Friday, May 13, 2016

شاعريء جي زبان :ناز وارن جي ٻولي (نارائڻ شيام)




























نَئين آهي نِت ناز وارن جي ٻولي
نِـــــگـــــاهُن اَدائُن اِشارن جي ٻولي

مِٺي آهي ڪوئل جي ڪوُ ڪوُ مِٺي آ
مِٺــــي آهـــــي سچُ بيـــــقرارن جي ٻولي

خِزان حالُ اوري ته ڪنهن ساڻُ اوري
سَڀـــــيئي سِکيا جي بَهارُن جي ٻولي

مِٽيءَ جي ذرن جو ته ڪُجھ حالُ سَل توُن
ڏُکــــــــــــي ناهي سمجھڻ سِتارَن جي ٻولي

اَلا ! اِئين نه ٿِئي جو ڪِتابن ۾ پڙهجي
ته هُئـــــــــي سِنڌ ۽ سِنڌُ وارن جي ٻولي.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو