Tuesday, May 24, 2016

لطيف جي لات ؛ پاڻُ مَ کَـڻـجِ پاڻَ سين،


پاڻُ    مَ          کَـڻـجِ      پاڻَ      سين،     وَسِيلا        وِسارِ؛
لُڙُ    لنگھائي    ،   سُهڻِي!     پِرتِ       وِجھنديءِ       پارِ؛
سي تُرتُ لنگِھينديُون تارِ،
 اُڪَنڍَ   آڳَهه   جن  سين.
محبوب سان ملاقات جي سفر ۾ پنهن جي انا ۽ خودي پاڻ سان گڏ نه کڻ ۽ نه ئي دنيا جي ظاهري وسيلن تي ڪو ڀروسو ڪر.هي اڳيان جو درياء آهي انهيء ۾ گھڙي پئو.جيڪر ۾محٻت سچي آهي ته پار پئجي ويندينء.جن کي به سڄڻ جي سچي سڪ آهي اهي ان اڪنڊ جي قوت سان درياء پار ڪري وييون.

شفيق شاڪر سنڌ سجاڳ بلاگ


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو