Saturday, June 18, 2016

سواليه بڻجي ويل پي پي ۽ متحده جو مستقبل

نسيم بخاري
سنڌ اسيمبلي ۾ پي پي ۽ متحده ميمبر هٿين پئجي ويا. هڪ ٻئي کي ڌڪا ڏيڻ ۽ ايوان کي جنگ جو ميدان بڻائڻ واريون خبرون پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا، ٽاڪ شوز، سوشل ميڊيا ۽ عام ماڻهن جي بحث مباحثي جو موضوع بڻيل آهن. سنڌ اسيمبلي ۾ دبئي ۽ لنڊن جو ذڪر نڪرڻ تان ٻنهي پارٽين جي ميمبرن ۾ جهيڙو ٿي پيو ۽ ڇڪتاڻ دوران سخت جملن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پي پي ميمبر شميم ممتاز جي جملي باهه ٻاري ڇڏي، جنهن جو چوڻ هو ته اسان جي ڪنهن اڳواڻ تي مني لانڊرنگ جو ڪيس ناهي، هتي بار بار دبئي جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو. آئنده اهڙي ڳالهه ڪئي وئي ته اسان لنڊن جي ڳالهه ڪنداسين. پي پي ميمبر جي اها ڳالهه پيٽرول تي تيلي اڇلڻ وارو ڪم ڏئي وئي. پوءِ ته بس ڪنهن جي نڙيءَ تي لت اچڻ جي ردعمل واريون رڙيون ۽ دانهون ڪوڪون هيون. ايم ڪيو ايم جا ميمبر سيٽن تي اٿي احتجاج ۽ گوڙ ڪرڻ لڳا، جن ڌمڪي ڏيندي واضح لفظن ۾ چئي ڏنو ته جي اسان جي قيادت جا نالا کنيا ويا ته پوءِ اسان به بينظير سميت پي پي جو ڪو به اڳواڻ نه ڇڏينداسين. ڇڪتاڻ تيز ٿي ته صوبائي وزير مڪيش ڪمار ۽ ايم ڪيو ايم جو عظيم فاروقي سيٽن تان اٿي وڙهڻ لاءِ اسپيڪر جي ڊائيس آڏو پهچي ويا. ٻنهي جا هڪٻئي ۾ هٿ هئا، همراهه هٿين پئجي ويا. ٻکجڻ کانپوءِ ڌڪن ڏيڻ ۾ به ڪا ڪسر نه ڇڏيائون. جهيڙي ۾ صوبائي وزير ڄام خان شورو به ڪاهي پيو. ٻنهي ڌرين جا ميمبر جذباتي ٿي ويا. سينيئر پارٽي اڳواڻن وچ ۾ پئجي جهيڙو ٽاريو. هنگامي سبب اجلاس جي ڪارروائي ملتوي ڪئي وئي. سردار احمد، سڪندر مينڌرو، مراد علي شاهه ۽ خواجه اظهار جهيڙو ڪندڙ مڪيش چاولا ۽ عظيم فاروقي ۾ ٺاهه ڪرائي ڀاڪر پارايا. ايوان اندر مخالف ڌر جا ميمبر ايان علي، ڪاڪا ۽ لانچن ذريعي پئسا پرڏيهه موڪلڻ جون ڳالهيون ڪندا رهيا. پي پي وارن جو چوڻ هو ته مينهن سڄي ڪاري آهي ۽ ڳئون کي ٿي چوي ’هل ڙي پڇ ڪاري‘، شميم ممتاز مشرف کي ڇڏڻ جي ڳالهه ڪندي ايان علي کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت نه ملڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو.
مٿيون سموريون خبرون حوال نه پر حقيقت آهن. اهي حقيقتون ميڊيا معرفت جڳ جهان تائين پهچي چڪيون آهن، جن ۾ ماضيءَ جي اتحادين وچ ۾ نوَن اٽڪائن ۽ انائن جي ٽڪراءَ واريون خبرون آهن. انهن خبرن ۾ اهي خيال، تاثر ۽ احساس به سمايل آهن، جيڪي اهو ڏس پتو ڏين ٿا ته ماضيءَ جون اتحادي ڌريون هاڻ هڪٻئي لاءِ ڪيترو ۽ ڪهڙو احترام رکن ٿيون.
ذريعن جو چوڻ آهي ته مستقبل جي سياسي منظر نامي ۾ پي پي ۽ متحده کي آئوٽ ڪرڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن. اهو ئي سبب آهي ته ٻنهي پارٽين وائکو ڪرڻ واري پريڪٽس پوري شدت سان نظر اچي رهي آهي. متحده کي مصطفيٰ ڪمال جيڪو جهٽڪو ڏنو آهي ۽ کيس عرش کان فرش تي اچي ڦٽو ڪيو آهي، رهيل ڪسر وري متحده جي ٽارگيٽ ڪلرز جي اهم انڪشافن پوري ڪري ڇڏي آهي، جن ۾ سياسي شخصيتن جي قتلن جي هدايتن وارا حوال سرفهرست آهي. ايم ڪيو ايم هاڻ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ هڙتال به نه ٿي ڪرائي سگهي. ويجهڙ ۾ اهڙي سڏ جو ردعمل ڏسي خود متحده وارن پاڻ منجهند ڌاري هڙتال نه ڪرڻ جون اپيلون پئي ڪيون.
پيپلز پارٽي جي حوالي سان ڊاڪٽر عاصم جا گذريل ٻن ٽن ڏينهن جا بيان به گهڻو ڪجهه باسين ٿا. گذريل بيان ۾ اويس مظفر ٽپي جي سنڌ ۾ وڏي وزير طور حاڪميت جا حوال ڏنا هئا ۽ اهو به ٻڌايو هو ته ٻي جيڪا ڪرپشن اويس مظفر ڪئي ته ڪئي پر دوائن تي به ڪميشن ورتي. 600 روپين واري ويڪسن 1000 روپين ۾ خريد ڪرائي وئي ته جيئن همراهه جو چڱو خاصو حصو ٺهي. ان بيان جي ٻئي ڏينهن تي ڊاڪٽر عاصم، آصف علي زرداري جي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ زمينون ۽ ملڪيتن کي سنڀاليندڙن جا پيرا کنيا آهن. چيو وڃي ٿو ته آصف علي زرداري کي ڊاڪٽر عاصم جا اعترافي ۽ اقراري بيان هر حوالي سان ڪنڊائتو ڪري ڇڏيندا. ائين ٿئي يا نه پر پيپلز پارٽي تازي سنڌ بجيٽ ۾ ذوالفقار آباد لاءِ باقائده بجيٽ رکي سنڌي عوام کي پاڻ کان بيزار ڪرڻ جو جيڪو جواز پيدا ڪري ڏنو آهي، اهو به ڪو گهٽ اثر ڇڏڻ وارو نه آهي.
ڊاڪٽر عاصم جي انڪشافن کانپوءِ نثار مورائي به چوي ٿو ته خدشو آهي ته ڪٿي منهنجا به اعترافي وڊيو عوام آڏو نه آندا وڃن. ائين ٿئي يا نه پر نثار مورائي جنهن خدشي جو اظهار ڪيو آهي، ان خدشي ڪيترائي خدشا وڌائي ڇڏيا آهن، جنهن جي آڌار تي سندس بيان شڪ کي پڪ ۾ تبديل ڪرڻ وارا جواز پيدا ڪري ڇڏيا آهن.
اڃا ته لياري جي عذير بلوچ جا انڪشافي وڊيو منظرِ عام تي اچڻا آهن. پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جا ٻئي پير کاٽ ۾ آهن، پوءِ به اهي تلخ حقيقتن مان ڪجهه سکڻ ۽ سمجهڻ لاءِ تيار ناهن. انهن جي دماغن ۾ اڃا تائين ماضي واري مستي آهي. هوش بدران اڄ به جوش واريون ڀڀڪيون آهن، پَٽ پيا آهن پوءِ به ڪا پرک نه ٿي ڏسجي. عقل مت سڀ ڪجهه وڃايو ويٺا آهن. متحده سنڌ دشمني تي صفا  لهي آئي آهي. اصل سندرو ٻڌي بيٺل ٿي ڏسجي. قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ ڌار صوبي جا مطالبا آهن. متحده اهڙن حرڪتن سان سمجهي ٿي ته اها پنهنجي مينڊيٽ کي مضبوط ۽ تحفظ ڏئي رهي آهي، پر حقيقت اها آهي ته متحده جو مينڊيٽ مصطفيٰ ڪمال اينڊ ڪمپني باقاعده ڦري چڪي آهي، ان ڪري اهو ممڪن ئي ناهي ته متحده اڳوڻي اوج ۽ موج ۾ اچي.
ساڳئي صورتحال پيپلز پارٽي جي آهي، پر اها به خوش فهمين جي خول مان نه ٿي نڪري. وقت جي نزاڪتن کي نه ٿي سمجهي ۽ امڪاني خطرن جا گهنڊ ٻڌڻ کان مسلسل ڪن لاٽار ڪري رهي آهي.
متحده ۽ پي پي وارا ايترو ته پريشان آهن، ٻائيتال ۽ ٻڙڌڪ جو شڪار آهن جو هاڻ اڳ جيان هڪٻئي جا عيب لڪائڻ بدران هڪٻئي کي وائکو ڪري رهيا آهن. اهو ئي سبب آهي جو ٻه ڏينهن اڳ سنڌ اسيمبلي مڇي مارڪيٽ جو ڏيک ڏيڻ لڳي، اتي جيڪو ڪجهه وهيو واپريو، تنهن جي ٻي قسط قومي اسيمبلي جي اجلاس ۽ سينيٽ ۾ سامهون اچڻ جا امڪان آهن.
پي پي ۽ متحده هڪ ته اندروني طرح سان ڪرپشن سميت ٻين الزامن جي آڌار تي زوال جو شڪار آهن، ٻيو ته ٻاهريون سچايون جهڙيءَ ريت کين سوڙهو ڪري رهيون آهن، سو به انهن جي وجود جي خطري واري گهنٽي کان گهٽ نه آهي. پيپلز پارٽي ۽ متحده جي عروج ۽ زوال جا پيرا کڻندي هونئن ته کڻي ڪيترن ئي سازشي عنصرن جا نالا کڻي سگهجن ٿا، پر حقيقت اها آهي ته انهن جي سرگرم ٿيڻ جي حوالي سان سازگار قضا ڪن ٻين نه پر خود ٻنهي لاڳاپيل پارٽين جي اڳواڻن جي افعالن پيدا ڪري ڏني آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو جڳ جهان ۾ ڏٺا ٿيندڙ همراهه هاڻ پنهنجي ساک پت ٺاهڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيا آهن ۽ هيڏانهن هوڏانهن ڏسي رهيا آهن.
مسئلو اهو آهي جو ٻنهي پارٽين جي قيادت اڃا تائين زميني حقيقتن کي سمجهڻ لاءِ سنجيده ڪوشش ئي نه ڪئي آهي. جڏهن معاملن کي سمجهبو ئي نه ته انهن جا حل ڪيئن ممڪن بڻيا؟ ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته متحده ۽ پي پي جي قيادت پاڻ ڪيل شعوري ۽ لاشعوري غلطين، گناهن جي ڀرپور اعترافن سان اڳيان اچي ۽ پنهنجو پاڻ کي پنهنجي ڪارڪنن ۽ عوام آڏو احتساب لاءِ پيش ڪري.
ائين ٿيڻ جي صورت ۾ گهٽ ۾ گهٽ ايترو ممڪن ٿي سگهي ٿو ته سندن پارٽين جو وجود برقرار رهي ۽ نين قيادتن حوالي ٿيل پارٽين ۾ اهڙين حڪمت عملين سان وهنوار هلڻ شروع ٿي وڃي جو ماضي جي غلطين ۽ گناهن کان بچڻ جا جواز پيدا ٿي سگهن.
پي پي ۽ متحده جي ٿنڪ ٽئنڪ خبر ناهي ته ڪهڙي ڪم ۾ رڌل آهي، پر ان کي پنهنجي پارٽي جي جيڪڏهن ڪا ٿوري به پرواهه آهي ته کين پارٽي قيادتن آڏو سامهون ايندڙ سچايون بي خوف ٿي پيش ڪرڻ گهرجن، ڇو ته ان ۾ ئي ٻنهي پارٽين جي چڱائي آهي.
ڳالهه رڳو معافين، تلافين ۽ نين قيادتن کي رموٽ ذريعي هلائڻ تائين محدود نه هئڻ گهرجي، پر تاريخ جي عبرتناڪ انجام کان اڳ پارٽين اندر خود احتسابي جي بي رحماڻي روش کي به اڀارڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته فقط انهن ئي صورتن ۾ پي پي ۽ متحده جڳ جهان ۾ ڪنڌ مٿي کڻي هلڻ جهڙيون ٿي سگهن ٿيون.
naseembukhari44@gmail.com

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو