Sunday, May 22, 2016

اُجهاميل رک جو دونهون

شوڪت لوهار

هِن وقت جڏهن سج ديوتا سنڌ ۾ سوا نيزي تائين لهي آيو آهي ۽ ڌرتي مِٽيءَ مان تبديل ٿي ٽامي جي ٿي پيئي آهي، اهڙين ساڙيندڙ حالتن ۾ ويتر ڪي واقعا رخمن تي لوڻ جيان ٻُرڪيا وڃن ته پوءِ ڇا ڪجي؟
ڪهڙي ڏسا بچي آهي، جتان ڪي بهار جا جهوٽا ايندا، اهڙو ڪهڙو دڳ آهي، جيڪو هُن گهگهه انڌيرن کي مات ڏئي، ڪنهن پرڀات جو پيامبر ٿيندو؟ اُهي ساک سويرا اڃا ويتر وڌيڪ پري ڀاسجن پيا، جڏهن اسين پاڻ کي ڪنهن ڌٻڻ ۾ لهندي محسوس ڪيون ٿا، اهي زخمن جا نشان ته شايد ڇُٽي سگهن ٿا، جيڪي جسمن تي لڳل هوندا آهن، پر انهن زخمن جو ڇا ڪجي جيڪي روحن کي رسيل هجن؟ اهي شايد صدين تائين، ها بلڪه ڪڏهن به ڇُٽي نه سگهندا آهن.
پيارو نارنجن جنهن وتائي جي گهر ۾ ’جان پلجر جي‘ ”ڇا اوهان کي ويٽنام ياد آهي؟“ جي نالي سان هڪ دستاويزي فلم پئي ڏيکاري جو خميس اوڻيهين مئي تي ويٽنام جي عظيم اڳواڻ هوچي مَنهه جي سالگرهه هئي.
هِن دستاويزي فلم ڏسڻ کانپوءِ ماڻهوءَ جا لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا، جو ان ۾ طاقت جي بدحواسي جي ور چڙهيل مست بڻيل آمريڪا ڪهڙي نه مٺي ٻولي ڳالهائي اچي ويٽنام مٿان هروڀرو جنگ مڙهي ٿو. انهيءَ کي جنگ ڇو چئجي، انهيءَ کي هِڪ طرفو حملو ڇونه چئجي، جنهن ۾ لکين ماڻهو، عورتون، ٻار، پوڙها، نوجوان سڀ آمريڪا ڊيزي ڪٽر ۽ پنچام بمن ۾ بُهه جيان اڏايا ۽ دنيا ڏسندي رهي.
ويٽنام جو قصور اِهو هو ته هُو بي قصور هو ۽ ’جان پلجرُ مطابق هُو يعني آمريڪا روس ۽ چين طرفان اٿندڙ ڳاڙهي انقلاب جي رستا روڪ لاءِ اِها هڪ پراڪسي وار وڙهي. ايتري حد تائين جو جنگ ۾ جيڪي ڪيميائي ۽ حياتياتي موتمار هٿيار استعمال ٿيا، انهن بابت آمريڪي فوجن کي پڻ مغالطي ۾ رکيو ويو ته ”هي ميزائل ۽ بم صرف ٻيلا ختم ڪرڻ ۽ اڃا به ٻيلن جي وڻن جي پنن کي ختم ڪرڻ لاءِ آهن“ پر پوءِ ڪيترائي فوجي پڻ انهن حياتياتي هٿيارن هٿان حياتيون وڃائي ويٺا.
جان پلجر هِن دستاويزي فلم ۾ آمريڪا طرفان انسانيت سوز ظلم جا پهاڙ جيڪي هِن غريب مسڪين ويٽنامي قوم تي ڪيرايا آهن، ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي. انهن جو ڪاٿو ڪرڻ اڄ تائين مشڪل آهي. جنگ کانپوءِ به عورتن جيڪي ٻار پئي ڄڻيا اهي انڌا، ڪاڻا، ڪنهن جو مٿو وڌيل، ڪنهن سان ڪو ٻيو مسئلو، پر نيٺ ٿيو ڇا؟ هِي عالمي سامراج لکين ماڻهو ماري به هنن ڄامڙن هٿان بُري طرح شڪست کائي ويو.
ويٽنام اِهو مُلڪ جتي هر طرف غربت ئي غربت آهي ۽ ماڻهو انهيءَ فلم ۾ پنهنجي سواري جيڪا صرف سائيڪل ئي آهي، ان تي پنهنجي اندر سان گوريلا جنگ ڪندي نظر اچن ٿا. هِن فلم ۾ جان پلجر سان هِڪ ويٽنام گائيڊ ڇوڪري به هوندي آهي، جيڪا ان کي آمريڪي فوجين جي ظلمن بابت ٻڌائيندي آهي.
هي ماڻهو جيڪي جيت جيترا، سُرڻن جانورن جيترا، ڏينڀوئن جا مانارا پالي آمريڪي فوج جي سامهون اڇلائيندا هئا ۽ فوجي وائڙا ٿي ڀڄندا هئا. دنيا ۾ اهڙو مثال ڪٿي به ڪونه ٿو مِلي، جو پاڻ کان هر حساب سان طاقتور ۽ هاٿي جهڙي چڙهائي ڪندڙ مُلڪ کي هيئن شڪست آئي هُجي. اِهو صرف ۽ صرف قيادت ۽ سنجيدگي ۽ پنهنجي ڌرتي سان محبت جي ڪارڻ ئي ممڪن ٿي سگهيو.
شابس آهي سائين نارنجن کي، جيڪو دستاويزي فلم جي اختتام تي سڀني آيلن کي چانهه پياري ٿو وري ان فلم بابت بحث مباحثو ٿئي ٿو.
انهي بحث هلندي پنهنجي موبائل تي هِڪ مئسيج ۽ ڪلپ اچي وڃي ٿي، جنهن کي ڏسڻ کانپوءِ منهنجي مٿي ۾ ڄڻ اسٽيل جا ڪوڪا لڳن ٿا، مان ساهه کڻڻ لاءِ ٻاهر نڪري وڃان ٿو. واپس گهر اچي خبر جي تصديق ڪيان ٿو ته معاملو حقيقت جي اثبات ۾ هليو وڃي ٿو.
نوشهروفيروز ۾ هڪ وڏيري جي ڪار کي اوچتو ٿورو گهڻو ٽڪر لڳڻ ڪري ٻن مزدور ڀائرن کي وات ۾ (جتيون) پادر ڏئي معافي وٺرائي وڃي ٿي.
ڪن سڄڻن وڊيو ڪلپس ۽ پنهنجا ڪمينٽس سوشل ميڊيا تي رکيا آهن ۽ اِهي هزارين لکين ماڻهن ڏٺا آهن. اهڙي واقعي کانپوءِ انسانيت جو ڪنڌ شرم وچان جهڪي وڃي ٿو. خبر ناهي ته هُن برڙ باڪاس وڏيري کي هِنن مسڪين ڀائرن کي وات ۾ پنهنجيون جتيون/ جوتا ڏئي معافي وٺرائڻ ۾ ڪهڙي تسڪين پهتي هوندي؟ آئون سوچيان ٿو. ”ڇا ڦل جي هن وڏيري جي گاڏي تي آيل رهڙ هنن مزدور ڀائرن جي روح تي آيل رهڙ کان وڌيڪ هوندي، جن وات ۾ جوتا وجهي خلق سامهون هٿ ٻڌا هوندا. آسمان ۽ زمين ٽڪرائجي ٽوٽا ٿي وڃن، تڏهن به انهيءَ تذليل جو قرض لاهي نٿا سگهن. بلڪه ڪنهن به تذليل جو ازالو آهي ئي ڪونه؟ ڇاڪاڻ ته تذليل سوچ کي گهٽ ڏيکارڻ جو نالو آهي ۽ دنيا ۾ کوڙ اهڙا مثال موجود آهن ته هٽلرن، چنگيزن، هلاڪوئن لکين ماڻهو ماريا، بش عراق ۽ افغانستان کي مٽي جي ڍير ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، پر ماڻهوءَ جي ميڄالي ۾ شڪست خورده ٿيڻ جو هِڪ ذري برابر به ڌڪ نه رسائي سگهيا.
”واهه ڙي وڏيرا واهه! ڇا هُو ٻيئي ڀائر تو جيان انسان نه هئا؟ ڇا اُنهن کي اهڙي ذلت آميز تذليل جو نشانو بڻائڻ دوران توکي ذري برابر به اِها سُڌ ڪونه پيئي ته هي به انسان آهن ۽ منهنجو ايترو نقصان ڪونه ٿيو آهي، جنهن جي ازالي لاءِ آئون انسانيت جو ڪنڌ شرم وچان جهڪائي ڇڏيان؟
ڇا تو اِهو ڪونه پئي سوچيو ته هِي اهو دور ناهي، جنهن ۾ هر ڪڌو عمل ڦٻي ويندو هو، پر هي جديد دؤر آهي، هي ميڊيا جو دؤر آهي؟ هتي ڪابه اهڙي شيءِ قانون ۽ انصاف کان ڇپيل ڪين ٿي رهي سگهي؟ هاڻي اهي ڏينهن ويا جڏهن ظلم ۽ بربريت جا پهاڙ ڪيرائيندڙن کي پناهه ملي ويندي هُئي، پر هاڻي ڪٿي به پناهه ڪونه ٿي ملي سگهي؟
ائين گهٽ ئي ٿيندو آهي؟ ڇاڪاڻ ته سنڌ اڃا تائين جاگيرداري نظام کان اڳتي وک به ڪونه وڌائي آهي. خانگي جيل اڄ به قائم آهن، اڄ به ڪيئي مزدور هارپ ۽ ڪڙمت جي نالي ۾ قرضي ٿي سڄي حياتي ۽ پوءِ نسلن جا نسل غلامي ۾ گذارين ٿا. اسان جي تعليم اسان جي صحت، اسان جو ڪاروبار، اسان جي رهڻي ڪهڻي، اسان جو ادب، اسان جي ثقافت اڄ به وڏيري هاڻي آهي. اسان جي سوچ ۾ وڏيرو ۽ جاگيردار ويٺو آهي. اسين ڀلي علم ۾ شمس العلماءُ ٿي وڃون، پر اسان جي ذهنن مان صدين جي وڏيرڪي سِم ۽ ڪلر ڪير ڪڍندو؟ هونئن به تعليم جيڪڏهن ماڻهوءَ جو سڀ ڪجهه بگاڙي سگهي ها ته اڄ دنيا ۾ جيل نه هُجن ها، اڄ دنيا ۾ موتمار هٿيار نه هجن ها. اسين پڙهي به اڻ پڙهيل رهجي ويا آهيون، اسان سوچي لوچي به ڪٿي لوڀي ۽ ٺوڳي بڻيل رهيا آهيون.
ڀوتارڪو ڪلچر جيڪو سنڌ کي اڏوهيءَ جيان کائي کوکلو ڪري ويو آهي، انهيءَ ڀوتارڪي ڪلچر جي پناهه گاهه ۾ ڪئين ڪُڌا ڪم ۽ انسانيت جو ڪنڌ جهڪائيندڙ واقعا رونما ٿيڻ هاڻ اسان وٽ معمول آهي. قانون ۽ انصاف کان بالاتر ڀوتار ان کي ذاتي مسئلو چئي جند ڇڏائي و ڃي ٿو. ان کي اهي ڪڌا ڪم هضم ٿي ٿا وڃن، هونئن انهن کي اکرن جو بلڊوزر ڊاهي سگهڻ جي طاقت به نٿو ساري سگهي. ڀوتارڪي قانون ۾ جيڪي عورتن سان ڪِيس ٿين ٿا، اِهي ته ساريا پيا آهن، قرآن سان شادي ڪرائڻ، جائداد بچائڻ لاءِ نياڻين کي گهٽا ڏئي مارڻ، نوڪرن، نوڪرياڻين ٻانهن ۽ ٻانهين سان زيادتيون ڪرڻ، غريب اٻوجهه ماڻهن جي اهڙي نموني تذليل ڪرڻ، جهڙي نموني هن ڊجيٽل دؤر جي ڀوتار نوشهري فيروز ۾ ڪيئي آهي، جيڪو پنهنجي گاڏي کي پاڻي واري جهاز وانگر روڊ تي هلائي ماڻهن ۾ ڏهڪاءُ پيدا ڪري، اهڙو مڪروهه ۽ ڪڌو عمل ڪري هُن سنڌ ۾ مقبوليت جا رڪارڊ ٽوڙيا آهن.
اسان وٽ اڃا چانڪيائي سوچ مٽي ڪونه آهي، اسان وٽ اڃا غلامي جو دؤر ختم ڪونه ٿيو آهي، بلڪه هر دفعي نئون روپ وٺي پئي آيو آهي. ماڻهن مٿان ڪُتا بڇائڻ، عورتن کي چهڪ ڏئي مرچ وجهرائڻ ۽ ٻيا انيڪ اهڙا حوالا آهن، جيڪي سنڌ جي هِن عظيم ڀوتار جي پت وائکي ڪن ٿا.
سياست جي طاقت جو نشو ويتر هن ڀوتار جي اهڙي ذليل زندگي کي مضبوط بڻائي ٿو ۽ اِهو سلسلو نسل در نسل هلندو رهي ٿو. سنڌ ۾ هر ضلعي، تعلقي ۽ يونين ڪائونسل ۾ بظاهر ته ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار حڪومتي ڪامورن طور مقرر ٿيل آهن، انهن سان گڏ پوليس جا عملدار به عوام جي ”خدمت“ ڪري رهيا آهن، پر حقيقت جي عينڪ پائي ڏسبو ته هِڪ ننڍڙو ڳوٺ، واهڻ، وستي، تعلقو ۽ ضلعو ڀوتار ڪانڊيري جي رياست نظر ايندو، اُتي صرف ۽ صرف انهن ڀوتارن جو راڄ هلي ٿو. ڀوتار، ٿاڻيدار، ڪامورا، هيءَ آهي سنڌ جي موجوده صورت. خان، نواب، رئيس، خانزادو، نوابزادو، پير، مير ۽ الائي ڇا ڇا! اهي صدين تائين ڄؤرن جي صورت ۾ سنڌ کي چنبڙيل ئي رهيا آهن ۽ شايد رهندا جو نوشهري فيروز جي هِن ڀوتار جهڙي طرح مزدور کي وات ۾ پادر وجهرائي معافي وٺرائي آهي، انهي جمود مان ته اِهو ئي معلوم ٿئي ٿو، پر نه ائين ڪونهي، جيئن ويٽنامي دستاويزي فلم ۾ جان پلجر پئي ٻڌايو ته هِي بُکيا، ڪمزور ۽ نٻل ماڻهو اٿيا ته اُنهن جي حوصلي ۽ همت، اجگر جهڙي فوج کي ٽوٽا ڏئي ڇڏيا.
ڪَک مان به آهه نه لاهجي، اِهو به اڏري ڪڏهن اک ۾ اچي پئي ٿو. اجهاڻل رک جي دونهين مان ڀڀڙ باهه ٻري سگهي.
                                                                               سنڌ سجاڳ بلاگ

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو