Thursday, May 26, 2016

شاعريء جي زبان ـ ڪنهن کان جواب وٺجي!


ڪنهن کان جواب وٺجي!
شفيق شاڪر
هو  جو  روز   پيو   ٿو     تڙپي،   هو     جو   رات  ڀر    ٿو   سڏڪي،
هو  جو  بک  وچان  ٿو  وٽجي،  جيڪو    سيء کان  ٿو   ٿڙڪي.
جيڪو سور  ۾ ٿو   سٽجي،   جنهن   جو   ساه  سدا ٿو   گھٽجي،
جيڪو     روز    روز     راهن     ڪو ئي    لاش    ٿي    ٿو     لٽجي،
جنهن تي تنگ ٿيل آڌرتي،جنهن جي         نيست  ٿي آهستي،
ڪنهنجي  هٺ  وڏائي  مستي    سندس  جان   ڪئي آسستي
آهي  سوبه    ڪوئي انسان،  جنهن کي    تو  آ سمجھيو حيوان،
هن  جون   به   ڪئين   اميدون،   هن  جا   به   ڪئين   ته  ارمان،
 هـــــــــــــــرآس   جــــــــو  جنازو   ۽ حسرتــــــــــــن جــــو  لاشو، 
هر    روز       هت      لڳي      ٿو      ڪوئي        بي وسين     تماشو
ڪيــــئي   مايـــــــــــوسين  جا  لشڪر  هن کي   لتاڙي      ويٺا،
محــــــروميـــــن   جا   شعلا   هــــــــر  آس ســــــــــــــــــاڙي ويٺا،
خالـــــــق  جـــــي   ڀـــــونء  هــــن  تي  هــــن  جو    به حق هوندو،
مانـــــــيء  رکــــــو   ڪـــــو  لـــــولـــــو  هن    جو  به  حق   هوندو،
ٻـــــڌ وقــــــت جا   اي  منــــصف ٿيندي  ڪڏهـــــــــن عدالت،
انســــاني  ديـــــس  ۾   ڏس   انســــان   جـــي  هـــــــــــيء حالت،
ننــــــڊ  ۾  اڃـــــا  ڇـــــو  آهـــي  انـــــصـــــاف  جـــــــي ته ديوي،
معـــــصــــوم  ڪـــنهــــــن  مٿـــان  آ   ڌرتـي   ٿي   تنگ   پيئي،
هـــــن  جي  الـــم  جــو  شاڪــــر ڪنهن  کان  حساب   وٺجي.
گـــونــگـــــن جــي  راڄ  انـــــدر   ڪنهن   کان   جواب    وٺجي.


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو