Wednesday, May 18, 2016

وال پيپر ؛ ديس ڌڻين کي بي دخل نه ڪريو ۽ نائمه جي علاج جو سوال

ديس ڌڻين کي بي گهر ۽ بي دخل نه ڪيو وڃي .!

ڪراچي جون قديم سنڌي وسنديون ڪراچي جي سڃاڻپ رکندڙ آهن ڪراچي جون قديم سنڌي وسنديون جيڪي آڳاٽي دور کان وٺي آباد آهن، ڪي ته وري اهڙيون به قديم آباديون آهن جيڪي قيام پاڪستان کان اڳ جون آهن وڏي ويڌن اها آهي جو  قديم وسندين خلاف قبضا مافيا  لساني ڌرهميشه سازشون ڪيون آهن، اها قيمتي زمين حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي گيم جو سهارو ورتو ويندو آهي، ڪراچي جون قديم سنڌي وسندين تي هميشه هر دور ۾ وار ڪيو ويندو آهي، ڌرتي ڌڻين کي هر دور ۾ قديم سنڌي وسندين ۾ طاقت جو استعمال ڪري غريب پورهيتن کي بي گهر ۽ بي دخل ڪيو ويندو آهي،با اثر قبضا مافيا حڪومتي ۽ پنهنجي طاقت  جي زور تي قديم وسندين تي داخل ٿي کلي غنڊه گردي ڪري ڌرتي ڌڻين جا گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويندا آهن ،اقتداري ڌريون پ پ مسلم ليگ (ن) ۽ ٻيون خاموش تماشائي جو ڪردار ادا ڪنديون آهن، ڪراچي ۾ اڪثر لساني ڌر جو ڪنٽرول رهيو آهي، اهو محسوس ٿيندو آهي، اقتدار ۾ آيل ڌر لساني ڌر کي ڪراچي ڏيئي چڪي آهي، لساني ڌر جي ڪنهن به جائز توڙي ناجائز ڪمن ۾ ڪابه مداخلت نه ٿيندي آهي،اهو ئي سبب آهي جو  لساني ڌر به قديم سنڌي وسنڌين کي مسمار ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي آهي، ڪراچي جون قيمتي زمينون  قبضا مافيا کي  چائينا ڪٽنگ طور ڏيئي  ناجائز  اربين رپيا غير قانوني لنڊن واري ڀائي ڏي منتقل ڪندي رهي آهي، هر اليڪشن ۾ سياسي ڌريون وڏا وعدا ڪنديون آهن ته هو ڪامياب ٿئي قديم وسندين کي بنيادي سهولتون ليز ۽ ڏيندا ،ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ ڪراچي جي قديم سنڌي وسندين کي مڪمل طور نظر انداز ڪري ڇڏيندا آهن، ڪراچي ۾ قديم سنڌي ڳوٺن سان هٿ چراند جا واقعا قديم وقت کان هلي رهيا آهن،ڌرتي ڌڻين کي بي گهر ۽ بي دخل ڪرڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي، متاثر ڳوٺاڻن جي نقصان جو فوري ازالو ڪيو وڃي،ڪراچي جي قديم وسنڌين کي تمام بنيادي سهولتون ڏنيون وڃن، ڌارين کان ناجائز قبضاخالي ڪري انهن کي ملڪ نيڪالي ڏني وڃي،قديم وسندين کي ڊاهڻ بند ڪيو وڃي،۽ انهن کي ليز ڪيو وڃي.
                                                                                                                            جاويد احمد چانڊيو
 نائمه جي علاج جو سوال

هڪ بي پهچ بي سهارا غريب مسڪين  گڏهه گاڏي هلائيندڙ پورهيت حنيف خاصخيلي جو اندر ته ان ڏينهن سڙي  رک ٿي ويو هو جنهن ڏينهن سندس 12 سالن جي نياڻي نائمه خاصخيلي جا ڊاڪٽرن ٻئي هٿ پير ڪٽي هميشه لاءِ معذور ڪري ڇڏيو. هوءَ دنيا کان ڌار ٿي صرف کٽ حوالي ٿي وئي مڃون ٿا ته ڊاڪٽرن نائمه جي زندگي بچائڻ لاءِ هٿ پير ڪٽي ڇڏيا اهي به مسيئحا هئا جن زندگي بچائڻ لاء هٿ پير ڪٽيا پر اهو به هڪ ڊاڪٽر هو جنهن جي غلط علاج ڪرڻ سبب نائمه جا هٿ پير خراب ٿي پيا. دوا جي ري ايڪشن  سبب ڊاڪٽرن کي هٿ پير ڪٽڻا پئجي ويا. هڪڙي زند گي وڃائي ۽ هڪڙن زند گي بچائي بهرحال هئا سڀ مسيئحا هنن ته پنهنجو ڪم ڪيو جيڪو هنن کي ڪرڻو هو هاڻ ان پورهيت جي جيڪا ملڪيت هئي گڏهه گاڏي سا به هن وڪڻي نياڻي جو علاج ڪرايو، پر ان علاج سان به نياڻي ٺيڪ نه ٿي ۽هاڻ ان جا زخم ناسور ٿي ويا آهن ۽ هو تڪليف ۾ مبتلا ٿي وئي آهي  پنگريو سميت بدين جي ڊاڪٽرن به پنهنجي پٽي ڀائي جي همدردي ڪندي نياڻي جو علاج ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ڪو به ڊاڪٽر مظلوم ۽ معصوم جي پٽي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، نائمه جو پيء نائمه کڻي ميڊيا آڏو انصاف لاءِ دانهين رهيو آهي ۽ علائقي جي وڏيرن فيصلو ڪيو ته ڊاڪٽر کان 2 لک روپيا وٺي ڏيون تون ماٺ ڪري گهر ويهي رهه انهن وڏيرن کان ڪو پڇي ته هن صغير جي هٿن پيرن جي قيمت آهي جو توهان مقرر ڪئي آهي اسان جي سرڪار سڳوري وٽ صحت لاءِ اربين روپيا رکيل آهن پر غريبن کي ته هڪ گوري به نه ٿي ملي ان ڪري اهڙا هاڃا ٿين ٿا نائمه جي علاج جو سوال اسان جي سرڪار جي ڪارڪردگي تي هزارين سوال اٿن ٿا ڪو به نظام کي ٺيڪ ڪرڻ نه ٿو چاهي. صحت کاتي کي نائمه جو علاج ڪرائڻ گهرجي ڇوته نائمه هاڻ زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل آهي.
                                                                               بشير احمد کوسو/ پنگريو ضلع بدين


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو