Saturday, June 18, 2016

يوناني ڏاهپ مسلمانن ذريعي يورپ تائين پهتي

         محمود شام

آئون گهڻو مطمئن آهيان ۽ الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪري رهيو آهيان ته علم ۽ عقل جي حوالي سان مسلمانن جي سنهري دورن جي تحقيق ۽ تصديق سان گڏ اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪرڻ جو موقعو مليو. وڌيڪ شڪرگذاري ان لاءِ جو اوهان مان ڪيترن ئي اُن کي پنهنجي ڳالهه سمجهي، ايس ايم ايس موڪليو ۽ فيس بُڪ تي پنهنجي راءِ ڏني.
ڪيڏي ڏُک جي ڳالهه آهي ته اسان پنهنجي اُن دور کي فراموش ڪري ويٺا آهيون، جڏهن مسلم دنيا علم سان منور هُئي، جڏهن عقل جو غلبو هو، عدل جي حڪمراني هُئي، عشق جو بول بالا هو، هڪ ٻئي جي خيالن جو احترام هو. غير مسلم مورخن ۽ اسان مان اڪثريت به اهڙا ناول لکيا، اهڙا ڪتاب لکيا، جن ۾ مسلم حڪمران صرف تلوارن جو زور ڏيکاريندا هُئا، ڪشتن جا پشتا لڳي رهيا آهن، قلعا فتح ڪيا پيا وڃن، ڪنيزون ورهايون پيون وڃن، مهاراڻين کي مسلمان ڪري حرم جي رونق وڌائي پئي وئي.
نائين صديءَ کان ٻارهين بلڪه تيرهين صديءَ تائين جڏهن عالم اسلام ۾ ايجادون ٿي رهيون هيون، رياضيءَ جون اُلجهنون سلجهايون پئي ويون، سيارا دريافت ڪيا پئي ويا، زندگي بخش دوائون تيار ڪيون پئي ويون، اُن روشن دور تي فخر ڪرڻ بجاءِ اسان اُن جو ذڪر به نٿا ڪريون. ٻُڌايو ڇا ڪنهن اسڪول ۾، ڪاليج ۾، يونيورسٽي ۾ اُن زماني تي ڪو مضمون پڙهايو وڃي ٿو؟ اُن تي ڪا تحقيق ٿي رهي آهي، ڪا فلم تيار ٿي رهي آهي، ڪي ڊرامه سيريل اُن تي اچي رهيا آهن؟
اها گواهي غير مسلمن طرفان ڏني پئي وڃي ۽ هنن ڏينهن ۾ امريڪا ۽ اُن جي حواري مسلمانن کي بربريت جو پيڪر ثابت ڪري رهيا آهن. مسلمان حڪمرانن کي ظالم ۽ جابر طور پيش ڪيو پيو وڃي. مان احسن بٽ صاحب جو ٿورائتو آهيان، هُن مارڪ گراهم کان علاوه ٽي چار ٻين اهم ڪتابن جا نالا به فيس بُڪ تي ٻُڌايا. اوهان نوٽ ڪري وٺو:
The Genius of Islam, How Muslim Made the Modern World – by Barnard
ڪيڏي فخر سان ٻُڌايو پيو وڃي، (1) اوهان انگ روز استعمال ڪريو ٿا، هڪ، ٻه ٽي، اهو عربن جو ئي تحفو آهي. (2) فٽ بال ميچن ۾ جيڪو بينڊ مارچ ڪندا آهن، اُن جي روايت جو آغاز وچ اوڀر ۾ پيو هو. (3) روزاني صبح جو نيرن ۾ سنگتري جي جوس مان لطف اندوز ٿيندا آهيو، اها اسلامي زرعي ايجاد رهي هئي. (4) جديد شهرن جو خط افق اسلامي فنِ تعمير جي مهرباني آهي.
هڪ ٻيو ڪتاب،
Aladdin lamp how Greek science came to Europe through the Islamic World – by John Freely
ٽيون ڪتاب
House of Wisdom- how Arabic Science saved Ancient Knowledge and gave us Renaramce –by Jim al-Khalili
چوٿون ڪتاب
Light from the east how the science of medieval Islam helped to shaped the western world – by John Freely
اهي ڪتاب ته وڏن لاءِ هئا، ٻارن کي به اسلامي دنيا جي اُن دور کان آگاهه ڪيو پيو وڃي، نيشنل جاگرافي جي مشهور عالم اداري ڪتاب شايع ڪيو آهي،
1001 Inventions and Awesome facts from Muslim world
انهن سڀني مصنفن کلي نموني لکيو آهي ته يورپ جي نشات ثانيه کان گهڻو اڳ اولهه جي دنيا جاهليت جي انڌيرن ۾ ٻُڏل هُئي. عالم عرب اُن وقت علم، ايجادن ۽ تخليق جي سنهري دور مان گذري رهيا هُئا. سمرقند، قرطبه، بغداد ۾ تحقيق ۾ مصروف مسلم دنيا فلڪيات، طب، فلسفو، رياضي ۽ ڪيميا جي پنهنجن ماهرن جي ذريعي اولهندي دُنيا جي مفڪرن جي ذهنن تي تازا جذبا اڀاري رهيا هئا. ٿيو هيئن جو خود عالم اسلام علم ۽ عقل جي حوالي سان زوال ۽ انحطاط جو شڪار ٿيو ته يورپ کي احسان فراموشيءَ جو موقعو ملي ويو.
احسن بٽ، پاڪستان ۽ اسلام جو درد رکي ٿو. هو يقينن اُن مضمون تي تحقيق ڪري رهيو هوندو. اُن لاءِ هُن انتهائي اهم مٿين ڪتابن جي تفصيلن کان اسان کي آگاهه ڪيو، اُن مان اهو پيغام به ملي ٿو ته قوم ۾ احساسِ زيان موجود آهي.
ڪاش اُن دور تي وڌيڪ تحقيق ڪو ادارو ڪري، غير مسلم مصنفن جي اُنهن ڪتابن کي به اُردو ۾ منتقل ڪيو وڃي. مان ڪيترين ئي يونيورسٽين ۽ ادارن ۾ چئي چُڪو آهيان ته جهڙي نموني نائين صدي ۾ مسلمان اسڪالرز ”ترجمي جي تحريڪ“ هلائي، هاڻ وري ضرورت آهي ته پوري دنيا ۾ انگريزي، جرمني، روسي، چيني، فرانسيسي ۾ موجود علمن کي ترجمي ذريعي اُردو ۾ منتقل ڪيو وڃي. پاڪستاني قوم کي جذباتي اندازِ فڪر جا سنگهر ٽوڙي سائنسي طرزِ فڪر طرف راغب ڪيو وڃي. پنهنجي ان ميراث کي به اردو ۾ ٻارن، نوجوانن ۽ بزرگن جي لاءِ محفوظ ڪيو وڃي. جورازي، ابن رشد غزالي، ابن سينا، اوريسي، ڪندي، ابن حزم، ابن خلدون، ابن طفيل، عمر جنام ۽ اُن جهڙن ٻين عظيم مسلمان ماهرن جي تحقيقي ڪارنامن، ايجادن ۽ دريافتن سان مالا مال آهي.
اچو ته پهريان اهو ڏسون ته ترجمي واري اِها تحريڪ ڪيئن شروع ٿي، پوءِ اُن زوال جو ماتم به ڪيترين ئي صدين تائين مسلمان علم-عقل ۽ عدل کان پري ڇو رهيا، اُن دور ۾ واقعي ڇا ڪجهه ٿيو ئي نه يا اسان مورخن صرف جنگين ۽ فتحن کي ئي اهميت ڏني.
تاريخ ٻڌائي رهي آهي ته بادشاهن جي بادشاهه، شارليمان ڪوشش ڪئي ته جرمني جي دارالحڪومت آشين کي ٻيو ايٿنز ٺاهي، پر قديم يونان جي سائنسي ڪارناما لاطيني ۾ دستياب نه هئا. باخبر درٻارين چيو ته علم جو سفر رُڪيو ناهي. نشات ثانيه ڪٿي نه ڪٿي رهي آهي. تهذيب زنده آهي ۽ خواب صحتمند توانا، شارليمان کي چيو ويو ته اهو صرف ۽ صرف بغداد ۾ ملي سگهي ٿو. 797ع ۾ شارليمان، خليفي هارون الرشيد سان سفارتي تعلقات قائم ڪرڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي وفد موڪليو. هارون الرشيد سوچيو ته اهڙي نموني هُن کي بانطينين ۽ امويون کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ هڪ مضبوط اتحادي ملي ويندو. هُن جواب ۾ ڪيترائي قيمتي تحفا موڪليا. علم ۽ دانش جي مٽا سٽا جو سلسلو شروع ٿيو، پر اصل سائنسي انقلاب مامون الرشيد جي دور ۾ اچي ٿو. اُن وقت بغداد دُنيا جي اُنهن ڪجهه ملڪن مان هڪ هو، جتي باغ هئا، مصروف بازار، مسجدون، حمام، دماغي مرضن جون علاج گاهون، رستا، گهٽيون روز شام جو ڌوتا ويندا هئا.
غير مسلم مصنف اها حقيقت بيان ڪري رهيا آهن ته عيسائي دُنيا اجتماعي طور تي دانشِ يونان جو احترام نه ڪندي هئي. اُهي عيسائي بلوائي ئي هئا، جن صديون پهريان اسڪندريه جي قيمتي لائبريريءَ کي باهه ڏني هُئي. اهو دور آهي جسٽين عيسائي بادشاهه جو. اُن زماني ۾ افلاطون جي اڪيڊمي تي به پابندي عائد ڪئي وئي هئي، اتي ڪم ڪرڻ وارن اسڪالرز کي ڏورانهن ڳوٺن ۾ موڪليو ويو هو.
عام مسلمان اُن زماني ۾ يوناني زبان کان ناواقف هئا. مامون الرشيد يوناني جي اهميت کي سمجهندو هو. 830ع  ۾ مامون پنهنجي والد جي ڪتب خاني جو نالو ”بيت الحڪمته“ رکيو. ان يوناني علم ۽ حڪمت کي عربي زبان ۾ منتقل ڪرڻ کي انسانيت جي ترقيءَ لاءِ لازمي سمجهيو. هُن هڪ صبح ناليوارن علمائن کي درٻار ۾ طلب ڪيو ۽ حڪم ڏنو ته قديم يونان جا سڀئي ڪاغذ ڳوليا وڃن ۽ اُن جو عربي ۾ ترجمو ڪيو وڃي. هڪ عيسائي اسڪالر حسنين بن اسحاق کي اُن مرڪزِ دانش جو سربراهه مقرر ڪيو. جيڪو علم جي ڳولا ۾ بازنطينيون جي درٻار تائين به وڃي پهتو. مامون الرشيد علم جي منتقلي جي پذيرائي هيئن ڪئي ته جنهن ڪتاب جو ترجمو ڪيو ويندو هو، اُن جي وزن برابر ترجمو ڪندڙ کي سون ڏنو ويندو هو. ابن اسحاق پاڻ طبيب هو، تنهن ڪري هُن کي طبي ڪتابن سان وڌيڪ دلچسپي هُئي. طب جي مختلف موضوعن تي ابن اسحاق جا ڪتاب نصاب ۾ به شامل رهيا آهن.
مصنف جي مطابق بيت الحڪمته جي 90 اسڪالرز هڪ سو سال کان گهٽ عرصي ۾ اسلامي تمدن کي ارسطو، افلاطون، سقراط، ارشميدس، فيثاغورث ۽ ٻين فلسفين جي نظرين سان مالا مال ڪري ڇڏيو. اهو خيال رهي ته اِهو صرف ترجمو ئي نه ڪيو ويو، بلڪه فلڪيات، رياضي، جاگرافي، فلسفي، طبعيات، ڪيميا، طب، تاريخ، ادب، نباتات، موسيقي، انجنيئرنگ بحريات جي شعبن ۾ يوناني تحقيق ۽ دريافتن کي اڳتي به وڌايو. اُن زماني ۾ اسلامي دنيا جيتري وڏي سائنسي، عقلي، طاقت نظر ايندي هئي، شايد ئي دُنيا پهريان اهڙي علمي طاقت ڏٺي هُجي.
پرنٽنگ پريس يقينن يورپ شروع ڪئي، طباعت جي لاءِ ڪاغذ ضروري هو. ڪاغذ جو هنر، يورپ کي مسلمانن کان مليو. 751 ۾ سمرقند ۾ هڪ چيني ورق ساز پڪڙيو ويو. اتي اُن حيران ڪن ايجاد جي عملي فائدن جو اندازو ٿيو.
حيران ڪن انڪشاف اهي به ڏٺا ويا ته جڏهن يورپ ۾ جنس جي بدلي جنس جي تجارت ٿيندي هئي، ائين سمجهو ته جڏهن هڪ ضرورتمند پنهنجي گهربل شيءِ خريد ڪندو هو ته اُن جي بدلي ڪرنسي ڏيڻ بجاءِ ڪا شيءِ ئي ڏني ويندي هُئي. اُن وقت مسلمان باقاعده تجارت ڪاغذ جي ذريعي ڪري رهيا هئا. رسيدون ڏنيون وينديون هيون. ادائيگي به ڪاغذ جي ذريعي ٿيندي هئي. اها تاريخي حقيقت ڄاڻڻ ضروري آهي. اُن لاءِ ان سلسلي کي جاري رکون ٿا. پڙهو، ڄاڻو ۽ پنهنجي راءِ ڏيڻ نه وساريو. ايس ايم ايس ڪريو، 0864-880-416-001 تي ۽ whatsapp جي لاءِ 3317806800-0092 آزمايو.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو