Tuesday, June 28, 2016

شاعريء جي زبان ؛ تو سان ملڻ گهريو سين، ته بارشون وڌي ويون. (ايوب کوسو)



تنها رهڻ گهريو سين،   ته  آفتون   وڌي ويون.
تو سان ملڻ گهريو سين، ته  بارشون وڌي ويون.
منڪر  اجاڙ    موسم،     تازا    عذاب    آندا،
ڪو  پل  نه هيل مهڪيو،  اڌما  وريا  هيڪاندا،
ڇرڪي ڇڻڻ  گهريو سين  ته ساعتون ٻري ويون.
مرڪي  ٽڙڻ  گهريوسين   ته بارشون وڌي ويون.
ڪو  خواب  سرد  پنهنجو  پيرن  جي  هيٺ آيو،
ڪو گيت  زرد   پنهنجو    گهيرن جي هيٺ آيو،
چهرو  ڏسڻ  گهريو سين ته  آرسيون ٽٽي ويون
ڳوڙهو اگهڻ گهريو سين ته بارشون وڌي ويون
ڪنهن شام جي ٻني تي، ڪنهن سانجھه جي ڇني تي،
ڦرندي  رهي    جدائي     دل     جي  پني  پني  تي،
سڏڪو  لکڻ  گهريوسين  ته  آڱريون  ٺري   ويون
خود  جي  ٻرڻ  گهريو  سين ته بارشون وڌي ويون
تو  نيٺ  ننڊ  پوکي  پنهنجي  اکين  ۾    جانان
ڀٽڪي  اسان  ڀلياسين   ڪيڏا  گھٽين  ۾ جانان
دريا  ٿيڻ  گهريوسين  ته  چاندنيون  کڄي ويون
صحرا وڃڻ  گهريوسين   ته   بارشون وڌي ويون.
ميڙا  اتي  ڇڏياسين،  ڀيڙا  نه  ها  جتي    ڪي،
ڇيڙا  اتي  ڇڏياسين   ٻيڙا   نه  ها  جتي  ڪي،
تنهنجو پڇڻ گهريو سين ته عاشقيون کري ويون
پيرو  کڻڻ  گهريو  سين  ته  بارشون وڌي ويون

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو