Tuesday, June 21, 2016

ادبي پڪوڙا :ڇا توهان جي “شادي گرافي” ٿي چڪي آهي؟



ڇا توهان جي “شادي گرافي” ٿي چڪي آهي؟ مطلب ته توهان جي شادي ٿي چڪي آهي؟جيڪچهن توهان جو جواب “ها” ۾ آهي ۽ توهين پنهن جي شاديء جي سمورين تقريبن جي هڪ عدد ڀرپور وڊيو ڪيسٽ به رکو ٿا ته پوء ان مان مراد هڪ اهڙو دستاويز آهي جنهن کي اوهان جڏهن ه چاهيو ڏسي پنهن جن ڪيترين ئي خوبصورت بي وقوفين کي ياد ڪري سگھو ٿا ۽ سرنديء مطابق کلي ۽ روئي به سگھو ٿا.موجوده دور جي شادين ۾ ڪنوار جي ايجاب قبول،قاضيء جي نڪاح واري خطبي ۽ وڪيلن گواهن جي موجودگيء کان پوء جيڪا شيء اهم اهي سو آهي وڊيو ميڪر!  وڊيو گرافر گھوٽ وارن پاران هجي يا ڪنواريتن طرفان ان جي اهميت ۽ حيثيت ويجھن رشتيدارن کان وڌيڪ هوندي آهي.شاديء جي وڊيو فلم ڪنهن عام فيچر فلم وانگر ئي هوندي آهي،ٽي ڪلاڪ ڊگھي ۽ مڪسنگ جي سمورن مصالحن سان ڀرپور! ان ۾ هيرو ۽ هيروئن جي بدران گھوٽ ۽ ڪنوار اداڪاري ڪندا آهن.نڪاح وقت گھوٽ توڙي مولوي صاحب جو ڌيان هڪٻئي ڏانهن گھٽ ڪيميرا طرف گھڻو هوندو آهي. ٻئي خوب کان خوب تر پوز ڏيڻ جي ڌن ۾ مست هوندا آهن.مولوي صاحب کي موقعو ملي ته اهو اٿي بيهي شاديء جي اهميت ۽ فائدن تي ليڪچر ڏيڻ کان به نٿو مڙي.مطلب شايد اهو ئي هوندو آهي ته هو ڪيميرا ۾ گھڻي ۾ گھڻو نظر اچي. نڪاح بعد مهمانن کي موقعو ڏنو ويندو آهي ته اهي گھوٽ کي سيني سان لڳائي مبارڪباد ڏين (يا وري کيس تسلي ۽ حوصلو ڏين) ان سموري ڪاروائيء کي به فلمبند ڪيو ويندو آهي.ان افراتفريء ۾ ڪڏهن ڪڏهن اها خبر به نه پوندي آهي ته ڪير ڪنهن سان گلي ملي رهيو آهي. جن کي پنهن جو پاڻ کي وڊيو ۾ هيرو بڻجي نظر اچڻ جو شوق سوار هوندو آهي اهي گھات لڳائي عين ان وقت گھوٽ کي مبارڪون ڏيندا آهن جنهن وقت گھوٽ ڪيميرا جي منهن ۾ هوندو آهي ۽ اوستائين گھوٽ کي ڀاڪر ۾ نپوڙي رکندا آهن جيستائين ڪيميرا جو رخ ڪنهن ٻئي طرف نٿو وڃي!وڊيو گرافر جي حيثيت ڪنهن واردات جي اکين ڏٺي شاهد واري به هوندي آهي.مهمان ڪيترا،ڪهڙا بي دعوتيا آيا،ڪنهن ڪيترو کاڌو، ڪيترين مرغين سان زور زبردستي ڪئي ويئي ۽ شگر جي ڪيترن پرهيزي مريضن مٺي تي هٿ صاف ڪيا.کاڌي جي دعوت جو شروعاتي منظر به ڏسڻ وٽان هوندو آهي. جڏهن سمورين ميزن تي کاڌو سجائجي ويندو آهي ۽ ميزبانن جي ٽولي مان ڪو اهو آواز لڳائيندو آهي ؛“ اچو سائين!” ته ايئن لڳندو آهي ته ماراٿن ريس ۾ شامل ٿيڻ لاء ڪا سيٽي وڄي هجي، جيڪا ريس کٽڻ لاء هرڪو ٻئي کي ڌڪو ڏيئي اڳتي نڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هجي! هاڻ جيڪي معصوم ۽ مسڪين قسم جا ماڻهو هوندا آهن اهي هن ڊوڙ ۾ پوئتي رهجي ويندا آهن.
اسان جي هڪ دوست جي ڪجھه پڪي عمر ۾ شادي ٿي،روايت مطابق هن شاديء ۾ به وڊيو گرافي جو بندوبست ڪيو ويو. مختلف منظرن جي وڊيو گرافيء بعد جڏهن ڪيميرا ڪنوار تي فوڪس ڪيو ويو ته ان جي پس منظر ۾ هي اردو گانو گونجي پيو؛
“ مين ڪيا ڪرون رام، مجهي ڀڍا  مل گيا”
جنهن بعد وڊيوگرافر جي خاص ڌلائي ڪئي ويئي پر کيس پئسن کان به محروم ڪيو ويو.

( سيد نصرت ؛ “ شادي گرافي” )

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو