Tuesday, May 17, 2016

لـطـيـــــف ؒ جـــــــي لات ؛جيڪِي منجِھه جَهانَ، سو تارِيءَ تَڳي تُنهِنجي؛


جيڪِي منجِھ جَهانَ، سو تارِيءَ تَڳي تُنهِنجي؛
لُطفَ جِي، لَطِيفُ چَئي، تو وٽ ڪَمِي ڪانَ؛
عَدُلَ  ڇُٽان آئُون نه،   ڪو  ڦيرو   ڪَج  فَضُلَ   جو!
سڄي سنسار جو هر جيو صرف تنهن جي ڪرم جي چادر هيٺ پساه کڻي ٿو.تو وٽ ٻاجھ ۽ لطف جا ڀنڊار ڀريا پيا آهن.جيڪر تو مون سان انصاف وارو وهنوار ڪيوته ڇٽي نه سگھندس. بس اي ٻاجھارا! مون سان مهرباني،معافي ۽ درگذر وارو ورتاء ڪجانء!

sindhsujag.blogspot.com

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو