Wednesday, May 25, 2016

ملا منصور جي وصيت

محمد حنيف

جڏهن پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ اوهان کي چئي ته توهان اسان جا معزز مهمان آهيو، انهيءَ ڏينهن کان پنهنجي وصيت لکڻ شروع ڪري ڇڏجو.
جڏهن انهن مان ئي ڪير چئي ته اوهان اسان جا مسلمان ڀائر آهيو ته ائين نه چئجو ته اِنَ ڀائيچاري جا هن وقت تائين ڪيترا ڊالر ٿيا. پاڪستاني حساس قوم آهن.
ڪوئيٽا مان ڪڏهن گاڏي ڀاڙي تي نه ڪجو خليفي ملا عمر جي روايت تي عمل ڪندي موٽرسائيڪل تي سفر ڪجو. ائين ڪندي طبعي عمر گذاريندؤ. مورڳو شهادت جي ڪيئي سالن کانپوءِ به ماڻهو زندهه ئي سمجهندا.
پاڪستان جي دفاعي تجزيي نگارن کان بچجو، جي ڊورن کان بچي ويئو ته اِهي دانشور چُمي چُمي ماري ڇڏيندَوَ، جيستائين اوهان جيئرا آهيو، اوهان کي تاريخ جو سڀ کان وڏو جنگجو چوندا، شهادت کانپوءِ چوندا امن جي آخري اميد دَمُ توڙي وئي چڱي ڀلي مجاهد کي گانڌي بڻائي ڇڏيندا، دفاعي تجزيا نگار.
هر رياست جي پاليسي ٻٽي هوندي آهي پر اسان جا ميزبان ڀائر هڪ هٿ سان فاتحا پڙهندا آهن ۽ ٻيو هٿ خنجر تي رکندا آهن.
منهنجو خيال هو ته اسان جا پاڪستاني دوست لطيفا ڏاڍا سٺا ٻڌائيندا آهن. هڪ پنجابي مجاهد هڪ ڏينهن ٻڌايو ته اسان جا چوڪيدار رات جو آواز ڏيندا رهندا آهن ته”جاڳندا رهو“ اسان جي آسري نه رهجو“ هاڻي خبر پئي ته بد پختن هڪ جنگ کي قومي دفاعي پاليسي بڻائي ورتو آهي.
پنهنجي پاڪستاني ڀائرن کي ڪڏهن به ائين نه چئجو ته اسان افغاني ته پنهنجي آزاديءَ جي جنگ وڙهي رهيا آهيون، توهان جو لُڇي رهيا آهيو، ٻڌايو هو نه ته حساس قوم آهيون، ادارا به حساس آهن، خفاٿي ويندا آهن.
حساسيت جو عالم هي آهي ته جيئن ئي اوهانجي شهادت ٿيندي ته اول ته سڪتي ۾ اچي ويندا وري چوندا اسان جي خود مختياريءَ سان ڇيڙ ڇاڙ ٿي آهي. اسان جي گهر ۾ گهڙي ماريو ويو. وري چوندا ته اسان جي گهر ۾ ته هو ئي ڪين، ان کانپوءِ وري چوندا اوهان کي جرئت ڪيئن ٿي اسان جي گهر ۾ گهڙڻ جي ته توهان ڏٺو ته اوهان جي زندگي ويندي ۽ هِنَنِ جي خودمختياري وتندي دنيا ۾ ٿيڙ کائيندي ۽ چوندي ته خبر ناهي مون کي دنيا وارا ايترو ڇو ٿا ڇيڙين.
هي جيڪي پاڪستان جا عالم و مشائخ ۽ غائبانا جنازي نمازون پڙهائڻ واريون پارٽيون آهن، انهن کان به هوشيار رهڻ ضروري آهي. سڄي عمر اوهان جي ڪنن ۾ ”مومن جو مطلوب و مقصد شهات آهي“ ٻوليندا رهندا، تهذيب جاڳي پوندي ۽ چوندا ته نه سائين، اڳ ۾ اوهان.
ايندڙ امير چونڊڻ وقت انهن جا مشورا نه ٻُڌجو، ڪجهه سال اڳ ۾ اسان جي پاڪستاني ڀاءُ خالد سجنا کي امير چونڊرائڻ وارا هئا ڪنهن گانو هلائي ڇڏيو ته ”سنجا وي مرجانا“ هو امير بڻجي نه سگهيو. دنيا جون گهڻيون قومون رت ۾ رنگيل آهن پر هي ڪهڙي قوم آهي جنهن راڳن ۽ لطيفن کي زندگيءَ جو هڪ مڪمل ضابطو بڻائي ڇڏيو آهي.

سرحدي علائقن، جبلن ۽ عارن ۾ پناههَ وٺڻ جا ڏينهن ويا. ڪراچيءَ جا ڳتيل آباديءَ وارا علائقا به ڏاڍ ڳُتيل ٿي ويا، هاڻي پڪي پناههَ لاءِ ڊي ايڇ اي سٽيءَ ۾ هڪ پلاٽ بُڪ ڪرايو، اتي اوهان کي آمريڪا جو پيءُ به ڳولهي نه سگهندو.

                                                      سنڌ سجاڳ نلاگ

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو