Thursday, May 26, 2016

ملا منصور جو موت ۽ پلصراط تي بيٺل پاڪستان


زاهد حسين

ملا اختر منصور جي مارجڻ سان هڪ ته طالبان جي ڳالهين جي ميز تي اچڻ جا امڪان ختم ٿي ويا آهن، ٻيو ته ان مان اشارو ملي ٿو ته آمريڪا جو سخت ۽ جارحاڻي پاليسيءَ وارو موقف به سامهون ايندو. طالبان جي هن نئين چونڊيل اڳواڻ، جنهن اڃا مس وڃي هن گروپ تي پنهنجو اثر ڄمايو هو، جي موت سان افغانستان جو بحران ويتر سنگين ٿيندو. ٻيو ته اهو واقعو پاڪستان اندر ٿيڻ سان صورتحال ان ڪري به خطرناڪ ٿي وئي آهي جو پاڪستان لاءِ طالبان سان تعلقات رکندي آمريڪا سان لاڳاپن ۾ توازن برقرار رکڻ ويتر ڏکيو ٿي ويو آهي.

هن واقعي جي جيئن ته آمريڪي صدر اوباما پاڻ تصديق ڪئي آهي، تنهن ڪري هن حملي کي 2011ع ۾ پاڪستان اندر ٿيل آمريڪي حملي ۾ اساما بن لادن جي مارجڻ کانپوءِ ٻيو وڏو حملو چئي سگهجي ٿو. سو آمريڪا جيڪو ڊرون حملن جي حوالي سان مخصوص علائقن تائين محدود پئي رهيو آهي، تنهن بلوچستان ۾ ڊرون حملو ڪري پاڪستان ۾ ڪوئيٽا سميت طالبان قيادت ڪائونسل جي هيڊ ڪوارٽر سميت هر انهيءَ هنڌ تائين اهڙا حملا وڌائڻ جي ارادي جو اشارو ڏنو آهي، جتي به طالبان جا ٿاڪ موجود آهن.

اها بهرحال ڳجهارت ئي رهندي ته پاڪستان کي ميار لاهڻ لاءِ ئي سهي حملي بابت ڪڏهن ٻڌايو ويو هو. آمريڪا جي پرڏيهي وزير جان ڪيري فقط ايترو چيو آهي ته پاڪستان کي اطلاع ڏنو ويو هو پر اهو ناهي ٻڌايو ته اهڙو اطلاع حملي کان اڳ ڏنو ويو هو يا پوءِ.

آمريڪا جي سرڪاري پڌرائي موجب ملا منصور کي ڇنڇر ڏهاڙي منجهند کانپوءِ پاڪستان کي ايران سان ملائيندڙ آرمي جي هاءِ وي تي نشانو بڻايو ويو هو. اهڙي تصديق ٿيڻ باوجود پاڪستان جي پرڏيهي آفيس تقريبن چوويهه ڪلاڪ خاموش رهي. جيئن سوچيو ٿي ويو، بلڪل ايئن ئي پاڪستان آمريڪا تي ”ريڊ لائين“ جي ڀڃڪڙيءَ جو الزام هنيو آهي ۽ دعويٰ ڪئي آهي ته اهو حملو پاڪستان جي خودمختياريءَ جي خلاف ورزي آهي، ساڳي وقت ڪو اطمينان جوڳو جواب ڏيڻ ۾ به ناڪام ويو آهي ته اهو ويڙهاڪ اڳواڻ پاڪستان جي سرزمين تي ڇو ۽ ڪيئن موجود هو.

بهرحال سڀ کان دلچسپ اهي اطلاع آهن ته ملا منصور ايران کان واپس اچي رهيو هو ۽ پاڪستان جي پاسپورٽ تي سفر ڪري رهيو هو، جنهن سان طالبان جي ايران سان لاڳاپن بابت سنجيده سوال اٿن ٿا. هڪ ٻيو دلچسپ سوال اهو به آهي ته آمريڪا کي انهيءَ مخصوص حملي جو اطلاع ڪنهن فراهم ڪيو، جنهن ۾ طالبان جو هي اڳواڻ ۽ سندس ڊرائيور مارجي ويا.

اهو بهرحال طالبان لاءِ هڪ ڌچڪو آهي، جيڪي اڃا تائين پنهنجي باني سپريم ليڊر ملا عمر جي صدمي مان ئي نه نڪتا هئا ۽ ٻيو ته هن ويڙهاڪ گروپ ۾ چڱ مڙسيءَ جي به ڊوڙ شروع ٿي ويندي. هيءُ واقعو ان وقت پيش آيو آهي، جڏهن طالبان پنهنجو ڪنٽرول افغان علائقن تائين وڌائي رهيا آهن ۽ افغانستان جي فوج جو پارو به چڪاسي رهيا آهن. افغان سرڪار سان ڳالهين ۾ طالبان طرفان سخت موقف اختيار ڪرڻ جو هڪ سبب اهو به ٿي سگهي ٿو.

اهو ظاهر ظهور هو ته نئين طالبان قيادت ڪن اڳواٽ طئي ٿيل شرطن شروطن کانسواءِ ڳالهين ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ تيار نه هئي، جيڪا ڳالهه پاڪستان لاءِ ان ڪري به شرمناڪ ثابت ٿي رهي هئي جو اهو کين ڳالهين جي ميز تي آڻڻ جي اميد رکيو ويٺو هو. افغانستان منجهان ويڙهاڪن جي حملن ۾ عام ماڻهن جي مارجڻ جي واقعن سان به پاڪستان ۽ افغانستان جي لاڳاپن ۾ ماٺار اچي وئي.

هن واقعي سان پاڪستان جي افغان پاليسيءَ ۾ جيڪو مونجهارو موجود آهي، سو وائکو ٿي ويو آهي. پاڪستان جو ڳچ عرصي کان وٺي دليل پئي رهيو آهي ته افغانستان ۾ جنگ جي خاتمي جو واحد رستو طالبان کي مکيه ڌارا ۾ آڻڻ آهي. پاڪستان بار بار ويڙهاڪن خلاف فوجي ڪارروائيءَ کي رد ڪندو رهيو آهي. (جن جا حامي نيٽ ورڪ پاڪستان ۾ به ڪم ڪندا رهيا آهن) ۽ زور ڀريندو رهيو آهي ته ايئن ڪرڻ کان اڳ سڀئي سفارتي ذريعا استعمال ڪيا وڃن. پر پاڪستان پاڻ پنهنجا واعدا اهو چئي پاڙڻ ۾ ناڪام رهيو آهي ته ويڙهاڪن کي ڳالهين ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ڪن سهولتن جي ضرورت آهي. انهن سهولتن جي ڪڏهن به وضاحت پيش نه ڪئي وئي، جنهن جي ڪري پاڪستان جي ڳالهين جي سهولتڪار طور ساک کي به ڌڪ رسيو.

پاڪستان تي افغان امن عمل جي راهه تلاش ڪندڙ چار ڌرين جي ڳالهين ۾ ڪيل واعدن جي ڀڃڪڙي جو به الزام آهي، جنهن خاطري ڪرائي هئي ته ڳالهين لاءِ راضي نه ٿيندڙ ويڙهاڪن خلاف ڪارروائي ٿيندي، هن دليل تي ڪي چند ماڻهو ئي هوندا، جيڪي اعتماد ڪندا ته پاڪستان جو طالبان قيادت تي ڪو اثر رسوخ ناهي.

آمريڪي پاليسيءَ ۾ تبديليءَ پاڪستان لاءِ صورتحال کي ويتر ڳنڀير بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن جي ڪري ان جا آپشن تيزيءَ سان محدود ٿي رهيا آهن. آمريڪا جيڪڏهن وڌيڪ طالبان ڪمانڊرن کي نيست و نابود ڪرڻ لاءِ ڊرون حملا وڌائي ٿو ته پاڪستان ان تي ڪجهه به ڪري نه ٿو سگهي. ٻيو ته طالبان اڳواڻن خلاف طاقت جي استعمال تي بحران وسيع ٿي سگهي ٿو، جنهن سان افغان ۽ پاڪستان طالبان گڏجي سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ لاءِ ڏکي صورتحال پيدا ڪري سگهن ٿا. طالبان قيادت لاءِ جيتوڻيڪ ڪيترائي اميدوار موجود آهن پر ظاهري طور ڪو جانشين ڪونهي. نه ئي وري انهن ٻن نائبن منجهان ڪو جانشين آهي، جيڪي صورتحال کانپوءِ چارج سنڀالي سگهن ٿا ۽ اهي ڳالهين ۽ مفاهمت جا حامي به آهن.

اڪثر مبصرن جي راءِ آهي ته هن صورتحال ۾ جانشين لاءِ سراج الدين حقانيءَ جي پوزيشن مضبوط ٿيندي، جيڪو انتهائي طاقتور ويڙهاڪ ٽولي جو اڳواڻ آهي. نائب جي عهدي تي پهچڻ کان ويندي باغي اڳواڻ جي حيثيت ماڻڻ کان ويندي ملا اختر منصور لاءِ ٻين سينيئر اڳواڻن جي حمايت حاصل ڪرڻ جي ڪري لڳي رهيو آهي ته سندس پوزيشن بهتر ٿي آهي. سندس نائب جي عهدي تائين پهچڻ آمريڪا کي ”ڳاڙهي جهنڊي“ ڏيکارڻ به ٿي سگهي ٿو، جيڪو القاعده سان لاڳاپن جي ڪري کيس انتهائي خطرناڪ سمجهي ٿو. حقاني نيٽ ورڪ جي پاڪستان طرفان مبينا سرپرستي پاڪستان ۽ آمريڪا ۾ ڇڪتاڻ جو مکيه ذريعو رهي آهي.

بهرحال اڪثر مبصر سمجهن ٿا ته قيادت جي ذميواري ملا عمر جي وڏي پٽ ملا يعقوب جي ڪلهن تي ئي پوندي. جيڪو طالبان ۾ سينيئر عهدو سنڀالڻ کان اڳ ملا منصور سان مقابلي ۾ هو. تنهن هوندي به واضح ناهي ته هو طالبان جي سپريم ڪمانڊر طور ڪيترو اثرائتو ثابت ٿي سگهندو.

اوباما انتظاميا طرفان ملا منصور جي موت کي ”راند جو رخ ئي مٽائي ڇڏيندڙ“ يا لوڏن ۾ آيل افغان عمل لاءِ معرڪو قرار ڏيڻ بهرحال وقت کان اڳ واري ڳالهه آهي. لڳي نه ٿو ته طالبان پنهنجي اڳواڻ جي مارجڻ کانپوءِ ڳالهين ۾ پنهنجو سخت موقف تبديل ڪندا. حقيقت ۾ طالبان جي ڪاررواين ۾ تيزي ايندي، ڇو جو هر ڌڙو ۽ ٽولو پنهنجو ڌاڪو ڄمائڻ جي ڪوشش ڪندو. ڳڻتي اها به آهي ته جيڪڏهن طالبان ۾ ڌڙابندي ٿئي ٿي ته ان سان عالمي جهادي ٽولا مضبوط ٿيندا ۽ وڌيڪ شدت پسند عنصر داعش يا القاعده جهڙن گروهن ۾ شموليت اختيار ڪري سگهن ٿا.

ان جا پاڪستان لاءِ انتهائي هاڃيڪار نتيجا نڪرندا، جنهن جو لڳي ٿو ته افغان طالبان تي ڪو ضابطو ناهي رهيو، جن پاڪستاني سرحد اندر پنهنجا لاڳاپا قائم ڪري ورتا آهن. ڪا واضح حڪمت عملي نه هئڻ ڪري ايندڙ وقت پاڪستان لاءِ مشڪل هوندو، ڇو جو ڇڪيل رسيءَ تي آمريڪا ۽ افغانستان سان گڏ هلندي هو پنهنجو توازن وڃائي رهيو آهي.
(روزاني عوامي آواز)


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو