Sunday, May 22, 2016

برڪتن واري رات.

سڪندر چنو
شعبان وارو مهينو وڏي برڪتن ۽ رحمتن وارو مهينو آهي. حضور اڪرم صه هڪ جاءِ تي فرمايو آهي ته ”رمضان شريف جو مهينو الله تعاليٰ جه جو آهي ۽ شعبان جو مهينو منهنجو آهي“، شعبان اسلامي سال جو اٺون مهينو مبارڪ آهي هن مهيني جون وڏيون برڪتون ۽ فضليتون بيان ڪيل آهن. حضرت عائشه صديقه رضه فرمائي ٿي ته حضور پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم کي سڀني مهينين کان شعبان مهينو پيارو هوندو آهي. ان ڪري پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم ان مهيني ۾ وڌ کان وڌ روزا رکندا هئا.
شعبان کي ان لاءِ شعبان چيو آهي ڇاڪاڻ ته هن مهيني ۾ برڪتون وڌيڪ ملنديون آهن. شعبان دراصل شعب مان نڪتل هڪ لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي جبل مان نڪرندڙ مشڪل ترين رستو. هن مهيني جو نالو اصل ۾ هن ڪري رکيو ويو ته اسين الله تعاليٰ جه جا قرب حاصل ڪري سگهون. پنهنجي گناهن ۽ اعمالن کان الله تعاليٰ جه کان معافي وٺي سگهون. حضرت ابو امامه بالي رضه جن کان روايت آهي ته نبي پاڪ صه جڏهن شعبان جو مهينو ايندو هو ته پاڻ تلقين فرمائيندا ته پنهنجي جسم کي وڌ کان وڌ پاڪ رکو ۽ پنهنجن نيتن کي پڻ پاڪ ۽ صاف رکو هي اهو مهينو آهي جنهن ۾ ماڻهن جي عملن کي الله تعاليٰ آڏو پيش ڪبو آهي. پاڻ ڪريم صه فرمائيندا هئا ته الله تعاليٰ جه جي سامهون منهنجا اعمال پيش ڪجن ته مان روزي ۾ هجان. شعبان جي مهيني ۾ شرافت، بنلدي، ڀلائي، الفت ۽ نور ٻڌجي وڃڻ آهي. هن مهيني ۾ نيڪين جي گهڻي مقدار ۾ نازل ٿيڻ ڪوتاهين، خطائن ۽ گناهن جي بخشش ۽ برڪتن جو نازل ٿيڻ آهي. نبي پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو آهي ته جيڪو شخص شعبان مهيني ۾ ٽي روزا رکندو ۽ افطاري وقت مون تي ٽي ڀيرا درود شريف پڙهندو ان جا سمورا گناهه ڪيا ويندا ۽ ان جي روزي رزق ۾ ايترو اضافو ٿيندو جو ان جي اوقات کان به وڌيڪ هوندو ۽ قيامت ڏينهن الله تعاليٰ ان شخص کي جنتي اٺ تي سوار ڪندو ۽ ان تي سوار ٿي جنت ويندو.
15 شعبان المعظم واري ڀلاري رات هڪ مقدس رات آهي جنهن کي شبِ بارات چيو ويندو آهي آسمان ۾ فرشتن جون عيد جون راتيون ٿينديون آهن. جيئن مسلمانن جي زمين تي ٻه وڏيون عيدون ٿينديون آهن. هن رات ۾ ايندڙ سال واري شبِ بارات تائين سڀني مرڻ وارن جا نالا ۽ حساب لکيو ويندو آهي. حضرت آنس رضه جن فرمائن ٿا ته جيڪو هن مهيني ۾ صرف هڪ روزو رکي ٿو ان جي جسم مٿان جهنم معاف ڪيو وڃي ٿو ان لاءِ اسان مسلمانن کي گهرجي ته 15 شعبان واري رات ٻيا سڀ ڪم ختم ڪري الله تعاليٰ جه جي قربت حاصل ڪرڻ ۽ محبوب صلي الله عليه وآله وسلم جي صدقي سندس در سجدو ڪري پنهنجي گناهن ۽ غلطين جون معافي وٺون ۽ روزي ۽ رزق لاءِ مٿي هٿ کڻون ڇاڪاڻ ته الله تعاليٰ وڏو ڪارساز آهي ۽ معاف ڪندڙ آهي. اي آدم مون کان معافي گهر ته آءُ توکي معافي ڏيان مون کان خوشحالي گهر ته اهو توکي خوشحالي ڏيان ۽ هر وقت پنهنجي بندي کي سڏيندو رهي ٿو. 15 شعبان جي آڌي رات کان صبح جو باڪ ڦٽي تان الله پاڪ زمين تي لهي اچي ٿو ۽ رحمتن جا دروازا کولي ڇڏي ٿو. هن مهيني ۾ غريبن ۽ ضرورتمندن جي مدد ڪرڻ گهرجي.
                                                                          سنڌ سجاڳ بلاگ

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو