Friday, May 27, 2016

ڀوتارڪي پت وائکي ڪندڙ وڊيو ڪلپ: ڇا ٿيڻ کپندو هو؟

نسيم بخاري


سنڌ ۾ بدبودار ڀوتارڪي انا جا ڪلور ڪنهن کان ڳجها آهن، پر بخيل ڀوتار پاران نوشهروفيروز ۾ انسانيت کي لڄائيندڙ واقعي ثابت ڪري ڇڏيو آهي، ڀوتارڪيون ڀڀڪيون ئي نه پر بدمعاشيون به بدستور وڌي رهيون آهن. ان واقعي حڪومت ۽ انتظاميا جي حوالي سان انيڪ سوال اڀاري ڇڏيا آهن، بااثر محمد بخش مبيجو جي پراڊو کي گڏهه گاڏي جو ٽڪر لڳڻ ڪري بُڇان لڳي، نتيجي ۾ ان ٻن پورهيت ڀائرن کي راڄ جي سامهون گهرائي باقاعده بي عزتي ڪئي. هڪ قسم جو جرڳو ٿيو، جنهن ۾ اهو طئه ڪيو ويو ته پراڊو کي لڳل گڏهه گاڏي جي اتفاقي ٽڪر جي سزا ۾ ڀائرن سهيل ۽ اياز ميمڻ کان وات ۾ جوتا کڻائي معافي وٺرائي ويندي، بي وس ۽ لاچار پورهيتن وٽ فيصلي تي عمل کانسواءِ ٻيو ڪو چارو ڪونه هو. بوزدار علائقي ۾ پنهنجي دهشت قائم ڪرڻ لاءِ جرڳو ڪوٺائي پورهيتن کي تذليل جو نشانو بڻائيندڙ وڏيرو معاملي جي سوشل ميڊيا تي وڊيو اچڻ کانپوءِ گرفتار ٿي چڪو آهي، پر ان جي ٿاڻي تي پوليس پاران مهمانيءَ ۽ ميزبانيءَ واريون خبرون به اينديون رهيون آهن، کيس لاڪپ ڪرڻ بدران ٿاڻي جي ڪوارٽر ۾ رکيو ويو. ڪالهه تائين سوين ماڻهن سامهون ٻن پورهيت ڀائرن سان ظلم ڪندڙ انسان اڄ دنيا جهان آڏو عبرت جو مثال بڻيل آهي. هن جي ظلم ۽ ڏاڍائي تي سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاهه کي نه چاهيندي به ڪاوڙ اچي وئي آهي، معاملي جو سنڌ پوليس جي انسپيڪٽر جنرل اي ڊي خواجا نوٽيس ورتو آهي. پاڪ سر زمين پارٽي جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال به مذمت ڪئي آهي. سنڌ جي ٻين سياسي سماجي پارٽين به انهيءَ معاملي تي احتجاج ڪيو آهي، هاڻ اهو معاملو عوامي بحث مباحثي جو موضوع بڻيل آهي.
الزام هيٺ آيل وڏيري خلاف سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ننڍا وڏا احتجاج به ٿيا آهن، وڏيرو ويل ۾ اچي ويو آهي، ان کي اها ڳالهه ڏاڍي مهانگي پئجي وئي آهي، جيڪا ان معاشري ۾ سماجي مٿڀرائپ واري احساس هيٺ نروار ڪئي هئي. هن جي وهم گمان ۾ به نه هو ته ان سان اهڙو حشر ٿيندو. هن کي اها ڪَل ئي ڪونه هئي ته جن سوين ماڻهن آڏو هو ٻن پورهيت ڀائرن جي تذليل ڪرائي رهيو آهي يا ڪري رهيو آهي، انهن ۾ ڪو اهڙو ماڻهو به موجود آهي، جيڪو ان سڄي منظر کي ڪئميرا جي اک سان محفوظ ڪري رهيو آهي، موبائل جي ڪئميرا جي ڪمال جو ئي نتيجو آهي جو اها وڊيو ڪلپ سنڌ جي حڪومتي حلقن ۽ انتظامي مشينري لاءِ مٿي جو سور بڻجي وئي آهي، ان ٿرٿلا مچائي ڇڏيا آهن، باقاعده ٻائيتال مچي ويو آهي، ڀرپور ٻڙڌڪ متو آهي ۽ سنڌ سميت دنيا جي ساڃاهه وند باضمير ۽ حساس ماڻهن جون همدرديون مظلوم ڀائرن سان ٿي ويون آهن. سنڌ ۾ ڏاڍ ڏمر ۽ ڏهڪاءَ جي علامت بڻيل جاگيرداري جهان خلاف خلق ۾ ويتر نفرت وڌي آهي، ڀوتارن خلاف اڳ ئي بيزار ماڻهن تازي ڪارنامي کانپوءِ انهن خلاف وڌيڪ بدظن ٿي ويا آهن. ظاهري طور تي مٿي ذڪر ڪيل واردات جو مُک جوابدار ته هڪڙو وڏيرو آهي، پر حقيقت ۾ ان واقعي جي منظر تي اچڻ کانپوءِ سنڌ جي هر ان خان ڀوتار، پير ۽ مير ۾ ٿرٿلو پئجي ويو آهي، جنهن جا ڪلور مٿي ڄاڻايل ڀوتار جي عمل جون سڪون لاهيندا آيا آهن يا وري ان کان به وڌيڪ سنگينيون سامهون آڻيندا رهيا آهن.
ايس ايس پي نوشهروفيروز الطاف لغاري واقعي ۾ ملوث ڏوهاري کي ڪابه رعايت نه ڏيڻ ۽ ان خلاف ڀرپور قانوني ڪارروائي جو اعلان ڪيو آهي. پنهنجي جاءِ تي اهو معاملو ڏکيو ۽ آزمائش وارو به آهي ته تر جي ڪنهن خاص ماڻهو ۾ هٿ وجهي ان کي حوالات حوالي ڪيو وڃي يا ان کي انهن سختين جي ڌٻڻ ۾ اڇلايو وڃي، جيڪي عام طور تي خدا جي خلق جو مقدر بڻبيون آهن ۽ جن ۾ گهڻائي بي گناهه متاثرن جي هوندي آهي.
ايس ايس پي نوشهروفيروز الطاف لغاري مٿي ڄاڻايل معاملي تي جيترو شانائتو ڪردار ادا ڪندو، اوترو ئي ان جي مقبوليت ۾ واڌ ايندي ۽ چئي سگهجي ٿو ته اهو هڪڙو ڪيس ايس ايس پي نوشهروفيروز لاءِ ٽيسٽ ڪيس ثابت ٿي، کيس زبردست هاڪ ۽ ساک جا نه رڳو جواز پيدا ڪري ڏئي سگهي ٿو، پر ان معاملي تي عوام دوست ڪارڪردگي ٻين ايس ايس پيز لاءِ به مثال ثابت ٿي سگهي ٿي.
نوشهروفيروز ۾ انسانيت کي لڄائيندڙ واقعي تي سنڌ جي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جيڪو شاندار ڪردار ادا ڪيو آهي، اها پڻ حوصلي واري ڳالهه آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ويٺل رپورٽرز لاءِ نيون ترجيحون ۽ نوان ٽاسڪ اڻٽر ٿي ويا آهن. نوشهروفيروز ۾ لڱ ڪانڊاريندڙ واقعي سنڌ جي هر ساڃاهه وند ۽ باضمير انسان لاءِ پڻ پنهنجي ڪردار جي ادائگي لاءِ نِت نيون ترجيحون متعارف ڪرائي ڇڏيون آهن. هاڻي هڪ عام ماڻهوءَ جي ٿوري همٿ ۽ دليري به تر جي داداگيرن کي ڌوڏي ۽ لوڏي سگهي ٿي ۽ اهي جڳ جهان آڏو مثال بڻجي سگهن ٿا.
نوشهروفيروز واري واقعي جي وڊيو منظر تي اچڻ کانپوءِ ان قسم جي المين جون انيڪ وڊيوز آڏو اينديون، باقاعده هڪ ڌم لڳي ويندي ۽ اها ڌم دنيا جهان تائين اسان جي سماج جي اندروني صورتحال ۽ ان سان لاڳاپيل مسئلن کي تمام وڏي جرئت سان اڀاريندي.
جديد ٽيڪنالاجي جي وڌندڙ واهپي هاڻ هر ماڻهوءَ کي سجاڳ ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان جي شعوري سجاڳي هن لاءِ ڪجهه ذميوارين جو به تعين ڪري ڇڏيو آهي. هو جنهن به عمل، ڳالهه ۽ منظر کي بُرو يا ڀيانڪ سمجهي ٿو، ان معاملي کي فيس بوڪ، واٽس اپ، ٽيوٽر، يوٽيوب، اِي ميل يا ٻين کوڙ سارن ذريعن معرفت دنيا آڏو نروار ڪري سگهي ٿو. هن جون ڪڍيل ٻه چار تصويرون ۽ لکيل ٻه چار جملا وڏي تبديلي آڻي سگهن ٿا. اهڙي تبديلي جيڪا ڦل ويجهو ٻن پورهيتن کي وات ۾ جوتا کڻائي معافي گهرائيندڙ وڏيري پاران جرڳي جي وڊيو منظرعام تي اچڻ جي صورت ۾ سامهون آئي آهي، جنهن وڏيري جي پنهنجن کي به لڄائي وِڌو آهي، اهو هڪڙو واقعو پنهنجي پسمنظر ۾ رڳو هڪ ڏوهه جي نشاندهي ناهي، پر ان تي متل ٻائيتال کانپوءِ اهو واضح ٿي ويو آهي ته ان کي مليل ايڏي اهميت معاشري جي ڪهڙي منظر نگاري يا عڪاسي ڪري رهي آهي ۽ مستقبل ۾ ان قسم جي انڪشافن جي ڪيتري گنجائش آهي.
ڪافي عرصي کان رشيد نالي شڪارپور جي هڪ نوجوان مون کي چيو پئي ته آئون ان جي صحافت ۾ مدد ڪيان، هن کي صحافي ٿيڻ جو شوق آهي. مون صلاح ڏني هئي ته ڪنهن ٽي وي چئنل يا اخبار ۾ ڪم ڪرڻ کان اڳ هو انٽرنيٽ ذريعي پنهنجي علائقي جي مسئلن کي نروار ڪري، هو اهي معاملا کڻي اچي جيڪي رپورٽ ٿيڻ کان شعوري طور تي رهايا ويندا آهن، هو اهي تصويرون ۽ وڊيوز متعارف ڪرائي، جيڪي معاشري جي حقيقي مهانڊن کي پنهنجي اصلوڪين حالتن سان نروار ڪن. نتيجي ۾ معاشري ۾ هن جي ٺهندڙ ساک صحافتي ادارن ۾ سندس ساک پت جي حوالي سان سازگار ثابت ٿيندي. هن کي ڪنهن جو شاگرد ٿيڻو نه پوندو، نه ئي وري صحافتي سفر ۾ هو ڪنهن جا نخرا ۽ بي رحميون برداشت ڪندو، هو پنهنجي محنتن جي نتيجي ۾ پنهنجو مقام پاڻ ٺاهيندو.
مون کي خبر ناهي ته شڪارپور جي ان بنگلاڻي نوجوان منهنجي ڳالهين تي ڪا سنجيده سوچ ويچار ڪئي يا نه پر هاڻ اها صلاح سنڌ جي سمورن نوجوانن کي ڏيان ٿو ته تبديلي جي سفر ۾ اهي پنهنجو ڪارائتو ڪردار ادا ڪري، معاشري کي نتِ نين مثبت سرگرمين سان نوازين.
حقيقت اها آهي ته اسان پنهنجن موبائلن، ليپ ٽاپس ۽ ڪمپيوٽرز جو جيڪڏهن ڪارائتو استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون ته سنڌ ۾ هر قسم جي داداگيري، بدمعاشي، ڀتاخوري، بي ايماني، ٺڳي ۽ بدعنوانيءَ جو دڳ روڪي سگهجي ٿو. اسان جي گهرن گهٽين ۽ شهرن ۾ جيڪو ڪجهه غلط ٿي رهيو آهي، جيڪي ڏاڍايون، زيادتيون ۽ ناانصافيون ٿين ٿيون، انهن کي اسان پنهنجن جذبن ۾ لکون، تصويرون ڪڍون، وڊيو ڪلپس ٺاهيون ۽ دنيا جهان کي ڏيکاريون، پوءِ ڏسو ته هر ظالم، غاصب ۽ استحصالي ڪندڙ ماڻهو جو ڪيئن نه ٿو گهيرو تنگ ٿئي ۽ اهو پنهنجي پرڪارن تي ڪيئن نه ٿو پشيمان ٿئي.
اصل ڳالهه اها آهي ته بدترين حڪمراني کي هٿي وٺرائڻ ۾ خود اسان جي پنهنجي بي حسين جو وڏو عمل دخل آهي، اسان جيڪڏهن پنهنجون مصلحتون ۽ ننڍڙا ننڍڙا مفاد قربان ڪري سچ ڳالهائڻ شروع ڪيون ته سماج جي بهتري کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو، پر سوال اهو آهي ته اسان اندر جي انسان جي دانهن ڪوڪ کي ڪا اهميت ڏيڻ لاءِ آماده به آهيون؟
اسان معاشري کان لاتعلق ٿي مايوس ڳالهيون ڪري ۽ ڪنڊ ۾ خاموشيءَ سان زندگي گهاري حقيقت ۾ عوام دشمن قوتن جي بدمعاشن لاءِ راهه هموار ڪندا آيا آهيون، گهٽ ۾ گهٽ هاڻ اسان کي پنهنجن روين تي سنجيدگيءَ سان سوچ ويچار ڪرڻ گهرجي.
ٽيل پيس: جيتوڻيڪ وڏيري جي ونگار ۾ تر جي معززين ۽ چڱن مڙسن ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي ۽ هنن ڏينهن رات هڪ ڪري متاثر ٻنهي ڀائرن ڏانهن نالي ماتر ميڙ وٺي وڃي جبري معافي حاصل ڪئي آهي، جنهن ماڻهوءَ کي جيل ۾ وڃڻ کپندو هو اهو آزاد ٿي ويو آهي، آجو ٿي ويو آهي، ڄڻ ته ان کان ڪو ڏوهه ٿيو ئي نه هو، پر ان جي باوجود هڪ وڊيو ڪلپ جي منظرعام تي اچڻ سان جيڪا حالت هن سان ٿي آهي سا به گهٽ ناهي.
ڀوتار کي بچائڻ لاءِ متاثر ڀائرن وٽ آيل ميڙ ظاهر ۾ ڀل ته گهربل نتيجا حاصل ڪيا هجن، پر حقيقت ۾ اها چڱن ڀلن جا وکا پڌرا ڪري وئي آهي، ان سان گهڻا وائکا ٿيا آهن، سوشل ميڊيا تي ان ميڙ ۾ شامل معززين جا مهانڊا چٽا نظر اچي رهيا آهن، ان ميڙ ۾ جيڪي به ماڻهو پهتا، اهي معاشري ۾ مثبت تبديلي جا مخالف ثابت ٿيا آهن. اهي جرڳائي جهان جي غلامي کي قبولڻ ۾ عار محسوس نه ٿا ڪن، اهي وڏيرڪي ۽ ڀوتارڪي ڪلچر جا باغي ناهن، پر ان جي بدبودار نظام جا هٿ مضبوط ڪندڙ آهن، اهڙا ماڻهو جت ڪٿ موجود آهن، انهن جو انگ گهٽائڻ جي ضرورت آهي، جنهن لاءِ ڀرپور مهم جي ضرورت آهي ته جيئن سنڌي سماج ڪو سک جو ساهه کڻي سگهي ۽ ڪٿ به ڪو طاقتور ماڻهو پنهنجي حيثيت جي غلط استعمال کان اڳ ۾ بعد جي ايندڙ نتيجن کي به نظر ۾ رکي.
naseembukhari44@gmail.com

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو