Saturday, May 14, 2016

سورن سنگھ جا قاتل ۽ سک برادريء جي پريشاني.

سورن سنگھ جا قاتل ۽ سک برادريء جي پريشاني.
شفيق شاڪر

 اخبار”فرنٽيئر پوسٽ“ جي رپورٽ مطابق خيبر پختونخواه ۾ صوبائي صلاحڪار ڊاڪٽر سردار سورن سنگھ جي قتل کان پوء اتان جي سک برادريء ۾ خوف ۽ بي يقينيء جي ڪيفيت پيدا ٿيل آهي.توڙي جو اهي سردار سنگھ جي قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار ٿيڻ تي خوش به آهن تنهن هوندي به انهن مان ڪيترائي خاندان ڪراچي منتقل ٿي رهيا آهن.انهن تحريڪ انصاف جي صوبائي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ڊاڪٽر سورن سنگھ کان اڳ به هنن جي برادريء جا ڪيترائي بيگناه ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن جن جا قاتل اڃا تائين قانون جي ڪٽهڙي ۾ اچي نه سگھيا آهن.انهن سک اڳواڻن جي چوڻ مطابق گزريل ڪجھ سالن ۾ انهن جا اٺ ماڻهو ساڳئي قسم جي ٽارگيٽ ڪلنگ جو شڪار ڪيا ويا آهن.
پاڪستان سک ڪائونسل جي سرپرست اعليٰ رميش ڪمار خالصه جو چوڻ هو ته ان ۾ شڪ ناهي ته ڊاڪٽر سورن سنگھ گذريل ڪيتري عرصي کان سک ڪميونٽيء جي فلاح ۽ بهبود جي لاء ڪم ڪري رهيو هو ۽ هن پشاور ۾ سکن جي لاء هڪ گوردوارو به قائم ڪيو هو پر سندن برادريء ۾ اهو احساس موجود آهي ته ڊاڪٽر سورن سنگھ جا قاتل ايترو ترت گرفتار تڏهن ٿيا آهن جو هو صوبائي حڪومت جي هڪ اعليٰ عهدي تي ويٺل هو پر جيڪي عام سک ان واقعي کان ڪئين سال پهرين قتل ٿي چڪا آهن انهن جي مظلوم خاندانن کي اڄ تائين انصاف ملي نه سگھيو آهي.سردار سورن سنگھ جو ذڪر ڪنديپاڪستان سک ڪائونسل جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته سورن سنگھ هن سان سندس قتل کان صرف ڪجھ ڏينهن پهرين حسن ابدال ۾ جتي انهن جو مقدس گوردواڙو آهي اتي مليو هو ۽ هو سک برادريء جي لاء کنيل فلاحي قدمن تي گھڻو خوش هو.هن ڪي پي ڪي اسيمبليء ۾ سکن جي حقن لاء  سرگرم آواز بلند ڪيو.خالصه جي چوڻ مطابق ڊاڪٽر سورن سنگھ تمام نفيس ۽ عمدي قسم جو ماڻهو هو ۽ هو غريب ۽ يتيم سکن جي ڀرپور مدد ڪندو هو.آخري ڏينهن ۾ هو اسيمبليء مان سکن جي حقن لاء قانونسازي ڪرائڻ تي ڪم ڪري رهيو هو.
واضح رهڻ گھرجي ته ڪي پي ڪي ۾ سکن مان ڪيترا ئي ماڻهو حڪمت جي پيشي سان لاڳاپيل آهن يعني اهي قدرتي جڙي ٻوٽين ذريعي مريضن جو علاج ڪندا آهن.مارچ 2014ع ۾ هڪ سک حڪيم پرمجيت شب قدر جي بازار ۾ نامعلوم قاتلن هٿان قتل ٿي ويو هو.ساڻس گڏ سندس هڪڙو ملازم به گولين جو شڪار بڻجي ويو هو.انهيء کان پهرين 22 جنوريء تي هڪ ٻيو سک حڪيم ڀڳوان سنگھ چارسده جي تنگي بازار ۾ قتل ڪيو ويو هو.اهڙيء طرح سال 2014ع سکن جي لاء خراب سال رهيو جو ساڳئي سال ٻه وڌيڪ سک ديرا اسماعيل خان مان اغوا ڪيا ويا جنهن کان پوء سک برادريء طرفان احتجاجي مظاهرا به ڪي پي ڪي ۾ ٿيا هئا.
رپورٽن مطابق ڪي پي ڪي ۾ اٽڪل پنجويھ هزار سک آباد آهن جن مان گھڻا بنير،سوات،ڊي آئي خان،باڙه، خيبر،خرم ۽ اورڪزئي ايجنسين ۾ رهن ٿا.
ڪراچيء جي هڪ صحافي ضياءالرحمان جي چوڻ مطابق ڪي پي ڪي مان ڪيترائي سک جن ۾ اٽڪل ٻه ڊزن حڪيم به آهن اهي پنهن جي سلامتيء واري معاملي سبب ويجھڙ ۾ ڪراچي لڏي آيا آهن.دلچسپ ڳالھ اها جو سوات ۽ بنير جي پوري سک ڪميونٽي طالبان قبضي واري دور ۾ بلڪل محفوظ رهي.البته ڊاڪٽر سورن سنگھ جي قتل کان پوء طالبان طرفان ان ڪاروائيء ۾ ملوث هئڻ واري خبر سکن ۾ خوف جي لهر کي ضرور وڌائي ڇڏيو هو پر خالصه جي چوڻ مطابق توڙي جو اها خبر ثابت ٿي چڪي آهي ته ان ڪاروائيء ۾ طالبان جو هث ناهي تنهن هوندي به سندن برادري ٽارگيٽ ڪلنگ جي لاڳيتي خوف ۾ ورتل آهي.هن جو مطالبو هو ته حڪومت سکن جي تحفظ جي لاء جوڳا بندوبست ڪري ۽ بي گناه سکن جي قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي ته جيئن ماڻهن جو حڪومت تي اعتماد بحال ٿي سگھي.
اهو به قابل بيان آهي ته مالاڪنڊ پوليس جي ڊي آئي جي آزاد خان، پريس ڪانفرنس دوران  ڊاڪٽر سورن سنگھ جي قتل جي حوالي سان اها دعويٰ ڪئي هئي ته سورن سنگھ جي قتل ۾ سورن سنگھ جو هڪ سياسي مخالف بالديو ڪمار ملوث آهي جو هن ان نموني سان پنهن جي سياسي دشمني پاڙڻ گھري ٿي، ڊي آئي جي مالاڪنڊ جو اهو به چوڻ هو ته پاڪستان مسلم ليگ نون جو هڪ اهم اڳواڻ عالم خان به قتل جي هن ڪاروائيء ۾ شريڪ آهي.

بهرحال وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن جي آئيني ذميداري آهي ته سمورين اقليتن کي مناسب تحفظ،سلامتي ۽ سندن آئيني بنيادي حق مهيا ڪرڻ لاء ضروري قدم کڻن.انهن سان ٿيندڙ ڪنهن به قسم جي ناانصافي نه رڳو منجھن عدم تحفظ جو آحساس پيدا ڪري ٿي  پر اهڙن واقعن سان پاڪستان جي ساک عالمي ليول تي به گھڻي متاثر ٿئي ٿي..

روزاني سنڌ ايڪسپريس 13 مئي 2016ع

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو