Monday, May 23, 2016

خوشيء کي ڪٿي تلاش ڪجي؟

شفيق شاڪر

اڄ،اسان مان جتي هرماڻهو خوشي گھري ٿو، اتي دلچسپ حقيقت اها به آهي ته سڀ کان وڌيڪ پنهن جن خوشين جي محرومين ۾ اسانجو پنهن هٿ هوندو آهي.. جيتوڻيڪ ڪيتريون ئي عادتون آهن  جيڪي اسان پاڻ ۾ آساني سان پيدا ڪري سگهون ٿا ۽ ڪيترين ئي عادتن کان اسان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگھون ٿا جيڪو عمل اسان کي هڪ خوش زندگي گذارڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگھي ٿو. پر اسان مان هرڪو انهن عادتن کي جيئن جو تيئن رکي خوشين جي تلاش ۾سڄي زندگي،رڃ جي رڻ ۾ ڌڪا کائيندو رهي ٿو پر زيست جو حاصل سواء سراب جي ٻيو ڪجھ به ثابت نٿو ٿئي. ڇو ته اسان جي  خوشين جي چاٻي ڪنهن ٻئي وٽ نه پر خود اسان وٽ ئي هوندي آهي جنهن کي ڪنهن جڳھ تي رکي اسان ڀلجي ويندا آهيون.                                                                                                                     ماڻهن سان وڌي ڪري ڳالهائڻ،: پاڻ ۾ ڳنڍيل رهڻ،. دوستن، مائٽن ۽ پاڙيسرين کي ياد رکڻ،اهي ننڍڙيون ننڍڙيون شيون آهن ۽ انهن ئي ننڍڙين ۽ معمولي شين ذريعي اسان ننڍڙيون ننڍڙيون خوشيون گڏ ڪري سگھون ٿا.خوشين جي هڙ ڪنهن غيبي خزاني جي صورت ۾ ڪٿي به پيل نٿي ملي پر انهن کي ٿورو ٿورو ڪري جمع ڪرڻو پوي ٿو ۽ پوء انهن جي حفاظت ڪرڻي پوي ٿي. ڪنهن کي سلام ڪرڻ،ڪنهن کي مبارڪباد ڏيڻ،ڪنهن جي ڏک ۾ ان سان شريڪ ثيڻ.ڪنهن جي جائز تعريف ڪرڻ،انهن شين ۾ آخر ڪهڙي ڪا وڏي محنت يا سيڙپ ڪرڻي پوي ٿي!                              فطري ڳالھه آهي ته اسان کي هر خوشي ۽ ڏک ۾ پنهن جن پيارن جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي پر جڏهن ڪو انهن مان ڪنهن اڻ ڄاتل سبب يا مجبوريء ڪري اسان جي حد کان وڌيڪ قائم ڪيل اجاين اميدن تي پورو نٿو لهي ته اسان پنهن جي دل ڳري ڪري ۽ هزراين وهمن گمانن جا جبل جوڙي، انهن تان پنهن جو پاڻ کي ڌڪو ڏيڻ لڳون ٿا.هميشه ٻئي جي لاء پاڻ کان وڌيڪ رعايت، سهوليت ۽ جواز ڳولهڻ گھرجي ۽ ڪنهن کي سزا ڏيڻ ۾ غلطي ڪرڻ کان ان کي معاف ڪرڻ ۾ غلطي ڪرڻ بهتر آهي. ان رويي سان دل تان ڪافي بار هٽي ويندو.ڀلا ڪنهن جي به غلطيء تي اسان ان انتظار ۾ پنهن جي دل ساڙي رهيا هجون ته هن اڃا تائين.مون کان معافي ڇو ناهي ورتي؟ ان کان بهتر اهو ناهي ته اسان هن کي پنهن جي پاران عظيم سخا جو مظاهرو ڪندي کيس بنان چوڻ جي اڳواٽ ئي معاف ڪري ڇڏيون! اهو ضرور ڪنهن حد تائين ڏکيو ڪم آهي پر جيڪر ان قيمت تي خوشين جي هڪ وڏي خزاني جو در اسان تي هميشه لاء کلڻو آهي ته اهو سودو تمام سستو آهي.
اتفاق سان منهنجو ڪنهن جڳھ تي وڃڻ ٿيو،جڏهن اتي پهتس ته شاندار قسم جون عمارتون ڏسي آئون سوچڻ لڳس ته انسان جي سرشت ۾ سندس جوڙيندڙ سونهن ۽ سوڀيا جي ايڏي ته اڪنڊ رکي آهي جو هو پنهن جي آسپاس هر شيء ۾ اها سونهن پسڻ چاهي ٿو.پنهن جي رهڻي ڪهڻيء ۾،پنهن جي اٿڻي ويهڻيء ۾،پنهن جي محفل ۽ برخواست۾ ۽ پنهن جي صورت ۽ سينگار ، لباس ۽ پوشاڪ ۾ هو سونهن پسند آهي.آئون اهو سوچي ئي رهيو هوس ته اوچتو منهن جي نظر هڪ ٻي تصوير ڏانهن ويئي.انهن شاندار عمارتن جي اندر جيڪا مخلوق موجود هئي.انهن جي چهرن مان ڪنهن به چهري تي ڪا مرڪ نظر نه آئي،مون کي ايئن محسوس ٿيو ته اهي سالن کان ڪڏهن دل کولي کليا ناهن.ڪومايل منهن،بي ڪشش اکيون،پيشانين تي ڪرب ۽ پريشانين جا نشان،ڪو سوال پڇي پيو ته ان کي اڌ جواب پيو ملي،ڪو مشورو ڏئي پيو ته ان کي جھڻڪ پيئي ملي.هڪ ٻئي کان بيزار، پنهن جو پاڻ کان خفا،حالانڪه آئون انهن ماڻهن کي ذاتي طور تي سڃاڻان ته اهي سڀ ٺيڪ ٺاڪ روزگار سان لڳل آهن،مال ملڪيت به صحيح آهي،ڪنهن قدرتي آفت يا حادثي کان به خدا انهن کي محفوظ رکيو آهي.سڱابندي وغيره جا تڪرار به ناهن،قرضن ۽ مرضن جي به حالت ناهي.پوء هي نظارو آخر ڪهڙي مرض طرف اشارو ڪري ٿو.اهڙن گھرن کي ته گلزار هئڻ گھربو هو جيڪي ويراني جو منظر پيش ڪري رهيا آهن.ڪافي تحقيقات کان پوء خبر پيئي ته انهن ماڻهن مان هر ماڻهو صرف پنهن جي لاء ۽ پنهن جي سوچ تي ئي جيئڻ گھري ٿو.هڪ ٻئي جي جذبن،سوچن ۽ احساسن جو ٽڪي جو به خيال نٿو رکيو وڃي.انهن مان هر ماڻهو پنهن جو پاڻ کي ئي درست ۽ ٻين سڀني کي غلط سمجھي ٿو.ڪنهن کي پنهن جي خيالن ۽ مرضيء جي اظهار جو موقعو هرگز نٿو ڏنو وڃي جنهن ڪري وهمن ۽ گمانن جي پٿرن رشتن جون ديوارون ڇلي ڇڏيون آهن.جڏهن هر ماڻهوء جي جھوليء ۾ صرف پريشانيون ئي هجن ته هڪ ٻئي سان شيئر ڪرڻ لاء خوشين جو خزانو ڪٿان اچي! جيڪڏهن توهان وٽ هڪڙو صوف هجي اهو توهان منهن جي حوالي ڪري ڇڏيو ته توهان وٽ ڪجھ به نه بچندو پر جيڪر توهان وٽ هڪڙي خوشي آهي،اها توهان مون سان شيئر ڪيو ۽ هڪڙي خوشي مون وٽ آهي اها آئون توهان سان شيئر ڪيان ته هڪئي وقت ٻه خوشيون مون وٽ ۽ ساڳيون ٻه خوشيون توهان وٽ اچي وييون،بس ايئن ئي انهن خوشين جي ضرب ٿيندي آهي ۽ اهي وڌنديون.ڦهلبيون ۽ پکڙجنديون وينديون آهن. ٻئي کان ڪا خوشي کسي خوشين سان ڪڏهن به پنهن جو گھر ڀري نٿو سگھجي.اسان جي هٿن ۾ آيل ڪنهن خوشيء جو جيڪر اسان عقل جي گهراين سان جائزو وٺنداسين ته اسان کي اها حقيقت معلوم ڪري وڏي حيرت ٿيندي ته اها، اها ساڳي خوشي آهي جيڪا اسان ڪنهن کي اڌاري ڏني هئي جيڪا پنهن جي معڪوس  Reflecting فطرت سبب واپس اسان ڏانهن موٽي آئي آهي!
(روزاني سوڀ ، 21 مئي 2016ع)
هيپي هرٽ پوائنٽ

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو