Saturday, May 28, 2016

ايوارڊ-اصل يا نقل (تصوير سنديلو)

تصوير سنديلو
اسين عقل بدران نقل جي اهڙي دور مان گذري رهيا آهيون جتي شيون نقلي، ماڻهو نقلي، تن جا ڪردار نقلي، رويا نقلي، عمل ۽ اعزاز نقلي، ”اندر ڪارو ڪانءُ، ٻاهر ٻولي هنج جي“ وانگر ڳالهيون به نقلي. ڀٽائي چيو ته:
اگهيو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي،
پلئه پايو سچ، آڇيندي لڄ مران
سڄي خرابي امتحانن ۾ نقل کان شروع ٿئي ٿي، نقل ڪري سٺا نمبر کڻي ڪوڙي ڊگري وٺڻ کانپوءِ پئسن يا سفارش تي سرڪاري نوڪري وٺڻ تائين فرد جو ڪردار ۽ ڪيريئر نقلي ٿي پوي ٿو. اصل ڇا آهي؟ ۽ نقل ڇا آهي؟ اسان کي اهو ڪير سمجهائيندو، جن کي سمجهائڻ گهرجي، سي پاڻ ئي نقلي هجن ته پوءِ نقل به ڄڻ اصل جهڙو ڏيک ڏيڻ لڳي ٿو. نقل معنيٰ اصل جهڙو ٺاهڻ يا نظر اچڻ پر اصل ۾ اهو اصل نه هوندو آهي. يعني اصل سچ ۽ نقل ڪوڙ هوندو آهي.
ڪوڙا ماڻهو ڪوڙ نسورو
ايندڙ ويندڙ کي آڇن
سچا ماڻهو سورنهن آنا
سچ لڪايون بيٺا آهن. (استاد بخاري)
ڪوڙ کي ايترو ورجايو جو اهو سچ لڳڻ لڳي. اصل ۽ نقل تي هڪ واقعو ياد ٿو اچي ته باقراڻي واري ڪچي ۾ هڪ همراهه کي سٺي، سهڻي ۽ سيبتي عورت ڏيکاري ساڻس رستو ڪيو ويو ۽ رقم به چڱي خاصي ورتي وئي پر شادي رات کيس اهڙي عورت ڏنائون جو اها گونگي، ڏند ڀڳل ۽ ذهني طور به غير صحتمند، همراهه سڄي رات ڪنوار سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر سمجهيائين ته شرمائي ٿي سو کيس اصل خبر صبح جو پئي ته جا عورت ڏيکاريائونس سا ڪونه ڏنائونس، ان جي جاءِ تي ٻي عورت ڏئي ڇڏيائونس.
هاٿي جي ڏيکارڻ جا ڏند هڪڙا ۽ کائڻ جا ڏند ٻيا هوندا آهن. اسان وٽ به ڪجهه ايئن ٿي رهيو آهي ۽ اهڙو لاڙو ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي. هڪڙي صحافي جي گهر ويس ته ڪمرو ايوارڊن سان ڀريو پيو هئس. ڳڻپ کان گهڻا ايوارڊ، شيلڊون ۽ سرٽيفڪيٽ ڏسي سوچيم ته ان صحافي جو هڪ به اهڙو ڪم ناهي جيڪو ڳڻپ ۾ اچڻ جهڙو هجي. بينظير ڀٽو صاحبه شهيد ٿي وئي، 2008ع ۾ هڪ اهڙي ئي ماڻهو آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ شهيد راڻي ايوارڊ تقريب ڪوٺائي جنهن ۾ پ پ جا ڪيترائي ايم پي اي ۽ وزير به اچي اسٽيج تي ويٺا ۽ ايوارڊ اڪثر اهڙن ماڻهن کي ڏنا پئي ويا جن جو نه ته جمهوريت جي بحالي ۾ ڪو ڪردار هو ۽ نه ئي وري بينظير ڀٽو صاحبه جي شهادت کانپوءِ شهيد راڻي جي سياست ۽ شخصيت کي اجاگر ڪرڻ ۾ ڪو ڪردار هو.
2010ع جي ٻوڏ آئي، ڪراچي ۾ ٻوڏ ايوارڊ تقريب ٿي، اتي به اهڙن صحافين کي ايوارڊن جي اعزاز سان نوازيو ويو جن ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ پير به نه پسايو هو. چوڌري اسلم تي ته پورهيت رسول بخش بروهي جي قتل جو الزام هو، هن پورهيت کي ڌاڙيل معشوق بروهي ڄاڻائي مقابلو ڏيکاري ماري ڇڏيو،سکر ۾ صحافين هڪ تقريب ڪوٺائي جنهن ۾ چوڌري اسلم نالي ايوارڊ ڏنا ويا، حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر ديپڪ راج کي ڌاڙيل شريف پنهور ڄاڻائي گوليون هڻي هاف فراءِ ڪيو ويو، حيدرآباد جي صحافين هاف ۽ فل فراءِ ڪندڙ پوليس آفيسر سان رهاڻيون پئي رچايون.
لاڙڪاڻي جي الهه آباد ۾ هڪ نوجوان مونکي روڊ تي مليو چيائين ته ايوارڊ تقريب پيا ڪرايون، توهان به اچجو توهان کي ايوارڊ ڏبو ۽ توهان جي والد قربان سنديلو کي ٽريزيري ۾ ايماندر ماڻهو جي حيثيت ۾ لائف اچيومينٽ ايوارڊ ڏينداسين، اهو نوجوان ڪراچي ۾ به ڪيترائي ايوارڊ شو ڪري چڪو آهي سدائين فون ڪندو هو پر مان ڪڏهن به نه ويس جو مونکي ايوارڊ تقريبون ۽ ايوارڊ وڻندا ئي ناهن. ان نوجوان جو مشغلو ئي ايوارڊ تقريبون ڪرائڻ آهي، ڊي آءِ جي، ڪمشنر توڙي ٻين آفيسرن کان خرچ وٺي پروگرام ڪرائيندو آهي ۽ ايوارڊ به سيڙپڪارن جي سفارش ڪيل ماڻهن کي ڏيندو آهي. باقراڻي جي اسسٽنٽ ڪمشنر هدايت الله ميمڻ صاحب مونکي چيو ته توهان جي والد قربان سنديلي جهڙو ايماندار ماڻهو سنڌ ۾ مون ڪٿي به نه ڏٺو آهي. ان ڪري مون ان جو نالو صدارتي ايوارڊ لاءِ مٿي موڪليو آهي، اها ڳالهه مون بابا کي ٻڌائي، چيائين ته ڪجهه سال اڳ به منهنجو نالو موڪليو ويو هو پر ڪمشنر آفيس مان يا مٿي ڪٽجي ٿو وڃي. بهرحال، بابا کي نه ته ڪڏهن ايوارڊ جو اونو رهيو نه ئي سندس اهڙي ڪا خواهش اٿس، سو لاڙڪاڻي واري ايوارڊ تقريب لاءِ لائف اچيومينٽ ايوارڊ وٺڻ لاءِ به جواب ڏنو هئائين. بابا چوندو آهي ته رٽائر ٿيڻ کانپوءِ ماڻهن پڇيو قربان ڇو رٽائر ٿئين؟ بس اهو جملو ئي مون لاءِ وڏو اعزاز آهي. بابا رٽائر ٿيڻ جي مدت کان 9 سال اڳ ئي رٽائر ٿي ويو هو. ڪراچيءَ تي شاندار تحقيقي ڪم ڪندڙ گل حسن ڪلمتيءَ مونکي چيو ته ميڊم سسئي پليجو (جيڪا ان وقت ثقافت کاتي جي وزير هئي) منهنجو نالو صدارتي ايوارڊ لاءِ موڪليو آهي، ڪجهه ڏينهن کانپوءِ گل حسن مليو چيائين ته اسلام آباد موڪليل لسٽ مان اتي منهنجو نالو ڪٽي ڪنهن ٻئي جو نالو ڏنو ويو. ان ڪري مونکي ايوارڊ ڪونه ٿو ملي. سنڌ ۾ پ پ سرڪار جڏهن ٻٽو نظام لاڳو ڪيو ته ردعمل ۾ ڪيترن ئي اديبن صدارتي ايوارڊ واپس ڪرڻ جا اعلان ڪيا.
انور پيرزادي صاحب جي وفات کانپوءِ کيس صدارتي ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيو ويو. انور صاحب جي اولاد کي اهڙو اطلاع ڪيو ويو پر جڏهن ايوارڊ تقريب ٿي ته انور صاحب جي ڪٽنب ۽ ڪهول مان ڪوبه ماڻهو ايوارڊ وصول ڪرڻ نه ويو ڇو جو اهو ايوارڊ گورنر سنڌ عشرت العباد جي هٿان ڏنو پئي ويو. زرار پيرزادي کين چورائي موڪليو ته انور صاحب کي جي ايوارڊ ڏيڻو ئي اٿو ته گهر واري پتي تي ڏياري موڪليو پر گورنر جي هٿن کان اهو ايوارڊ نه وٺنداسين. پوءِ ٿيو به ايئن ئي. پي ٽي وي ڪراچي تي ٿيل تقريب ۾ گورنر کان سحر امداد ۽ استاد بخاريءَ جي پٽ ايوارڊ ورتو پر انور پيرزادي جو ايوارڊ گورنر هٿان نه ورتو ويو البت ان تقريب ۾ سندس نالي جو اعلان خدمتن جو ذڪر ضرور ٿيو هو.
انور پيرزادي جيڪو سنڌ ۽ ڀٽائي تي ڪم ڪيو آهي اهو ئي ان جي مان مرتبي خدمت ۽ عظمت جي تشريح لاءِ ڪافي آهي.
ايوارڊ ڏيندڙ ڪير آهن، وٺندڙ ڪير آهن، توهان رڳو پنهنجي شهر ۾ ٿيل يا ٿيندڙ اهڙين ايوارڊ تقريبن تي غور ڪيو ته توهان کي سولائي سان سمجهه ۾ اچي ويندو ته ايوارڊ ورهائيندڙ ۽ وٺندڙ اصل آهن يا نقل آهن ۽ جنهن ڪم، ڪارڪردگي، خدمت ۽ مڃتا طور کين جيڪو ايوارڊ ملي ٿو ان جي هو لائق به آهن يا نه….؟

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو