Thursday, May 12, 2016

وال پيپر ؛ اندر ونيت جو قتل

اندر ونيت جو قتل
سجاد شر
المين جي ديس سنڌ ۾ هڪ طرف ڪاري سون جي ڪنڌيءَ تي ويٺل مارئيءِ جي ماروئڙن جا ٻچڙا غذائي قلت، مناسب سار سنڀال ۽ علاج معالجي جي اڻهوند سبب مرن ٿا ته ڪنهن نوشهري پار ڪو حقن جي ڳالهه ڪندي ماريو وڃي ٿو. اتر، اولهه، اوڀر ۽ ڏکڻ سنڌ جي ڪنهن ناري کي ايڪهين صدي جي سوا پهر گذرڻ، انساني ترقي جي مٿانهين سطح تي پهچي وڃڻ ۽ گلوب جي گلوبل وليج جو حصو بڻيل هجڻ باوجود اڄ به جهالت بدعت ۽ غارن واري سماج جي بيهودا رسم ڪنوارپ جي ثابتي ڏيڻ لازمي هجي ٿي نه ته جيڪب آباد کان ويندي ميرپورخاص تائين انيڪ ونين کي مينڌيءِ رتن هٿڙن سان سرد جسم بڻجي لحد ۾ لهڻو پوي ٿو….
اهي بظاهر سڀ مسئلا لوئر مڊل ڪلاس سان اڪثر پيش اچن ٿا جن جو بنيادي ڪارڻ غربت، تعليم جو گهٽ هجڻ ۽ جهالت هجڻ به چئي سگهجي ٿو.پر المين جي ديس سنڌ جي ثقافتي راڄڌاني حيدرآباد ۾ اپر اليٽ ڪلاس يا نام نهاد وائيٽ ڪالر شهرين جي لئه جن ۾ اڪثريت پاڻ کي سڌريل بااخلاق سلڇڻو سمجهندڙن جي آهي انهن جي لئه حيدرآباد ڪلب جي نالي سان هڪ پوش علائقي ۾ تفريح جو مرڪز ٺهيل آهي جنهن ۾ صرف انهن نام نهاد سڌريلن کي داخلا جي اجازت آهي جن مان اڪثريت سنڌي ڳالهائيندڙآفيسرن جي آهي  جيڪي ڊاڪٽر هجن ته مريض کي سرڪاري اسپتال ۾ ڏسڻ بجاءِ کيس خانگي ڪلينڪ تي اچڻ جو حڪم نما مشورو ڏيندا آهن. جيڪڏهن اهي پوليس ۾ آهن ته اهي ترن جو تيل ترن مان ڪڍڻ واري فارمولي جا ماهرهجن ٿا، جيڪڏهن اهي آفيسر ايڊمنسٽريشن ۽ روينيو جا هجن ته نانگ ته ناهيون جو مٽي کائينداسين جهڙي باغ بهار فارمولي تي عمر گذاريندڙ هجن ٿا.انهن ميمبرن ۾ يقينن ڪجهه پاڻ وارا چونڊيل نمائيندا بلمعروف وڏيرا به هجن ٿا جن جي سڄي عمر اسڪولن اسپتالن روڊن رستن ۽ انفرا اسٽرڪچر جو ٻيڙو ٻوڙي پنهجي بهتري لاءِ ڪشتي نوح جو بندوبست پئي ڪيو آهي.انهيءَ باڪمال لوگن جي لاجواب سروس واري ڪلب ۾جيءَ جهوريندڙ سانحو برپا ٿيو آهي ڪو گل نه صرف ڪوماٽيو آهي پر انهيءَ گل جي پتڪڙي معصوم ڪلين کان به نرم هٿن ٻانهن پيرن کان ويندي سندس انگ انگ اڊيڙيو ويو آهي انهن بدروحن لوهه ۽ لڱ ساڙيندڙ گرمي ۾ سئمنگ پول ۾ وهنجندڙ دنيا جي مڙني برائين ۽ بڇڙاين کان ڪوهين ڏور معصوم اندر ونيت تي پنهجي جبلتن ۽ وحشتن جا انبار ئي نه ڪيريا پر سندس شرير کي ڳجهن جيئن پٽڻ، لوئڻ بعد جيئرو پاڻي ۾ غوطا ڏئي ماري ڇڏيو (ميڊيڪل سائنس موجب وينٽيليٽر تي ساهه کڻندڙ جسم جيئرو ڊڪليئر ناهي ٿيل).
ها!اهو اندر ونيت جيڪو پنهجي والدين جي اکين جو نور ۽ سندن گهر ۾ ڀڳوان رام رحيم جي اڪيلي دين هو،انهيءِ معصوم جنهن وٽ ته ڪتن بگهڙن لئه به پيار پنهجائپ هئي جنهن ٻاتڙي ٻولي کان هڪ وک اڳتي وڌائي ضرور هئي پر کيس اها خبر نه هئي ته انسان ۽ جانور ۾ ڪهڙو فرق هجي ٿو، هن وٽ ته اها ڪامپليڪيشن به هڪ راز هئي ته جانور صرف بنا شعور واري ڪنهن جاندار جو نالو ناهي پر جانور ته انسانن جيئن ويس پهرين انهن جيئن کائين پيئن ۽ پيش به ايندا آهن.هن معصوم وٽ ته پپا ۽ مما يعني ماتا پتا جيئن ٻاجهارا هئا سڀ انسان هن کي ڪهڙي خبر ته سنڌ المين جو ديس بنجي پئي آهي
سنڌ جتي غلاميءَ مصيبتن جي ماريل ماڻهن وٽ هاڻي ماڻهپو به ناپيد ٿيندو پيو وڃي.هن جي نالي اندر جي روشن ستاري واري مطلب جي ڪنهن کي ڪهڙي خبر، المين جي ديس سنڌ مان ئي اندر جي وڏن اقوام عالم کي شو ۽ شڪتيءَ جي فلسفي جي صورت ۾ زندگي گذارڻ جو فلسفو ڏنو هو، هن جي وڏڙن رگويد ۽ گيتا جا گيان سنڌو ڪناري ويهي تحرير ڪيا هئا. اندر کي ته اها به خبر نه هئي ته ٻار هن ڪائنات ۾ قدم ڪيئن رکندو آهي هن ته صرف ٻاجهاري ماءُ واتان سمهندي اڪثر گهور وڃي توتان ماءُ جي لولي ٻڌي هئي. هن ته اڪثر پنهجي جيجل جي واتان ٻڌو هو ته هن جهڙا خوبصورت ٻار جڏهن مٿي وارو راضي ٿيندو آهي ته فرشتا آسمان تان رات جو ڪنهن جي جهولي ۾ اڇلي ويندا آهن افسوس اهو اندر زندگيءِ جي اننگ جي شروع ڪرڻ کان اڳ ئي بي موت ماريو ويو پر هن ديس ۾ ڏکايل خاندان کان علاوه ڪنهن به هن نئين وارد ٿيل ڪربلا جي درد کي محسوس نه ڪيو ڪا وڏي اٿل پٿل نه ٿي…!!!
هن ملڪ جي مڙني مسئلن جا ذميوار صرف حڪمران ناهن، ڪجهه اسان جي سماج کي تحس نحس ڪرڻ ۾ پنهجو به هٿ آهي. هي صرف اندر جي ماءُ ۽ پيءِ جو درد ناهي اهي ته ويچارا قيامت جي ڏينهن به اندر جي درد جي تڪليف تي دانهون ڪندا اٿندا پر سوال اهو آهي ته بهارن جي موسمن ۾ ڪلين جي قتل تي سوسائٽيءَ کي نانگ ڇو سراپي ويو آهي؟ سڀ ايئن خاموش ڇو آهن؟
اڄ هن معصوم جي قتل تي سنڌ سوڳوار آهي سنڌ جو نقشو به ميرانجهڙو نظر ٿو اچي، انهيءِ اندر جي قتل پويان ڪنهن عذرائيل جي پونئير جو هٿ آهي ڇا جو ڪوبه وس وارو پنهجو فرض نباهڻ کان لاچار آهي.
اچو ته اندر جو درد محسوس ڪريون هڪ ماءُ جو درد محسوس ڪريون هڪ پيءُ جو درد محسوس ڪريون ڇو ته اردو جي شعر جيئن جهنگ ۾ به ڪو قانون ڪا اخلاقيات ٿيندي آهي ڪنهن جهرڪي جي ٻچي جي دانهن تي سڄو جهنگ جاڳي پوندو آهي، اسين ڀلا گهڙي سوا ان جهنگ جي اخلاقيات جي پاسداري ڪندي پنهجو ڪجهه ته ڀرم رکون نه ته اندر جي قاتلن تي ملامت ۽ ڦٽڪار ڪندڙ اسان جو ايندڙ نسل ڀلي تعارف سان اسان کي به ياد نه ڪندو…!!!
                                                                                                            http://sindhsujag.blogspot.com/


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو