Sunday, May 15, 2016

اچو ته شام ملهايون.

حيات علي شاه بخاري

ڪافي شاعرن ۽ اديبن سان سرهيون شامون ملهائي کين مڃتا ڏني ويندي آهي، اها تمام سٺي روايت آهي ته جيئري ئي سندن خدمتن تي کين خراج تحسين پيش ڪيو وڃي، هونئن گهڻو ڪري اڪثر هيئن ٿيندو آهي ته اهڙين شخصيتن جي وڃڻ پڄاڻان سندن مانَ ۾ تقريبون منعقد ٿينديون آهن، جن جو منهنجي نظر ۾ ڪوبه فائدو ان ڪري ناهي ٿيندو جو ڪنهن جي مري وڃڻ کانپوءِ دهل وڄائي ڪيترو به گوڙ گهمسان ڪيو وڃي، ان جي ان کي ڪهڙي خبر. انهن جي جيئري ئي واکاڻ ڪئي وڃي، گلن جي ورکا ڪئي وڃي ته هُو ڪيڏا نه خوش ٿيندا. اهو موضوع مون کي ان ڪري دماغ ۾ آيو جو ٻه ٽي ڀيرا ڪجهه دوستن مون کي چيو ته اسين اوهان سان سرهي شام ملهائڻ چاهيون ٿا، مون ان خيال سان انڪار ڪري ڇڏيو جو اها سرهي شام ڊگهي ٿي وئي ته پوءِ رات ٿي ويندي ۽ آئون ڪنهن به صورت ۾ رات ملهائڻ جو قائل ناهيان، ڇاڪاڻ ته ان ۾ فني خرابي ٿي سگهي ٿي ۽ آئون هِن ڄمار ۾ اهڙي ڪابه حرڪت نٿو ڪرڻ چاهيان، جنهن سان منهنجي ماضي، حال ۽ مستقبل تي ڪو داغ لڳي ۽ ڪو مون کي آڱر کڻي چئي ته ”اِهو آهي...“

ڪو وقت هوندو هو ته اهڙي قسم جون تقريبون ورلي ٿينديون هيون، پر اڄڪلهه اهڙين محفلن جو ڳاڻيٽو ڪجهه وڌي ويو آهي، جيڪڏهن اهڙين تقريبن کي هڪ قسم جو بزنس چيو وڃي ته وڌاءُ نه ٿيندو، ٿيندو هيئن آهي ته ڪنهن نه ڪنهن نالي سان ڪا تنظيم جوڙي ويندي آهي، ڪنهن نه ڪنهن سان سرهي شام، سرهي سانجهه يا وري ڪن شخصيتن کي ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويندو آهي ۽ پوءِ شوبز سان دلچسپي رکندڙ پنهنجي مشهوري چاهيندڙن جي هڪ فهرست جوڙي ويندي آهي، انهن مان ڪن جو نالو آرگنائيزر، سرپرست، سهڪار ڪندڙ وغيره طور انائونس ڪيو ويندو آهي، انهن معزز شخصيتن مان ڪنهن تي هال بڪ ڪرائڻ جي ذميواري ڏني ويندي آهي، ڪنهن کي پروگرام جا پينا فليڪس ٺهرائڻ، ڪنهن تي ايوارڊ ۽ شيلڊون ٺهرائي ڏيڻ جي ذميواري عائد ڪئي ويندي آهي. پروگرام اڃا به وڌيڪ شانائتو ۽ مانائتو بنائڻ لاءِ پروگرام ۾ مهمان طور شرڪت ڪندڙن لاءِ لنچ باڪسن جو ذمو به ڪنهن هڪ تي رکيو ويندو آهي ۽ ڪوشش اها ڪئي ويندي آهي ته ٻين مهمانن سان گڏوگڏ زرق برق لباس پهريل ڪي جوانڙيون پروگرام ۾ شريڪ ٿين ۽ اهڙين نازڪ نارين جي هٿان ”معزز“ مهمانن کي ايوارڊ ڏياريا وڃن، اجرڪون اوڍايون وڃن، وغيره، ان پروگرام جون کوڙ ساريون تصويرون ڪڍي فيس بُڪ تي رکيون وينديون آهن، جيئن ٻين کي به اهڙي قسم جي سڌ ٿئي ۽ هُو به اهڙيون تقريبون منعقد ڪرائڻ لاءِ زور ڀرين ۽ پنهنجي هڙان وڙان اهڙين تقريبن جو خرچ ڀرين، اهڙين تقريبن جي پسمنظر ۾ ٻيو ڪجهه ڇا ٿيندو هوندو، ان جو مون کي پورو پتو ناهي، اوهان مان ڪنهن کي ان راز جو اسرار معلوم هجي ته مون کي ضرور ٻڌائيندا، مزو ماڻڻ لاءِ آئون به پٽ سٽ ڪري ڪجهه رقم ڏئي سگهان ٿو اهڙين تقريبن ثقافتي تقريبون چئي ثقافت جو نالو بدنام ڪيو ويندو آهي، منهنجو اهڙين تقريبن جي آرگنائزرن کي عرض آهي ته هو ثقافت سان هٿ چراند نه ڪن ۽ نه ئي اهڙين تقريبن جي آڙ ۾ فحاشي پکيڙين، اهو رجحان تمام خراب آهي، ڪنهن کي به ان جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. شوبز سان تعلق رکندڙ فنڪارن ۽ فنڪارائن کي گهرجي ته هر تقريب ۾ بنا سوچڻ سمجهڻ هليا نه وڃن، صرف انهن تقريبن ۾ شرڪت ڪن، جن جا آرگنائزر سٺي ساک رکندڙ هجن، نه ته عجيب قسم جو سلسلو شروع ٿي ويندو، جنهن جا معاشري ۽ شوبز تي تمام خراب اثر پوندا، ٿورو لکيو گهڻو سمجهندا، خط کي تار سمجهندا.            
(روزاني عبرت جي ٿورن سان)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو