Wednesday, May 11, 2016

شاعريء جي زبان ؛ نوَ نشانيون نـُـور جون، عاشقن آهين


شاعريء جي زبان ؛ نوَ نشانيون نـُـور جون، عاشقن آهين
  شاعر ؛ سا.ئين روحل فقير

نوَ نشانيون نـُـور جون، عاشقن آهين:

هڪڙي ويهن واٽن تي، ٻيو کائڻ نه کائين،

ٽيون سر سڀ ڪنهن اڳيان، ٿا نميو نوائين،
چوٿون ٻڌي ڪنن سان، وري نه ورجائين،

پنجون پھ پرينءَ سان، ٿا پـَـڪو پچائين،
ڇهون ڪـُـڇن ڪينڪي، ناتو نباهين،

ستون سڪ سڄڻن جي، ٿا لنؤ لنؤ لڳائين،
اٺون ڳالھ عجيب جي، ٿا واري ورجائين،

نائون ننڊ نيڻن کي، ٿا جودؤن جاڳائين،
تڏهن سيبائين، ”روحل“ دوساڻـِـي درٻار ۾.

  

Sindhsujag.blogspot.com


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو