Sunday, May 29, 2016

ڀٽڪندڙ نسل جي درد ڪٿا!



 شوڪت لوهار


اوهان جي ڳالهه ٻُڌڻ لاءِ ڪير به تيار ڪونه آهي، اوهان جي مدد ڪرڻ لاءِ ڪير به تيار ڪونه آهي، ڪوبه اهڙو ماڻهو نه آهي جيڪو سينو تاڻي چئي سگهي ته هُو اوهان جو آهي، اوهين هُن جا آهيو، گڏ کائڻ، پيئڻ، رهڻ، سهڻ، سڀ ڪجهه ۾ اوهان اوپرا ۽ پراوا آهيو، بلڪل ڪنهن خلائي مخلوق جيان، ڪنهن ستاري کان آيل يا ڪنهن سياري مان ڪِريل، هي ڌرتي جو گولو ۽ هِن تي رهندڙ هي مخلوق اوهان کي قطعي قبولڻ لاءِ تيار نه آهي. توڙي جو اوهان جي وجود جي بناوٽ ذري گهٽ سڀني جهڙي آهي، پر نه اوهان ظاهري طور بدن جي بناوٽ ۾ ڌڪ کاڌل آهيو ۽ ٻيا ڪنهن نه ڪنهن خاني ۾ ضرور اچن ٿا، ان ڪري انهن جو سماج ۾ ڪردار ۽ ڪردار ۾ سڀ ست رنگ شامل هجن ٿا، اوهان ته ماڳهين هِن اسان جي موجوده سماج ۾ هِڪ عجيب و غريب هِڪ جسم جو لوٿڙو ۽ بَس ڪجهه ماڻهن کي ريجهائڻ لاءِ کيڏوڻا آهيو ۽ اوهان جي ڪابه اهميت ڪونه آهي.
هونئن ته ڏمر ۽ ڏاڍ جا الميا ايترا آهن ۽ جيڪي روزانو حسابي ضرب سان گڏوگڏ روح کي به ضربي رهيا آهن، جن جو ذڪر ڪندي، لفظن جا سڪل ٿوهر ڪٿي ٿا هن ٻاٽ ۾ ڪو سوجهرو ڪري سگهن جو هر وجود جي نڙيءَ ۾ ڪنهن نه ڪنهن مجبوري ۽ مسئلي جي ميخ لڳي پيئي آهي.
منٽو صحيح لکيو هُو يا غلط پر ڳالهه هٿوڙي جهڙي ڪئي هئائين ته ”هي معاشرو ڪنهن مائي کي عزت سان ٽانگو به هلائڻ ڪونه سهندو، پر ان جي بجاءِ بازار ۾ اُن کي هلائڻ لاءِ راهه هموار ڪري ڇڏيندو.“ مسئلن جي دلدل ۾ گهيريل اسان ماڻهو، پنهنجي ئي لاش جي پاڻ مزار بڻجي رهيا آهيون ۽ پنهنجي مرتئي جي پاڻ ئي فاتحه پڙهي رهيا آهيون، اسان جي اکين مان نڪتل لڙڪ شايد ڪنهن حاڪم جي اکين مٿان چڙهيل چرٻي کي نظر اچي وڃي ها ته هوند اڄ اسين ٻيو ڪجهه نه تڏهن به بک ڏک ئي سهي پر پنهنجي حصي جي تشخص ۽ عزت کي پاڻ سان گڏ محسوس ڪيون ها، پر شايد اسان جهڙي معاشري ۾ ائين ٿيڻ ڏکيو آهي.
عليشا هَا هُن جو نالو عليشا هو، هُو ڪير هئي، يا هُيو؟ ڪا خبر نه آهي. ڇاڪاڻ ته هُن جي جنس طئي ٿيل ڪونه هئي. هُو پنهنجي جنم کان وٺي مرڻ تائين پنهنجي شناخت جي ڳولا ۾ رهي، هُو هِڪ اڻ اظهارجندڙ جنس سان تعلق رکندڙ هئي. هُن کي اسان جي معاشري ۾ ڪوبه عزت جي نگاهه سان ڪونه ڏسندو آهي، هونئن اوهان معاشري کي ته ڇڏيو پر جنم ڏيندڙ ماءُ ۽ اولاد تي اڪن ڇڪن ٿيندڙ پيءُ به سندس جنم کانپوءِ گهر جي ڪنڊ ۾ مُنهن لڪائڻ لاءِ جاءِ پيا تلاش ڪندا آهن ۽ جلد ئي کيس ”سندس قبيلي“ حوالي ڪيو ويندو آهي ۽ پوءِ ان جو پنهنجي ماءُ پيءُ ۽ مٽن مائٽن سان ڪوبه تعلق ڪونه بچندو آهي. ڪيڏي نه ڪربناڪ ۽ دردناڪ هوندي آهي اِها حالت، جنهن مان هِڪ ماڻهو کي گذرڻو پوندو آهي. جنهن ۾ سندس ڪو قصور ڪونه هوندو آهي. ڪجهه اهڙو ئي ٿيو آهي پشاور جي هن عليشا سان به. هُو به ان قبيلي سان تعلق رکندڙ آهي، جن کي اسان جهڙي اشرف ۽ ملوڪان لاءِ وندر جو سامان هوندا آهن!
هُن جي پٺيان ڪهڙا ويري لڳل هئا. ڀلا ڪنهن کي مٿي ۾ سور پيو آهي جو ان جي ويهي پڇا ڳاڇا ڪري؟ ڇاڪاڻ ته هِي ڪنهن مرد يا مائي جو قتل ٿورو ئي آهي. هي ته بس، ها ها ها، ڪنهن ٽئين جنس، ڪنهن گوشت جي لوٿڙي جو قتل آهي، جنهن سان ڪنهن جو ڪوبه تعلق نه آهي. هتان ريپبلڪ جي آبادي ڪجهه ڇڻي وئي آهي، ائين ڪي نه؟
اسان جيڪي ڪجهه به آهيون، جنس جي تابع آهيون، اسان جو سڀ ڪجهه جنس ئي آهي. اسان جي جنس ۽ اسان جو کاڌو اسان جي وجود جو حقيقي سڃاڻپ ڪارڊ آهن، ٻي صورت ۾ اسين ڪجهه به نه آهيون، اسان جو هجڻ نه هجڻ ساڳي ڳالهه آهي.
جيئن ته هِي مرداڻو سماج آهي ۽ هتي مردن جو داٻو هلي ٿو، بلڪه هاڻ ته اِهو به اعلان ڪيو آهي ته جيڪڏهن اوهان جو ڪڏهن موڊ ٿئي ته عورت کي هلڪي ڦلڪي مار ڏئي سگهجي ٿي، ان ۾ ڪنهن به قسم جي ڪابه منهه ناهي. مطلب هي روزانو جيڪي ڪهاڙين ۽ بندوقن سان چچريل عورتن جا لاش اچن ٿا، اخبارن جي مکيه خبرن ۾ اِهي ڪافي نه آهن؟ اسين اڃا ڪجهه وڌيڪ چاهيون ٿا. پنجاب اسيمبلي ۾ عورتن جي حقن بابت پيش ڪيل بل جي جهڙي نموني هِڪ جيد علماءَ مذاق پئي اڏايو، ان مان سندس عورتن لاءِ نفرت کي پرکي سگهجي ٿو.
پليجي صاحب ڪٿي لکيو آهي ته ڪنهن به سماج جي هڪ سٽ ۾ ترقي پرکڻي آهي ته ان معاشري ۾ موجود عورت جي حالت ڏسو، اوهان کي معاشرتي ترقيءَ جي خودبخود خبر پئجي ويندي.
پر هِي ڀٽڪندڙ نسل ڪيڏانهن وڃي؟ جيڪو نه مائي آهي نه مرد آهي ۽ ان جي وجود جي اِها شڪل هُن پاڻ ڪونه ٺاهي آهي، انهيءَ ۾ هُن جو ڪوبه قصور نه آهي. هونئن سچي ٻڌايان ته اسان جو معاشرو تقريبن عليشا ئي بڻيل آهي. عليشا ۽ ان جي قبيلي لاءِ هي معاشرو صرف ذلت ۽ تذليل جي جاءِ آهي، اِهو متڀيد آخر ڇو آهي؟ انهي سوال تي سڀني جا چپ سبيل آهن، سڀ بول فلم جا ڪردار آهن.
عليشا کي جڏهن اسپتال آندو ويو ته بجاءِ جو ان جو علاج ڪيو وڃي ها، ويتر ان جي روح تي جهير ڏنا ويا، ان جي احساس کي مڏي ڪاتيءَ سان ڪٺو ويو.
جڏهن کيس عورتن جي آءِ سي يو ۾ رکيو ويو ته عورتن اعتراض ڪيو ته هِڪ کدڙي کي اسان جي وارڊ ۾ ڇو آندو ويو آهي؟ جڏهن مردن جي وارڊ ۾ عليشا کي نيو ويو ته مردن اعتراض ڪيو ته اسين ته مرد آهيون، پوءِ هِڪ کدڙي کي ڇو آندو ويو آهي؟ نيٺ ان جو آپريشن ٻاهر ڪيو ويو، جتي هُو مري وئي.
مرد ۽ عورت مريض ڀلا ڇونه ائين ري ايڪشن ڪن ها، جو اسان جي تعليم اسان جي نصاب ۽ اسان جي تربيت ۾ ڪڏهن ٽئين جنس صرف کدڙي جي عزت ڪرڻ يا گهٽ ۾ گهٽ ان کي ماڻهو سمجهڻ جيترو مواد ئي شامل ڪونه ڪيو ويو آهي. اسان جي نجي ڪچهرين يا اسان جي والدين وٽ هونئن ته زماني جي گلا ڪرڻ لاءِ وقت آهي پر ٽئين جنس وارن کي صرف انسان سمجهڻ ۽ پنهنجي اولاد کي انهن بابت سمجهائڻ لاءِ وقت ڪونه آهي. اِهي ٻيا ملڪ آهن، جتي ٽئين جنس يا جنس سان تعلق رکندڙ اسڪول، ڪاليجن جا پرنسيپال، ڊاڪٽر ۽ منسٽر ٿيا ويٺا آهن، پر اسان وٽ کين عزت ايتري آهي جو انهن کي چند موالين، چرسين، ڊرائيورن ۽ آواره ماڻهن جي عياشي جي سامان ٿيڻ کان وڌ کين ڪابه جاءِ نه ڏني وئي آهي.
شادي مرادي يا پڻ ڌي جي ڄم تي هُو ٽوليون ڪري ڳوٺن ۾ ايندا هئا ۽ خيرات وٺي هليا ويندا هئا. حيرت ته انهن ڊاڪٽرن تي آهي، جن هيڏيون بلڊوزر ڊگريون ته ڪري ورتيون پر اندر ۾ احساس جي رتي به شامل ڪونه ڪئي، جيڪا عليشا جي علاج دوران سندن کل ۽ مذاق کي روڪي، انهن کي اهو سمجهائي سگهي ها ته هي هِڪ انسان آهن، پر نه اِهو ساڳيو خيبرپختونخواهه، جنهن ۾ چند ڏينهن پهرين هِڪ ڇوڪري کي نشو ڏئي هِڪ وين ۾ ٻڌي، ان کي باهه ڏني وئي، فقط انهيءَ لاءِ ته هُن ڇوڪريءَ پنهنجي هِڪ دوست جي ڀڄڻ ۾ مدد ڪئي هئي ۽ اِهو به شڪ جي بنياد تي!
تبديلي ۽ نواڻ جا راڳ آلاپيندڙن کي هي زميني حقيقتون الائي ڇو نظر نه ٿيون اچن، جو اسان جي سماجن ۾ جتي شهزاديون شادي رات صرف ان ڪري ڪُسجن ٿيون جو شايد انهن وَٽ پاڪدامني جو سرٽيفڪيٽ ڪجهه ڌنڌلو هجي ٿو. اسان جي رهڻي ڪهڻي جنهن ۾ تعليم اڃا تائين مانيءَ جيتري جاءِ ڪونه والاري آهي ۽ اسين صرف هِڪ ئي ڪم ڪري رهيا آهيون جو هِن ملڪ جي آبادي وڌائي وڏي خدمت ڪري رهيا آهيون، باقي ڪل خير آهي.
تخت جي مسند تي ويٺلن کي هونئن به عليشا جي موت سان ڪهڙو فرق پوندو. ڇاڪاڻ ته عليشا جا مي فيئر ۾ ڪي فليٽس ته ڪونه هئا ۽ نه ئي ڪي آف شور ڪمپنيون هيون.
ننڍي لاڪون هِڪ قِصو ٻڌايو ويندو هو ته هِي ڌرتي ستن ڌرتين جي مٿان آهي ۽ مٿي به ست آسمان آهن، هن ڌرتي جو وزن هِڪ ڍڳي جي سِڱن تي آهي ۽ اِهو ڍڳو هِڪ مڇي جي ڪلي تي پير ڏيو بيٺو آهي. گيليلو ۽ نيوٽن يورپ کي ته جاڳائي ويا، پر اسان جي ننڊ خبر ناهي ڪڏهن پوري ٿيندي. تيستائين عليشائن جي ڪربناڪ موت ۽ انهن جي وجود جي سڃاڻپ هِڪ پرولي ئي بڻيل رهندي ۽ پرولي ڀڃڻ لاءِ تنقيدي سوچ کپي، جيڪا اسان وٽ اڃا تائين پيدا ڪونه ٿي سگهي آهي.
اذيت ۽ ذلت جي ڪيفيت جو عمل هي آهي جو جيڪڏهن ليڊي ريڊنگ اسپتال ۾ ڊاڪٽر عليشا کي هِڪ کدڙي يا ٽئين جنس سان تعلق رکندڙ ڪنهن عجيب شيءِ سمجهڻ بجاءِ هڪ مريض سمجهن ها ته شايد هو بچي وڃي ها. ڊاڪٽر ان کي مريض ڪونه سمجهيو، بلڪه ان جي جسماني زخمن کان اڳتي وڌندي ان جي روح کي پنهنجي زبان جي ڪاتيءَ سان ڪهندا رهيا ۽ کيس چوندا رهيا ته، تون نچڻ جا ڪيترا پئسا وٺندي/ وٺندو آهين؟
ڊاڪٽر کي بائيو اخلاق نالي هِڪ شيءِ خبر ناهي دماغ بجاءِ اِها ڪهڙي جاءِ تي پڙهائي اثر ڪندي آهي جو انهن جو ايڏو دماغ ڦري ويندو آهي. هن ملڪ ۾ ٽئين جنس وارن لاءِ الڳ اسڪول کولي انهن کي تعليم ڏني وڃي، هر اسپتال ۽ سرڪاري نوڪرين ۾ سندن حصو شامل ڪيو وڃي، بجاءِ جو هُو فقط اسان جي حوس جو شڪار ٿين، هُو هن ملڪ جي ترقيءَ لاءِ ڪردار ادا ڪري سگهن، پر ان لاءِ اسان کي پنهنجي ڪوڙي مردانگي جي مسند تان هيٺ لهڻو پوندو.


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو