٽرائيزڊ”  يا “ جديد دور جي گھرجن سان هم آهنگ “ جا لفظ به لکائي سگھبا. شاگردن جي اسڪولي يونيفارم ڪنهن آرمي پبلڪ اسڪول جي ڪيڊٽن جي وردين جهڙي مقرر ڪريو.
شاگردياڻين لاء وردي گھٽ ۾ گھٽ ڪنهن ميڊيڪل يونيورسٽيء ۾ پڙهندڙ ليڊي ڊاڪٽرس  جهڙي هئڻ ضروري آهي، اسڪول جي نالي جي آخر ۾ “اينڊ ايڪيڊمي” لکڻ نه وسارجو جنهن جو مطلب ته شاگرد ڦاٿل مرغن جيان شام جو به مختلف فيون ڀري اتي ٽيوشن پڙهي سگھن ٿا.ڪنهن سستي پينٽر کان اسڪول جي ديوارن تي مّختلف جانورن جهڙوڪ گھوڙي،هاٿي ۽ زيبرا وغيره جون ڪجهه تصويرون ٺهرائي ڇڏيو، لنڊا بازار مان ڪجھه رانديڪا جهڙوڪ باندر ڀولا،لومڙ ۽ ڀالو وٺي ڪنهن ڪمري ۾ ڦٽي ڪيو ۽ ان ڪمري تي “ ايڪٽوٽي بيسڊ لرننگ سينٽر ” جو بورڊ لڳائي ڇڏيو.پنهن جي پاڙي جي مولوي صاحب کي 20 روپيا روزانو جو معاوضو ادا ڪندا رهو ته جيئن هو جناح ٽوپي ۽ واسڪوٽ پائي صبح جو اچي اسيمبليء ۾ تلاوت ڪري.اوهين پنهن جي اسڪول جي اشتهارن ۾ ان جي هڪ اڌ تصوير سان گڏ اهي لفظ به لکي ڇڏيو ته “ دنيائي تعليم سان گڏوگڏ ديني تعليم بلڪل مفت” . جيڪر اوهان کي انگريزي پڙهڻ لکڻ نٿي اچي ته ان جو ڪو ٽينشن نه ڪريو،اها ڳالهه ته ثابت ٿي ڪري ته اوهين ملڪ جي اڪثريت جا نمائندا آهيو! بس هڪ دفعو اسڪول جو ٽائيم ٽيبل ڪمرن جي ٻاهران پڪي پينٽ سان لکرائي ڇڏيو. اشتهارن ۾ ماڻهن کي اهو باور ڪرايو ته اوهان جي اسڪول جا سمورا شاگرد پڙهي لکي وڏا ماڻهو بڻجن ٿا، عملي طور تي جيڪر 92 سيڪڙو ٻار اٺين درجي ۾  اٺ دفعا فيل ٿي گڏه گاڏا وهائين ٿا ته ان ۾ اوهان جي انگلش ميڊيم اسڪول جو ڪهڙو قصور!
بنان پڙهڻ جي ٻار پاس ڪيئن ٿيندا؟ اهو سوال ضرور اوهان کي پريشان ڪري سگھي ٿو پر ان جو حل تمام آسان آهي،امتحان ۾ بليڪ بورد تي رڳو امتحاني سوال نه لکو پر انهن جا مڪمل جواب به لکي ڇڏيو.رزلٽ واري ڏينهن هر شاگرد جي ڳچيء ۾ سونو پاڻي چڙهيل پلاسٽڪ جو بيج لٽڪائي ڇڏيو. ان سان گڏ ٻه ٽي ڪپ به انهن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو.مثال ؛ ڦوڪڻا ڦاڙڻ جي مقابلي ۾ پهريون نمبر ايندڙ  جي لاء ڪپ، صابڻ جي گجيء مان ڦوڪڻا ٺاهيندڙ جي لاء ڪپ، سڄو سال ڪاپين ۽ ڪتابن کي هٿ نه لائي انهن کي صاف سٿرو رکندڙ لاء ڪپ وغيره وغيره
وقت به وقت اسڪول ۾ “ڳاڙهو،پيلو ۽ سائو ” ڏينهن ملهائيندا رهو ،جن ڏينهن تي شاگردن جي گھرواري ڊائريء ۾ ان ڏينهن تي ڳاڙها ڏاڙهون،پيليون نارنگيون ۽ ساوا انگور گھٽ ۾ گھٽ هڪ ڪلو جي حساب سان اسڪول کڻي اچڻ جون واضح هدايتون لکيل هجن.
اسڪول جي استقباليه ڪمري ۾ ڪنهن پري جهڙي چهري کي انگريزيء جا ڪجھه جملا رٽائي ويهاري ڇڏيو جو توهان جو اسڪول نه رڳو انگلش ميڊيم ٻڌڻ ۾ اچي پر ايندڙ ويندڙ کي توهان جو اسڪول انگلش ميڊيم ڏسڻ ۾ به اچي!                                        

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو