Monday, May 9, 2016

سنڌ جا گونگا ۽ گوسڙو نمائندا


سنڌ جا گونگا ۽ گوسڙو نمائندا
منصور نثار

سنڌ جي بنيادي ڍانچي جي بهتر جوڙجڪ جهڙوڪ صحت، تعليم، پاڻي، ناڻي، بجلي، روزگار، پڪن رستن، نيڪال جي نظام، روزگار، زراعت ۽ ٻين سهولتن کي ماڻڻ لاءِ سنڌي عوام هر پنجين سال پنهنجي تڪ مان ووٽ ذريعي نمائندن جي چونڊ ڪندو آهي، جن جو اهو فرض هوندو آهي ته اهي جن ماڻهن جي ووٽ تي چونڊجي آيا آهن تن جي اميدن تي به پورا لهن پر اسان وٽ گهڻو ڪري ائين ٿيندي نظر ناهي ايندو، ووٽ وٺڻ کانپوءِ چونڊيل نمائندا پنهنجي تڪن ۾ ڳولهي ناهن لڀندا،  جنهن ڪري ئي سنڌ ۾ بنيادي مسئلا هميشه جيئن جو تيئن موجود رهندا پيا اچن، مسئلا حل نه ٿيڻ جو سڀ کان وڏو ڪارڻ اهو آهي جو جن ماڻهن جو اوهان ووٽ کڻي ايوان ۾ پهتا آهيو. انهن جو آواز نٿا بڻجو ۽ سموريون سهولتون حاصل ڪرڻ باوجود اهي ايوان ۾ اچڻ ئي گوارا نٿا سمجهن، جنهن جو چٽو مثال سنڌ اسيمبلي جي 100 ڏينهن جي ڪارڪردگي جو جائزو آهي جيڪو ڪجهه هن ريت آهي ته ….

بل/ٺهراءَ:
سنڌ اسيمبلي جي 100 ڏينهن دوران حڪومت ٽوٽل 126 سرڪاري بل پيش ڪيا، نند ڪمار جي ٻن خانگي بلن بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ انهي ڏينهن ايوان ۾  متحده جي گوڙ سبب پيش نه ٿي سگهي، ايوان ۾ ٽوٽل 113 ٺهراءُ آندا ويا، 18 تحريڪ اسحقاقون پيش ڪيون ويون جن مان صرف ٻن کي ايوان منظور ڪيو، جن ۾ ريحانه لغاريءَ جي ٺٽو جي ايس ايڇ او خلاف، جڏهن ته ٻئي پير مجيب الحق جي ڊپٽي ڪمشنر دادو خلاف هئي،جڏهن ته سئو ڏينهن دوران ميمبرن جي هڪ به تحريڪ التوا منظور نه ٿي سگهي.
چونڊيل نمائندن جي ڪارڪردگي:
سنڌ اسيمبلي ٽئين سال جا سئو ڏينهن پورا ڪري ورتا،  ٻڌايو پيو وڃي ته سئو ڏينهن دوران غيرحاضر رهندڙن ميمبرز ۾ شرجيل ميمڻ، اويس مظفر عرف ٽپي،حسنين علي مرزا، ثانيه ناز ۽ ارباب غلام رحيم سرفهرست آهن جن مان تازو ئي شرجيل ميمڻ ۽ اويس مظفر ملڪ کان ٻاهر هجڻ ڪري موڪلن جون درخواستون منظور ڪرايون آهن، ايوان ۾ پنهنجي تڪ جي عوام جي ترجماني گهٽ ڪندڙن ۾ پهرين نمبر تي دادو جي جوهي جي تڪ مان چونڊجي آيل پير غلام شاهه جيلاني سميت علي مردان شاهه، مخدوم خليل الزمان، فصيح احمد شاهه، طارق مسعود آرائين، نواب غيبي سردار خان چانڊيو، غلام مجتبيٰ اسراڻ، محمد علي ڀٽو، احمد علي پتافي،نعيم کرل جا نالا پڻ ٽاپ واري لسٽ ۾ اچن ٿا، سنڌ اسيمبليءَ ۾ گذريل 8 سالن کان سڀ کان وڌيڪ ايڪٽو رهندڙن عورتن ۾ نصرت سحر عباسي جو نالو ٽاپ تي برقرار آهي اها واحد سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر آهي جنهن سمورن مردن کي مات ڏئي پنهنجي تڪ سميت سنڌ جي عوام جي ترجماني ڪئي آهي، جڏهن ته اسيمبلي ۾ عوام جو آواز بڻجندڙن عورتن ۾ مهتاب اڪبر راشدي، سورٺ ٿيٻو، هير سوهو،خيرالنساءَ مغل،سنيتا افضل،ريحانه لغاري شامل آهن، مردن ۾ سڀ کان وڌيڪ عوام جي ترجماني ڪندڙن ۾ مخالف ڌر پاران نند ڪمار گوڪلاڻي،شهريار مهر،امتياز شيخ، رفيق ٻانڀڻ، خواجه اظهار الحسن، محمد حسين، خالد احمد ۽ ٻيا شامل آهن.
مخالف ڌر جو موقف:
اسيمبلي جي 100 ڏينهن پورا ڪرڻ واري اجلاس کان پوءِ ميڊيا سان خواجه اظهار الحسن جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن، اهي به نظرانداز نٿيون ڪري سگهجن، سنڌ اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خواجه اظهار الحسن جو چوڻ هو ته سنڌ اسيمبلي 100 ڏينهن پورا ڪري ڇڏيا آهن پر انهن 100 ڏينهن ۾ عوام کي ڪجهه ناهي مليو. سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر وڏي فخر سان اعلان ڪيو ته سنڌ اسيمبلي 100 ڏينهن پورا ڪري ورتا آهن پر اسان انهن 100 ڏينهن ۾ غريب عوام کي ڇا ڏنو آهي؟. اپوزيشن ليڊر جي حيثيت سان مون وٽ حڪومت جي ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ ڪجهه به ناهي.هن چيو ته انهن 100 ڏينهن ۾ 100 ارب رپين کان وڌيڪ ڪرپشن ٿي. 100 کان وڌيڪ سوموٽو ٿيا، 100 کان وڌيڪ ڪرپشن جا ڪيس بڻيا، وزيرن ۽ سرڪاري ميمبرن 100 کان وڌيڪ ضمانتون ڪرايون، ٿر ۾ 100 کان وڌيڪ ٻار مري ويا، 100 کان وڌيڪ ماڻهن بک ۽ بدحالي سبب پنهنجا ٻار وڪرو ڪيا، سنڌ حڪومت انهن 100 ڏينهن ۾سڪون سان ويٺي رهي ۽ عوام پريشان رهيو، مزدورن کي سندن مزدوري نه ملي، 100 ڏينهن تي فخر ڪهڙي ڳالهه جو آهي، حڪومت کي 100 کان وڌيڪ گهرن جي اجڙڻ جو ڏک ناهي، ان موقعي تي ايم ڪيو ايم ميمبر محمد حسين جو چوڻ هو ته حڪومت سمهي رهي آهي ۽ جيتري هيءَ حڪومت ڊگهي ٿي رهي آهي ايترو تڪلييفن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.
ترقياتي بجيٽ ۽ خرچ:
ڪجهه ڏينهن اڳ وزيراعليٰ هائوس ۾ بجيٽ بابت ٿيل اجلاس ۾ ناڻي واري وزير مراد علي شاهه ڄاڻ ڏني هئي ته اوقاف، زڪوات ۽ مذهبي مامرن وارن کاتن کي جاري ڪيل 226.3 ملين رپين ۾ رڳو 34.949 ملين رپيا خرچ ڪيا آهن جيڪي رڳو 15 سيڪڙو ٿئي ٿو، اهڙي طرح ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي پنهنجي  ترقياتي بجيٽ جو صرف 3 سيڪڙو حصو استعمال ڪيو آهي. ناڻي واري کاتي انهن کي 30.66 ملين رپيا جاري ڪيا آهن پر انهن رڳو 977000 رپيا خرچ ڪيا آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته صحت کاتي کي انهن جي وڏي مختص ڪيل 13 ارب رپين مان 10.2 ارب رپيا جاري ڪيا ويا پر انهن 2.37 ارب رپيا خرچ ڪيا جيڪي 23 سيڪڙو ٿئي ٿو، انفارميشن ٽيڪنالاجي کاتي پنهنجي جاري ڪيل 120.97 ملين رپيا خرچ ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيو ۽ ڪل 1.667 ملين رپيا خرچ ڪري سگهيو جيڪو مشڪل سان هڪ سيڪڙو بڻجي ٿو. ڪچي آبادي واري کاتي اهڙي طرح پنهنجا 43.5 ملين رپين جا ترقياتي فنڊ استعمال نه ڪيا ۽ رپيو به خرچ نه ڪيو. سماجي بهبود کاتي رڳو 12 سيڪڙو، اسپيشل ايجوڪيشن ٻڙي سيڪڙو، مائنز اينڊ منرل 7 سيڪڙو ۽ ليبر 18 سيڪڙو ۽ لائيو اسٽاڪ 18 سيڪڙو فنڊ استعمال ڪيا.
ترقياتي بجيٽ جو استعمال نه ٿيڻ نه صرف ڪامورن جي نااهلي آهي پر چونڊيل نمائندن جي به ڪوتاهي آهي ڇو ته انهن جو به اهو فرض آهي ته اهي به انهي معاملي تي پنهنجا چپ چورن، سنڌ اسيمبلي/حڪومت ۾ ويٺل چونڊيل نمائندن جي اهڙي ڪارڪردگي نه صرف افسوسناڪ آهي پر انهن کي به اهو نه وسارڻ گهرجي ته 5 سالن جو مدو پورو ٿيڻ بعد وري اوهان ڪهڙي منهن سان عوام وٽ وڃي ووٽ گهرندئو، بهتر اهو آهي ته چونڊيل نمائندا عوام جا مسئلا حل ڪرائين ۽ پنهنجو ووٽ بچائين.
(روزاني عوامي آواز جي ٿورن سان)


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو