Sunday, May 15, 2016

شاعريء جي زبان ؛ ڪي ڪي ماڻهو نسلن جي تقدير سنواري ويند اهِن




























شاعــر ؛ جمـــــن دربـــــدر
     هي  دنيا  هل  چل  جي  بستي  هتِ  ماڻهو  ايندا  ويندا  هِن
   چار  گهڙيون      مهمان      رهي   پر  لوڪ    پداري   ويندا هِن
  اڪثر  ماڻهو   بعد  مرڻ  جي  ياد   نه   ڪنهن   کي  ايندا  هِن
               ڪي   ڪي    ماڻهو      تاريخن   ۾      نقش    اڀاري  ويندا  هِن            
  اڪثر  ماڻهو  موت  جي  ڊپ  کان  هر هر  جيئندا  مرندا هِن
  ڪي  ڪي  ماڻهو  جيئندي  جيئندي موت کي ماري ويندا هِن
  اڪثر     ماڻهو   پاڻ     جيئڻ     لاء     قوم  کي  ماري  ويندا   هِن
  ڪي  ڪي ماڻهو    مرندي  مرندي   قوم   جيئاري    ويندا هِن
  اڪثر ماڻهو   مَتِ   جا   موڙها   پاڻ   نه   پنهن   جا    ٿيندا  هِن 
ڪي  ڪي  ماڻهو    نسلن    جي  تقدير    سنواري     ويند  اهِن

sindhsujag.blogspot.com

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو