Friday, May 20, 2016

غريب ملڪ جا ارب پتي سياستدان ۽ حڪمران

مددعلي سنڌي
هاڻ ته مغربي ملڪن جي پريس به تعجب ۾ اچي وئي آهي. جڏهن هنن پاناما ليڪس، جو پڌرنامو ڏٺو آهي. خدا کي خبر ته اڃا جيڪڏهن دبئي ليڪس ظاهر ٿيندي ته اسان جي هن غريب ملڪ جي کرب پتي سياستدانن ۽ ڪامورن جا ڪهڙا ڪهڙا راز پڌرا ٿي پوندا. تڏهن ته ڪنهن چيو آهي ته هڪ غريب، بيحد غريب ملڪ پاڪستان جا ڪروڙ پتي سياستدان ۽ حڪمران. سچ پچ ته هن ملڪ ۾ اچڻ کانپوءِ خدا تعاليٰ جي ذات ۾ پڪو پختو ايمان ٿو اچي وڃي، ته واقعي خدا تعاليٰ آهي، تڏهن ته هي غريب ملڪ هلي رهيو آهي.
ڀلا ڏسو ته سحي، پاڪستان جي ڪامورن جا لنڊن ۾ بنگلا آهن، (مثال هو ايف آءِ اي جي هڪ اڳوڻي ڊائريڪٽر ۽ هاڻوڪي اڳوڻي وفاقي وزير جو ڏين ٿا) فرانس ۾ محل آهن. ملائيشيا ۾ هوٽل آهن، عرب امارتن جي دبئي شهر ۾ ملڪيتون آهن. ولاز آهن جميرا پيچ تحت هاڻي ڪنهن جا نالا وٺي ويهي ڳڻائجن، ڇاڪاڻ ته حقيقت حال جي هر ڪنهن کي چڱيءَ ريت ڄاڻ آهي. پاناما ليڪس نه گهڻن کي پڌرو ڪري مورڳو پاڪستان جي سياست ۾ گوڙ مچائي ڇڏيو آهي، حالت آخرڪار اتي وڃي بيٺي جو مخالف ڌر جي مطالبي تي وزيراعظم پاڪستان ميان محمد نواز شريف کي ٻه ڀيرا ريڊيو ۽ ٽي وي تي، ۽ هڪ ڀيرو قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪري، پنهنجي مالي پوزيشن ٻڌائڻي پئجي وئي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ملڪ ۾ جتي هڪ پاسي اونهاري جي گرمي خوفناڪ ٿي وئي آهي ته ٻئي طرف هن ڪوسي مند ۾ ملڪي سياست به گرم ٿي وئي آهي ۽ پاناما ليڪس وارو معاملو اڃا سڌرندي نظر نه اچي رهيو آهي. گهڻا ماڻهو ته چون ٿا ته هي سمورو معاملو اکين ڏيک آهي. مخالف ڌر سميت سمورا سياستدان رڳو هڪ کيل تماشو ڪري پنهنجي حيثيت مڃرائي رهيا آهن. باقي ٿيندو ڪجهه به ڪونه، نه ڪا جاچ ٿيندي، نه وري ڪميشن ٺاهڻ تي ڪو راضي ٿيندو. ميڊيا تي کيل تماشو جاري رهندو. باقي ملڪ جي بدقسمت غريب، اٻوجهه ڪروڙين ماڻهن جا بنيادي مسئلا وڃي کڏ ۾ پون. تنهن ۾ ايئرڪنڊيشنڊ اسيمبلين ۾ ويٺلن جو ڇا وڃي؟.
اها هڪ کليل حقيقت آهي، ته پاڪستان ڪرپشن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي. بدعنواني جي زهر، ملڪ کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي. اهو سڀ ڏسون ٿا ان وقت جڏهن ملڪ ۾ ڪرپشن جا داستان آڏو اچن ٿا. هڪ پاسي ڪرپشن ته ٻئي پاسي حڪمرانن ۽ ڪامورن جون شاهه خرچيون ايوان صدر، وزيراعظم هائوس، گورنر هائوس، وزيراعليٰ هائوس، وفاقي ۽ صوبائي وزيرن جي رهائش ۽ طرز زندگي، بيورو ڪريٽس جو ملڪ کي لٽڻ، سندن ڪارن جي فليٽن کي ڏسو ته ماتم ڪرڻ لاءِ ئي دل چوي ۽ تازو اخبارن ۽ ٽي وي تي خبر آئي آهي ته ملڪ جي قومي اسيمبلي ميمبرن جون پگهارون وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. خبر موجب هاڻ انهن ميمبرن جون قومي اسيمبليءَ جون پگهارون وفاقي سيڪريٽري جي پگهارن جي برابر ٿينديون، جڏهن ته هڪ وفاقي سيڪريٽري جي پگهار اٽڪل اڍائي لک رپيا ٿئي ٿو. هاڻ اوهين پاڻ اندازو لڳايو ته اها پگهار ۽ تنهن کانسواءِ ٽي اي ڊي اي جدا هوندو، جيڪو وڃي ڪٿي بيهندو، اهو هنن انگن اکرن مان بخوبي ظاهر ٿي پوندو.
ملڪ ۾ قومي اسيمبليءَ جي چونڊيل ميمبرن جو ڪل تعداد 272 آهي. جڏهن ته نامزد عورتن جو تعداد 60 ۽ اقليتي ميمبرن جو تعداد وري 10 آهي. اهڙي طرح سمورن ميمبرن جو انگ وڃي ٿو بيهي 342. هاڻ جيڪڏهن 342 ميمبرن کي پگهار اڍائي لک ۽ ٽي اي ڊي اي گهٽ ۾ گهٽ ڏيڍ لک هجي، ته پوءِ اهو انگ وڃي بيهندو اٽڪل 13 ڪروڙ 68 لک رپيا.
اهو حال آهي اسان جي هن غريب ملڪ جو، جتي عام ماڻهو غربت، بيروزگاري جي گهاڻي ۾ پيڙهجي رهيا آهن، جتي ماڻهو غربت کان مجبور ٿي خودڪشي ڪرڻ تي ٿا مجبور ٿي وڃن. جتي ڪروڙين پاڪستانين کي پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ڪونهي، سرڪاري اسپتالن جي حالت زار آهي، جتي علاج لاءِ ڪابه بنيادي سهوليت ميسر ناهي، جتي سرڪاري اسڪولن جي صورتحال تباهي تي پهچي وئي آهي ۽ انهيءَ ملڪ ۾ هڪ مخصوص ڪلاس ڪروڙين نه پر اربين رپين ۾ کيڏي رهيو آهي. سياستدانن، پوءِ چاهي اهي اقتدار ۾ شامل هجن يا پراڻا، بيورو ڪريٽس نوڪرين ۾ هجن يا رٽائرڊ، سمورا، بدعنواني، قومي دولت کي ڦرڻ ۾ اڳي کان اڳرا رهيا آهن.
۽ اعتبار ئي نٿو اچي ته هي اهو ملڪ آهي جنهن ۾ ڪڏهن ايماندار سربراهه به هئا. ٿي سگهي ٿو ڪرپشن ڪندڙن کان باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح وسري ويو آهي. پاڪستان ٺاهيندڙ هي شخص فقط 13 مهينا زندهه رهيو. پر گورنر جنرل جي حيثيت سان هي شخص مثال قائم ڪري ڇڏيا. گورنر جنرل هائوس جو پنهنجو ذاتي خرچ هي پاڻ ڀريندو هو. سندس هڪ اي ڊي سي پنهنجي يادگيرين ۾ لکي ٿو ته پهريون ڀيرو نئين ملڪ جي مرڪزي وزارت جو اجلاس گورنر جنرل هائوس ۾ رٿيل هو، اسان جناح صاحب کان اڳواٽ پڇيو، ته مهانن کي ميٽنگ دوران چانهن، ڪيڪ ۽ پيسٽري پيش ڪئي ويندي. ان تي جناح صاحب چيو ڇو وزير صاحب پنهنجي گهران چانهن پي نه ايندا آهن. ضرورت ڪونهي ان قسم جي فضول خرچ جي جيڪو اڃا نئون ملڪ آهي.
اوهين پاڻ ڏسو هڪ ٻيو مثال ته قائداعظم کي ڍاڪا جو سفر ڪرڻو هو، پر سفر لاءِ ميسر ڊڪوٽا هوائي جهاز پراڻو هو، ان ڪري کيس ٻڌايو ويو ته برٽش ايئروز کان اوهان جي سفر لاءِ چارٽر هوائي جهاز ڪريون ٿا، ته جيئن اوهين آرام سان اهو ڊگهو سفر ڪري سگهو، پر جناح صاحب انهيءَ رٿ کي رد ڪندي چيو ته هرگز نه، اهو خرچ بلڪل نه ٿيڻ گهرجي، آئون هن پراڻي جهاز ۾ ئي ڍاڪا هليو ويندس.
ان کانپوءِ خواجه نظام الدين، لياقت علي خان، محمد علي بوگرا، حسين شهيد سهروردي، آءِ آءِ چندريگر، چوڌري محمد علي، فيروز خان نون، ملڪ جا وزيراعظم ٿيا، پر ڪنهنجي به ڪرپشن جا قصا اصل موجود ڪونهن، نه بنگلا ملڪ اندر ورتائون، نه وري لنڊن ۽ نيو يارڪ ۾ ملڪيتون ۽ ڪاروبار ڪرڻ جي ڪڏهن سوچ رکيائون. ڪهڙا مرد قلندر هئا ويندي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي به هڪ ڪراچيءَ ۾ پنهنجي والد جو 70 ۽ 71 بنگلو هو. باقي سڀ خير. ڀٽو صاحب جهڙو آئيڊيل ڪردار خبر ناهي ڇو اسان جي حڪمرانن کان وسري ٿو وڃي. هاڻ ته اڇ ئي اڇ لڳي پئي آهي. ڪرپشن جي حمام ۾ سمورا عريان آهن. بازار مصر ۾ هر ڪنهن جي مالي پوزيشن عام آڏو آهي. هر مالدار چوي ٿو ته منهنجو ناڻو اباڻو آهي. بابا جي ملڪيت آهي. پنهنجي محنت آهي، پر سندس ماضي ڏسون ته پاڻمرادو حقيقت سامهون اچي بيهندي.
انهن حالتن ۾ وري اها ڳالهه چئجي ٿي ته ڇا پياري پاڪستان ۾ ڪنهن بي رحم احتساب جي توقع رکي سگهجي ٿي يا نه؟ ڇا هن ملڪ ۾ خدا جو خوف ۽ ڪروڙين ماڻهن جي پئسي سان راند ڪرڻ جو لاڙو ختم ٿي سگهندو؟ ڇا پاڪستان ۾ سرجيڪل آپريشن ڪرپشن ڪندڙن خلاف ٿي سگهندو يا نه؟ يا هر ڪو سياستدان هن ملڪ کي ڦاهوڙا هڻي پئسا ڪمائي، لنڊن، دبئي ۾ وڃي ٿائينڪو ٿي ويهي رهندو. عام ماڻهن کي ته وڏيون اميدون آهن ته هن قهري ڪوٽ کي، ڊاهڻ لاءِ بنا ڪنهن رياء جي احتساب جو عمل ميدان ۾ ايندو. جيڪڏهن اهو سڀ ڪجهه ٿي وڃي ته هي ملڪ به هڪڙي ويلفيئر اسٽيٽ جي شڪل اختيار ڪري سگهي ٿو پر بشرطيڪ انصاف سان احتساب جو عمل آندو وڃي.
                                                                                                    سنڌ سجاڳ بلاگ

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو