Monday, June 20, 2016

جديد ترين اسپتال جو تصور مسلمانن ئي ڏنو.

محمود شام

ڪاغذ ڪيترين ئي صدين کان اسان تي حڪمراني ڪري رهيو آهي، هاڻي برقي رابطن ڪاغذ جي اهميت ڪافي حد تائين گهٽائي ڇڏي آهي. اخبارن جا نيوز روم ڪاغذ کانسواءِ (Paper Less) ٿي رهيا آهن، اِي ميل، خط و ڪتابت تقريبن ختم ڪري ڇڏي آهي، دستاويزن جي ڏي وٺ به برقي پوسٽ ذريعي ٿي رهي آهي. ڪجهه غير ملڪي ليکڪن به اِها تحقيق ڪئي آهي ته جن نقطن جي ڪري ڪمپيوٽر ممڪن ٿيو آهي، ان جي پهرين دريافت به مسلمانن ئي ڪئي.
اسان مامون الرشيد جي سنهري دور جو ذڪر ڪري رهيا آهيون، اهو ته پهرين ئي ٻڌائي چڪا آهيون ته بغداد ۾ ڪتابن جي باقاعده بازار هئي، جتي ڪاغذ به موجود هو ۽ ڪاغذ تي تيار ڪيل ڪتاب به. اها به شهادت ڏني وئي آهي ته مصنف کي باقاعده طور تي اجورو ملندو هو، ڪيترائي ليکڪ پاڻ لکڻ بجاءِ ڪتاب ڊڪٽيٽ ڪرائيندا هئا، ٻڌائي ٻين کي لکرائيندا هئا، بغداد سميت هر ننڍي وڏي شهر ۾ پبلڪ لائبريريون موجود هونديون هيون، سڀ کان وڏي لائبريري قاهره ۾ هئي، خزائن القصص، جنهن جي 40 مختلف ڪمرن ۾ 20 لک مسودا موجود هئا، دنيا جي پهرين يونيورسٽي 970ع ۾ قاهره ۾ الازهر جي جي نالي سان قائم ڪئي وئي.
اسان جي ڪجهه تبصره نگارن انهن سڀني ڳالهين کي خوش فهمي قرار ڏنو آهي، اسان مسلمانن ۾ اڪثر ان احساس ڪمتري جو شڪار آهن ته مسلمانن ۾ ڪڏهن به انداز فڪر جو رواج نه رهيو آهي، جيڪا اسان جي گهٽ علمي آهي، اسان پنهنجي تاريخ جو مطالعو نٿا ڪرڻ چاهيون، هڪ الميو اهو به آهي ته تاريخِ اسلامي جديد خطن تي جوڙي ئي نه وئي، رڳو جذباتي انداز، مبالغه آرائي. ڪجهه اسلامي ناول نگارن تاريخي حقيقتن کي مٽائي ڇڏيو، اهڙي طرح اسان جي مختلف نسلن کي حقيقتن تي مبني تاريخي ڪتاب ئي نه ملي سگهيا آهن، اهو بنيادي فرض به غيرمسلم ئي انجام ڏئي رهيا آهن، ڪئنيڊا ۾ منهنجو گهڻو وقت لائبريرين ۾ گذري رهيو آهي، اڄ ئي مون وڏي سائز جي 512 صفحن تي مشتمل (The illustrated guide of Islam) ڪتاب ڏٺو، جنهن کي جوڙيندڙ رعنا بخاري ۽ ڊاڪٽر محمد سيربين آهن، LORENS BOOKS لورنس بڪس تمام خوبصورت طريقي سان آرٽ پيپر شايع ڪيا آهن، جنهن ۾ حضور پاڪ ﷺ جن جي آمد کان وٺي 2007ع جي دورن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، ان ۾ تاريخي واقعن کي به بيان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ پاڪستان جي قيام، ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ اسلامي جمهوري پاڪستان جي آئين جو به ذڪر آهي، نبي پاڪ ﷺ جن جي دور ۾ خلفاءِ راشدين، اموي، عباسي، عثماني حڪومتن جا واقعا، مسلمانن جي فن و تعمير، مصوري، ادب، خوش نويسي، تعليم، سائنس، فلسفي جا تفصيل به آهن. ننڍي کنڊ ۾ مغلن جي دور، آفريقا ۾ مسلمانن جي سلطنتن جي اهم واقعن کي به بيان ڪيو ويو آهي، مسلمان فرقن ۾ ڪيئن ورهائجي ويا، اهي حوالا به ڏنا ويا آهن، عيد ميلاد النبي ﷺ ڪٿي ڪٿي ۽ ڪيئن ملهائي ويندي آهي، ڪربلا جي شهيدن لاءِ مجلسون ڪهڙي طرح ۽ ڪٿي ڪٿي منقعد ڪيون وينديون آهن، ان بابت به ٻڌايل آهي. اهڙا ڪتاب به سرڪاري سطح تي اردو ۾ منتقل ٿيڻ گهرجن.
پاڪستان کي هن وقت سياسي اسلام جو مرڪز قرار ڏنو وڃي ٿو. اسلامي تعليم جو هتي غلبو به آهي، شدت پسندي ۽ بنياد پرستي به زورن تي آهي، انهن ئي ڏينهن ۾ مسلم نوجوان حقيقي اسلامي تعليم بابت وڌ کان وڌ ڄاڻڻ چاهي ٿو، ٻارن ۽ نوجوانن جي ذهنن ۾ اسلامي تعليم جي حوالي سان اسلامي تاريخ بابت ڪيترائي سوال اڀري رهيا آهن. مملڪت ۽ حڪومت جي ذميواري بڻجي ٿي ته هو پنهنجي کاتن، ادارن يا يونيورسٽين ذريعي اهڙا دستاويز آسان اردو زبان ۾ شايع ڪرائين، جنهن سان اسلامي تاريخ اڄ جي موضوعن جي تناظر ۾ پڙهي سگهجي ته مسلمانن، علم ۽ دانش ۾ ڪهڙا ڪارناما سرانجام ڏنا.
اسان ڳالهه ڪري رهيا هئاسين محمود الرشيد جي زماني جي، مارڪ گراهم لکيو آهي ته الازهر ۾ شاگرد يوناني فلسفو به پڙهندا هئا، يونانين کانسواءِ ايراني، هندو ليکڪن جا ڪتاب به پڙهايا ويندا هئا، سائنس ۽ رياضي سميت هر شعبي جي تدريس ٿيندي هئي، پر جڏهن مسلمانن ۾ فرقيواريت وڌي وئي ته فلسفي کي خاص طور تي ديني مدرسن ۾ نظرانداز ڪرڻ شروع ڪيو ويو. اُهو مامون جي زماني کي اسلامي تاريخ جو سنهري دور قرار ڏنو وڃي ٿو ته عالمن کي محققن جي سرپرستي هوندي هئي، ترجمن جي تحريڪ زورن تي هوندي هئي، ان ڪري خيالن جو اظهار ۽ بحث مباحثي جي آزادي هئي، مسلمانن صرف يوناني ڏاهپ جو ترجمو ئي نه ڪيو پر يوناني علمن جي نئين تخليق ۽ ايجاد لاءِ به ان کي استعمال ڪيو ويو. تاريخ شاهدي ڏئي ٿي ته مسلمانن جي ان ايجاد جي ڪري ايندڙ زماني ۾ وڏين ايجادين لاءِ راهه هموار ٿيندي، پنهنجو پاڻ کي بقراط ۽ دانشور سمجهندڙ مون سميت ڪيترائي ليکڪ اِهو لکي رهيا آهن ته مسلمان حڪمرانن کي ته صرف مسجدون، محل، مقبرا ۽ قلعا بڻائڻ جو شوق رهيو آهي، انهن يونيورسٽيون نه ٺاهيون، اسپتالون نه جوڙيون، پر اِن ڪتاب جي هڪ باب مون کي تمام گهڻو شرمندو ڪري ڇڏيو آهي. پوريءَ طرح تحقيق کانپوءِ اِهو ڪتاب ٻڌائي رهيو آهي ته نائين صديءَ تائين يورپ ۾ عام ماڻهن لاءِ اسپتالون نه هيون، بادشاهه يا اشرافيه مان ڪوبه بيمار ٿيندو هو ته خصوصي طبيب ان جو علاج ڪندا هئا، پر عام انسان غريب نادار ڪنهن سنگين مرض ۾ مبتلا ٿي ويندو هو ته هُو مرڻ لاءِ گرجا گهرن سان لاڳاپيل احاطن ۾ وڃي ڪري پوندو هو. گهڻو ڪري بيماريون ڪوڙهه، مليريا، هيضو، نابيني ٿينديون هيون ۽ انهن لاءِ پادري رڳو دعائون گهرندا هئا. ڪٿي بيمار گاهون به جوڙيون ويون هيون، پر انهن جو تصور اِهو ئي هو ته غريب مريض اتي آرام ۽ عزت سان مري سگهن. علاج، دوا يا شفا جو ڪوبه تصور نه هو. ان دور ۾ 805ع ۾ بغداد ۾ جديد ترين سهولتن تي مشتمل پهرين اسپتال قائم ٿي چڪي هئي، جنهن جو نالو بيمارستان ٻڌايو ويو آهي، جتي مستند ڊاڪٽر موجود هوندا هئا، جتي صاف سٿري ماحول ۾ مريض پنهنجو پاڻ کي محفوظ ۽ آرامده محسوس ڪندو هو ۽ جلد شفاياب ٿي پنهنجي گهر واپس ويندو هو. ان پهلوءَ تي وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي ته ان وقت ايتري جديد اسپتال جو تصور ڪٿان آيو، اِها تحقيق ته ٿي آهي ته يوناني علم ۾ طب سڀ کان مٿي هئي، ان ڪري عباسيه حڪمرانن يونان ۽ رومي دوائن کي اختيار ڪيو. مسند جو چوڻ آهي ته عربن جي ايمان ۽ فارس جي تمدن گڏجي طب کي هڪ اهڙي سائنس بڻايو، جنهن جديد ميڊيڪل سائنس کي جنم ڏنو.
فارميسي جو علم پنهنجي عروج تي هو، پهرين باقاعده سرڪاري فارميسي بغداد ۾ نائين صديءَ ۾ قائم ڪئي وئي، جتي تربيت يافته فارميسي ماهر موجود هوندا هئا، هڪ هزار کان وڌيڪ دوائون مختلف مرضن جي علاج لاءِ تيار ڪيون ويون هيون، جن ۾ عرق ۽ شربت به شامل هئا، بيمارستان ان دور ۾ ٽيچنگ اسپتال جو منصب به ادا ڪيو، روزانو ڪلاس ورتا ويندا هئا، انهن اسپتالن ۾ لائبريريون به هونديون هيون، اِها به تحقيق ڪئي وئي آهي ته عورت مريضن لاءِ ڊاڪٽرياڻيون به موجود هونديون هيون ۽ عورت نرسون به.
عالمِ اسلام جي سڀ کان محترم ۽ مڪرم ماهر طب ابوبڪر الرازي آهي، جنهن کي 918ع ۾ بغداد جي اسپتال جو سربراهه مقرر ڪيو ويو هو، طبي علم ۾ هو پهرئين نمبر تي ڄاتو وڃي ٿو. علامه اقبال چيو هو ته،
اسي ڪشمڪش مين گذري ميري زندگي ڪي راتين،
ڪڀي سوز ساز روي ڪڀي پيچ و تاب رازي.
اولهه وارا علم ۽ ڏاهپ جو تمام گهڻو احترام ڪن ٿا، طب جي شعبي بابت ڪيترين ئي صدين کان ڪتاب ڇپجي رهيا آهن. يورپ جي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ به انهن کي پڙهايو وڃي ٿو. دوا سازي، علاج ۽ ان جي سڃاڻپ تي ڪم ڪرڻ لاءِ جديد نظام متعارف ڪرايو پيو وڃي.
لکڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي، اِهي سڀئي ڪتاب اسان کي پڙهڻ گهرجن، پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ انهن جو ترجمو اردو، سنڌي، پنجابي پشتو، سرائيڪي بلوچي ۽ ڪشميري ۾ به ڪرڻ گهرجي. اسان جي يونيورسٽين ۾ ترجمي جي تحريڪ لاءِ هڪ شعبو مخصوص ڪيو وڃي. ان زماني ۾ يوناني علم ۽ ڏاهپ کي جيئن عربي ۾ منتقل ڪيو ويو، پوءِ ان کي جيئن يورپ ۾ منتقل ڪيو ويو ۽ نتيجي ۾ يورپ جهالت جي انڌيرن مان ٻاهر نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. هاڻي جيڪڏهن مسلمان علم ۽ سائنس کان پري آهن ته هتي به ڪنهن محمود الرشيد کي گهرجي ته يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن کي گڏ ڪري انهن علمن جا ڪتاب آسان اردو ۾ منتقل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪرايو وڃي، اسان جا مخير حضرات ۽ صنعتي ادارا به ان ڪم لاءِ عطيو ڏئي سگهن ٿا. ترجمي جي تحريڪ هڪ ڀيرو ٻيهر هلائي وڃي ۽ اِها تحقيق به ڪئي وڃي ته جن علمن جي بنياد تي يورپ ترقيءَ جو رستو ڏٺو ۽ هو 13هين صديءَ کان مسلسل اڳتي وڌي رهيو آهي. مسلمان ترقيءَ جو رستو ڏسي ڪري پاڻ ئي ڇو پٺتي ڌڪجي ويا. پاڪستان جو معاشرو ان تنزلي ۽ پستي جو بدترين مثال آهي، ائين ڇو آهي، 13هين صديءَ کان 21هين صديءَ تائين جيڪو خال آهي، اهو ڇو آهي ۽ ان کي ڪهڙيءَ طرح ڀري سگهجي ٿو. علم ئي انسان کي اڳتي وٺي وڃي سگهي ٿو، ٻيهر اسان جائزو وٺنداسين ته پاڪستان علم، عقل ۽ عدل کان ڇو ڪيٻائي ٿو ۽ اوهان جو ڇا خيال آهي؟
 ( روزاني عبرت جي ٿورن سان)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو