Tuesday, May 17, 2016

وال پيپر ؛لوڊشيڊنگ ڇهن ۽ اٺن ڪلاڪن بدران سورنهن ۽ ويهه ڪلاڪ؟!

لوڊشيڊنگ ڇهن ۽ اٺن ڪلاڪن بدران سورنهن ۽ ويهه ڪلاڪ؟!

حيسڪو ۽ سيپڪو جو چوڻ آهي ته ته سنڌ جي شهري علائقن ۾ هنن کي 6 ڪلاڪ لوڊ شيڊنگ ڪرڻي آهي ۽ ٻهراڙي جي علائقن ۾ 8 ڪلاڪن تائين لوڊ شيڊنگ ڪرڻي آهي، پر ڏٺو وڃي ته گرمي جي موسم ۾ اها به هڪ وڏي لوڊ شيڊنگ آهي پر هتي ائين به ڪونه ٿو ٿئي. ميڊيا تي اچي ٻڌايو هڪ ٿو وڃي ۽ ڪيو ڪجهھ ٻيو ٿو وڃي. جڏهن ته سنڌ جي شهرن ۾ 16 کان 18 ڪلاڪ ۽ سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ 20 ڪلاڪن تائين لوڊ شيڊنگ ڪئي ٿي وڃي. اخباري رپورٽن موجب ته سنڌ جي اڌ کان وڌيڪ شهرن توڙي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ جتي بجلي هينئر تائين مختلف سبب ڄآڻائي مورڳو ئي ڪٽي بند ڪئي وئي آهي. حيسڪو ۽سيپڪو پاران ڪيترن ئي ماڻهن جا ٽرانس فارمر لاٿا ويا آهن. ڪيترن ئي ماڻهن جا ٽرانس فارمر جيڪي سڙي ويا آهن ته اهي اڄ تائين خراب بڻيل آهن پر انهن جي ٺهرائڻ کان وٺي بجلي مهيا ڪرڻ جو ڪم جيڪو سرڪار جي ذمري ۾ اچي ٿو (يعني واپڊا وارن جو معامرو آهي ) اهو اڃان تائين ڪيو ته نه ٿو وڃي جنهن ۾ به وڏيون ڪوتاهيون آهن يا ته واپڊا ۾ عملو ئي اهڙو آهي يا ته ان کي مٿان کان به ڪنهن پاران جانچ پرتال نه ٿي ٿي ۽ انهن کان ڪو پڇڻ ڳڇڻ وارو ئي ڪونهي جو جيڪي ماڻهو ٽرانسفارمر وارو خرچ به ڀرن ٿا تنهن جي باوجود به انهن جا ٽرانس فارمر ٺيڪ نه ٿا ڪيا وڃن جنهن لاءِ مان پنهنجي شهر ميهڙ جو مثال پيش ڪندس. مدينه ڪالوني ميهڙ جو ٽرانس فامر گذريل ٽن مهينن کان سڙيل آهي جنهن جون ڪيترائي دفعا واپڊا وارن اوڳاڙيون (ڦوڙيون) به ڪيون آهن اهو چئي ڪري ته اوهان کي نئون ٽرانسفارمر وٺي ڏنو ٿو وڃي پر تنهن باوجود به اهي پئسا کاڄِي ويا، اهي ماڻهو اڄ به ان بجلي کان محرومي جو آزار پسي رهيا آهن لاڳيتو بجلي بند هجڻ ۽ گرمي جي وڌي وڃڻ جي سبب ڪري ڪالهه عبدالله ڪالوني ميهڙ مان ٻه ٻارڙيون به فوت ٿي ويون آهن پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ايڏي وڏي الميي ٿيڻ جي باوجود به ٽرانسفارمر لڳائي کين بجلي مهيا ڪري نٿي ڏني وڃي.  جڏهن ته بجلي جي لوڊ شيدنگ ۽ ڪنيڪشن ڪٽڻ جي خلاف پوري سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا به پڻ ٿي رهيا آهن پر تنهن هوندي به سرڪار جي ڪن تي ڪا جونءَ به نه ٿي چري. لڳي ائين ٿو ڄڻ ڪا سازش ٿي رهي هجي، اها سازش جنهن جو مک ڪردار وفاق ۽ ٻيو ڪردار سنڌ سرڪار هجي اسان کي سدائين وروڪڙ ڪري اهي ڳالهيون ٻڌايون پئي ويون آهن ته بجلي جي کوٽ آهي ٻئي پاسي وري اها ڳالهه ته سنڌ ۾ اڪثر بجلي چوري ڪئي ٿي وڃي، سنڌ سرڪار وري انهن جي اڳيان اسيمبلي ۾ وڏي آواز سان سنڌ جي اهڙي حق ۾ نا انصافي تي آواز به نه ٿي اٿاري.
                                                                                                                                               عامر ڪمال سولنگي

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو