Sunday, May 22, 2016

شاعريء جي زبان ؛ جيءُ جنهنکي چيم، جهڻڪ تنهن کان مليم




























جيءُ جنهنکي چيم، جهڻڪ تنهن کان مليم، چوٽ ڏاڍي رسيم پر ڪيم درگذر
جان جن تي    ڏنيم سي نه    ڪانڌي        ٿيم ، چوٽ ڏاڍي رسيم پر ڪيم درگذر
ڪيس ڪيڏا     ڪيئي حُسن جي انڌ تي ،      باهه ٻاري    وڌءِ  هانءَ جي هنڌ تي
غير جي     پنڌ     تي پير      تنهنجا      ڏٺم،        چوٽ ڏاڍي رسيم پر ڪيم درگذر
پيار جي ڇانو ۾ ڪي ٻه ساٿي   مليا ،     جون    جي    سج    جيان  ڳوٺ وارا جليا
خار      کائي کِليا     هي    خبر جا      ٻُڌم ،    چوٽ ڏاڍي     رسيم پر    ڪيم درگذر
ڪا به نازڪ     بدن     نوجوان   نازنين،     کنڊ    جهڙي    مِٺي ، چنڊ جهڙي حسين
دلربا    دلنشين     جي      ڏکاري      ڏٺم ،     چوٽ      ڏاڍي     رسيم پر ڪيم درگذر
گيت    جن لئه    "بخاري"   پڪاري لکيم،   سي   ڌتاري   ڌتاري       ڌڪاري ويم
نيڻ جن لئه ڀنم سي مٿان پئي کليم ،  چوٽ   ڏاڍي    رسيم     پر ڪيم       درگذر

سنڌ سجاڳ بلاگ

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو