Wednesday, May 25, 2016

وال پيپر؛ جتِ لُڪ لڳي، جت اَڪَ تَپن

ادل سولنگي

آرهڙ جا لڱ ساڙيندڙ ڏينهن ۽ اسان جا ماڻهو ڪيئن ٿا گذارين، جڏهن گرميءَ کان بچاءَ لاءِ وڻن جي گهڻائي نه هجي، ڪئنالن ۽ واهن ۾ پاڻي نه هجي ۽ بجليءَ جي لڳاتار اک ٻوٽ جاري هجي، اتي ماڻهو ڪيئن ٿو حياتي گهاري سگهي؟ ان جو احساس اسان جي حاڪمن ۽ انهن جي آڌار تي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ حاڪميت ڪندڙ ڌرين کي ڪونهي اهڙي اُڃ ۽ اساٽ جو ڪيئن ٿو احساس ٿي سگهي، انهن حاڪمن کي جيڪي پنهنجون پگهارون ٽن لکن مان وڌرائي پنج لک روپيا ڪرائيندڙ هجن ۽ پنهنجي رڌڻي لاءِ به سرڪاري خزاني مان لکين رپيا منظور ڪرائيندا هجن، اهي حڪمران جيڪي پنهنجي آفيسن جي رنگ ۽ فرنيچر تي پنج پنج لک رپيا خرچ ڪرڻ کانپوءِ اتي ويهي سگهندا هجن.
اسان جا حاڪم پنهنجن آفيسن کي ٿڌو ۽ خوبصورت بنائڻ لاءِ عوامي پئسن مان لکين روپيا خرچ ڪري آرام سان ويهي حڪم هلائن ٿا. جڏهن ته لڱ ساڙيندڙ لُڪَ ۾ ڪکائن گهرن ۾ رهندڙ مارو ماڻهو ڪيئن حياتي گذاريندا هوندا، جتي سج سوا نيزي تي لهي ايندو هجي ۽ جتي گرمي پد 52 سينٽي گريڊ تي پهتل هجي ۽ جتي جا 20 لک ٻارڙا غذائي کوٽ جو شڪار هوندي مختلف بيمارين جي ور چڙهيل هجن، لکين ٻارڙا تيز بخار، گيسٽرو ۽ جهٽڪن جهڙين بيمارين ۾ ورتل هجن ۽ اسان جي سرڪار انهن ٻارڙن جي غذا ۽ علاج جو ڪو به بندوبست نه ڪري سگهندي هجي، اتي سنڌ جو آئيندو ڪهڙو هوندو؟


جتي هڪ اسيمبلي ميمبر مٿان 16 کان 20 لک روپيا ماهوار خرچ ڪيا ويندا هجن ۽ جتان جي وزيرن کي موبائيلن جي لشڪر ۾ پروٽوڪول ڏنو ويندو هجي، اتي وري عوامَ کي يوٽيلٽي اسٽورن جي معرفت 4 کان 5 رپين جو فائدو ڏنو ويندو هجي. گرميءَ ۽ ڏڪار وگهي سڄو ٿر بک ۽ بيماريءَ جي ور چڙهيل هئڻ باوجود حڪمران پنهنجي شاه خرچين لاءِ پريشان رهندا هجن! هن ملڪ ۾ هڪڙي پاسي ماڻهو پاڻيءَ لاءِ سڪن ٿا ته ٻئي پاسي حڪمرانن جي گهرن جي پاڻي جي ٽانڪين مان ڪروڙين روپيا پيا نڪرن. عجب قسم جي حڪمراني آهي ته رياست پنهنجي عوام جو ڪنهن به طريقي سان ڪو به تحفظ ۽ مالڪي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. الائي ڇو ماڻهن جي اندر مان انسانيت جو احساس نڪرندو پيو وڃي، الائي ڇو ماڻهو، حڪمران، ادارا پنهنجو فرض نڀائڻ کان نٽائي رهيا آهن. جيڪڏهن سنڌ جي ماڻهن کي هن دوزخ جهڙي گرميءَ ۾ بک ۽ بيمارين ۾ حاڪمن پاران ڪو به رليف نه پيو ڏنو وڃي ته پوءِ عام ماڻهن لاءِ ڪهڙو رستو وڃي بچي ٿو؟ وقت جا حاڪمو؟ ٿورڙو ان پاسي به ڌيان ڏنو وڃي ته بهتر ٿيندو.
                                                              سنڌ سجاڳ بلاگ

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو