Wednesday, May 25, 2016

شاعريء جي زبان ؛ سونهن تنهنجيءَ مٿان، ڇا لکي ڇا لکان !…(تاجل بيوس)


 سنڌ  منهنجي  امان ! سونهن تنهنجيءَ مٿان، ڇا لکي ڇا لکان، ڇا لکي ڇا لکان.
هڪ قلم  هڪڙو مان،  ڪيئن پورو   پوان،  ڇا  لکي  ڇا  لکان، ڇا لکي ڇا لکان.
هن ڪنڌيءَ تي ڪڏيو جو اڀم ٻار آ،  ڪنهن  ته جيجل  جو جاني اکين _ ٺار آ،
هي  جو     ٻالڪ سڀاڻي  جو  معمار آ،  اِن   جي   ٻوليءَ   ۽  لوليءَ تان صدقي وڃان
تنهنجي ماڻهن کي سيني ۾ سانڍيو وتان، تنهنجي لاڻن لَون کي به چند ن چوان،
شال تنهنجي ئي ڪُک مان پيو هرهر ڄمان، کير تنهنجو پيان، وَير تنهنجو وٺان.
هوءَ منڇر کُٽي ڪيئن جا کٽڻي نه آ، هوءَ  ڪينجهر  رُسي  ڪيئن جا رُسڻي نه آ،
هوءَ سنڌو سُڪي ڪيئن جا سُڪڻي نه آ، ڪَرُ کڻي ڪالهه آئي جا ڪيلاش کان.
ٿر جي ٿوهر مٿان، جهنگ جهر تي لکان،  مينهن  جي  بوند  تي، سائي سَرَ تي لکان
ڏاٽي،  ڪوڏر،  کُرئي، گهوٻي  هر تي لکان،    تنهنجو   نالو  وٺي  تو تي  لکندو رهان
هوءَ جا ” بيوس“  بُکن  تي  مڙهي  منڊ ٿي،     اڄ  به  جوٽي  اسر  جو  اُٿي  جنڊ    ٿي،
جا گرم کير ۾  پئي  گڏي کنڊ ٿي  ، اُن  سهاڳڻ  کي  مان  ڪيئن  نه سجدو ڪيان

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو