Friday, August 19, 2016

سنڌ جو ماڻهو ويڳاڻو ڇو؟


تازو آزاديءَ جو ڏينهن ملهايو ويو ۽ اسلام آباد، لاهور، ملتان، گجرات ۽ لاهور ۾ وڏا شادمانا ٿيا. ماڻهن ڀنگڙا، ناچ ڪيا ڇو ته هتان جي ماڻهن کي الله جي فضل ۽ پنهنجن سياسي اڳواڻن جي مهربانيءَ سان خوشيون نصيب ٿيون آهن ۽ خوشيون نظر به اچن ٿيون، وڏي ڳالهه ته هتان جي ماڻهن کي ڪنهن کان به خوف خطرو ڪونهي، رونقون بحال آهن، ٽرئفڪ رات ڏينهن هلي پئي. هتان جي هر گھر مان ڪو نه ڪو خاندان جو ماڻهو ملڪ کان ٻاهر روزگار سان لڳل آهي هتي اسلام آباد ۽ پنجاب ۾ وسڪاري جي موسم آهي ۽ هتان جا ماڻهو وسڪاري جي مند خوب مزو وٺن ٿا ۽ ڪڏهن پاڻيءَ جي ڪري گپ، گارو ۽ رستا بند نٿا ٿين، هتي ڪچون جڳهيون نه آهن، جو بارش ۾ ڀري پون. اسان وٽ به جڏهن وسڪارو وسي ٿو ته روڊن رستن جو جيڪو حال شهرن ۾ ٿئي ٿو اهو اوهان کي معلوم آهي. ڇو ته مڪاني نظام ناڪارو آهي.
سنڌ جا ماڻهو سڀ کان وڌيڪ ويڳاڻپ جو شڪار ڇو آهن. اهي ته پاڪستان جي وجود جا حقيقي خالق آهن ۽ سنڌ پاڪستان جو گرائونڊ فلور آهي، جنهن جي مٿان سڄي ملڪ جي عمارت بيٺل نظر اچي ٿي ۽ ڪراچي ان جو مُک دروازو آهي. اسان وٽ ته ڪو روزگار جو مسئلو هجڻ نه کپي ڇو ته گذريل اٺن سالن ۾ مڪمل طور تي سنڌي ڳالهائيندڙن جي خودمختيار حڪومت آهي ۽ بلا شرڪت غير آهي. آفيسر ۽ حڪمران سڀ پنهنجا پاڻ ۾ آهيون پر پوءِ به سنڌي شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ ويڳاڻا آهن ۽ هو محسوس ڪن ٿا ته هنن جي سرڪاري سطح تي ڪا مالڪي نه آهي. اسان جا روڊ رستا ويران ۽ تعليمي ادارا تباهه آهن. هڪ دفعو ڪراچيءَ جي هڪ هوٽل ۾ سائين فتاح ملڪ جي ڪتاب جي مهورت جي تقريب ۾ اڳوڻي وڏي وزير سائين قائم علي شاهه کي اچڻو هيو پر سائين ڪنهن ضروري ميٽنگ ۾ اصل حڪمرانن ڏانهن دبئي ڏانهن ويل هيو ۽ ان جي بدلي ۾ ٻن سينيئر وزيرن جناب نثار احمد کهڙي ۽ ڊاڪٽر سڪندر علي منڌرو کي موڪليو. مون پنهنجي استقبالي خطبي ۾ سائين نثار کهڙي صاحب کي چيو ته جيڪڏهن سنڌ جي اسيمبلي جا سئو ميمبر روزانو رستن تي گھمندي پنهنجن پنهنجن تڪن جي اسڪولن ۾ هيڊ ماستر جي ڪمري ۾ وڃي انهن سان گڏجي چانهه پيئن ته اسان جي اسڪولن جي حالت بهتر ٿي سگھي ٿي. ان تي نثار کهڙي صاحب نهايت محبت سان اکيون ڦوٽاري مونکي ڏٺو ۽ ان کانپوءِ هن ڪجھه ايڪشن به ڪيو جنهن جا نتيجا اڃان تائين جاري آهن.
ٻين مڙني ڳالهين سميت سنڌي محسوس ڪن ٿا ته: سنڌي زبان ۽ ثقافت کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي ۽ کين ڄاڻي واڻي پوئتي ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سنڌي ماڻهو اردوءَ جي مخالفت ڪرڻ نٿا چاهين. اهي ته رڳو پنهنجي زبان ۽ ثقافت جي تحفظ جي ڳالهه ڪن ٿا جيڪا هزارين سال قديم آهي. ڪجھه سال اڳ مونکي اسلام آباد جي هيڊ آفيس مان اڪيڊمي ادبيات جي آفيس ۾ پنهنجي چيئرمين کان فون آئي ته جرمنيءَ جو سفير رني ڪوٽ گھمڻ چاهي ٿو، ان جو انتظام ڪيو وڃي، مان ان زماني ۾ حيدرآباد ضلعي جي ناظم جي معرفت سيڪيورٽي جو بندوبست ڪري، ان کي سيوهڻ جي رستي کان رني ڪوٽ وٺي ويس، رني ڪوٽ کي ڏسي هن چيو ته هيڏي وڏي ساري عجوبي جي اوهان صحيح مشهوري ڇو نه ڪئي آهي، هي ته هڪ عالمي سطح جو ورثو آهي. جنهن ۾ اوهان گھڻو ڪجھه ٽوئرزم مان ڪمائي سگھو ٿا. اتي اسان جي کائڻ پيئڻ جي انتظامن جي لاءِ ان وقت سن منجهان ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس پاران مختيارڪار پنهنجي تپيدارن کي ساڻ وٺي پهتو هيو ۽ مانيءَ ۽ پاڻيءَ جو بندوبست ڪيو ويو. اتي کائڻ پيئڻ لاءِ نه ڪو ريسٽورنٽ هيو ۽ نه ڪو ريسٽ هائوس هيو، فقط ڪجھه پنڊ پهڻ ٿيل شيون نظر آيون جيڪو اتان جي رهاڪو گبول ذات جي بروچن اسان کي تحفي طور ڏنيون.ڪيترا اسان کي پنڊ پهڻ ٿيل وڻن جا ٿڙ به پيل نظر آيا جيڪي شايد هاڻي ماڻهو کڻي ويا هوندا نه ڪا ميوزيم نظر آئي نه وري ڪي 38 ڪلو ميٽرن تي مشتمل ان مها قلعي جي اندروني ڍانچي ۾ ڪي روڊ رستا ٺهيل نظر آيا.
ورلڊ بئنڪ ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ وغيرهه سميت مختلف عالمي ادارن جي رپورٽن موجوب سنڌي ڳالهائيندڙ جن جو وڏو انگ ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ رهي ٿو.تن ۾ غربت جي شرح ۾ واڌ ٿي رهي آهي. واڌ جي اها شرح پنجاب، خيبر پختون خواهه ۽ پاڪستان ۾ غربت جي سراسري شرح کان وڌيڪ آهي. لڳ ڀڳ 60 سيڪڙو سنڌي غربت جي لڪير  کان به هيٺ زندگي گھاري رهيا آهن. اهي محدود اندازا آهن، حقيقت ان کان به ڀيانڪ ٿي سگھي ٿي.
سنڌ ۾ هن وقت زراعت ۽ پيئڻ لاءِ پاڻي جي اڻاٺ آهي. سنڌ جي 80 سيڪڙو آبادي جي لاءِ پيئڻ جو پاڻي سنڌو درياهه جي پاڻيءَ تي دارو مدار رکي ٿو جيڪڏهن درياهه ۾ پاڻي نه هوندو ته زراعت ته پري جي ڳالهه آهي پر پيئڻ جو پاڻي به نه ملندو. اڪثر اخبارن ۾ سکر شهر ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جي کوٽ جا اعلان ٿيندا رهندا آهن ۽ خاص طور تي گرميءَ جي موسم ۾ هتان جي ماڻهن جا ڳلا خشڪ ٿي ويندا آهن، سنڌ جون زمينون ڪجھه سمنڊ جو لوڻاٽيل پاڻي کائي ويو آهي جنهن جي نتيجي ۾ هزارين ايڪڙ زمين ضلعي ٺٽي ۽ بدين جي غير آباد ٿي وئي آهي ۽ باقي سنڌ جي زمين سم ۽ ڪلر جي ڪري غيرآباد آهي. ماضيءَ ۾ هتان جا ماڻهو پاڻي جي گھڻائي سبب سکيا ستابا هئا ۽ زراعت اوج تي هئي. ٻئي طرف هاڻي ارسا جي مهرباني سان پاڻي جو پورو حصو به نٿو ملي ۽ جيڪو ملي ٿو ان تي اسان جي ايريگيشن جا مهربان عملدار پنهنجو حصو سمجهي، ماڻهن تي مهربانيون ڪن ٿا. کين برساتي پاڻي جي تيز وهڪري حوالي ڪيو ويو آهي ۽ اهو به سندن حصي ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. ٻئي طرف ٻين صوبن جي ڇنڊڻن جو زهريلو پاڻي سنڌوءَ ۾ ڇڏيو پيو وڃي جنهن جي نتيجي ۾ گندي پاڻيءَ سان لاڳاپيل ڪيترين ئي وچڙندڙ بيمارين منهن ڪڍيو آهي ۽ اسان جي منڇر ڍنڍ جيڪا سنڌ جي موجوده وڏي وزير جي علائقي ۾ آهي ۽ پنهنجو ايشيا جي وڏين ڍنڍن ۾ شمار ٿئي ٿي اها پنهنجو وجود وڃائي ويٺي آهي ۽ هزارن جي تعداد ۾ ميربحر جيڪي ٻيڙين جا گھر ٺاهي اتي گذر سفر ڪندا هئا اهي هاڻي مٺي پاڻيءَ لاءِ پريشان آهن ۽ روزگار لاءِ دربدر آهن. مان سمجهان ٿو ته سائين مراد علي شاهه کي ان ڳالهه جو اندازو ضرور هوندو.
ڪجھ سال اڳ جنرل مشرف جي زماني ۾ سنڌ صوبو ڄاڻي وڻي ايم ڪيو ايم حوالي ڪيو ويو هيو ۽ سنڌ جا ٻهراڙيءَ وارا علائقا جاگيردارن، سردارن، وڏيرن جي حوالي ڪيا ويا هئا جي اڃان تائين انهن جي حوالي آهن ۽ هاڻي ضلعي ناظمن ۽ شهرن جي نمائندگي به گھڻو ڪري انهن کي ڏني وئي آهي باقي ايم ڪيو ايم جي عسڪري وِنگ تي جيڪو وَنگُ وڌو ويو آهي ان تي ان جي ئي جنم جون تياريون پاڪ سرزمين پارٽي جي صورت ۾ ٿي رهيون آهن. اڳم امن امان جي صورتحال جرڳن حوالي ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ اسانجا وڏيرا ۽ سردار فيصلا ڪندا رهيا آهن انهن جي مرضيءَ کانسواءِ اتي ڪوئي فلاحي ڪم به نٿو ڪري سگھجي. مونکي هڪ ڊاڪٽر دوست شڪارپور ضلعي جي هڪ وڏيري جي علائقي ۾ فري ميڊيڪل سينٽر ٺاهڻ جي ڳالهه ڪئي ۽ چيائين ته مونکي فلاڻي خان کان هن سلسلي ۾ آشيرواد وٺڻو آهي، ان کانپوءِ اهو ڪم شروع ڪري سگھبو. مون محسوس ڪيو ته اسانجو وچولو ۽ سفيد پوش ۽ پڙهيل لکيل طبقو انهن کان گهڻو هيسيل آهي.
تازو سائين خورشيد احمد شاهه جو هڪ ٽي وي چينل تي حامد مير سان انٽرويو ٻڌو سون ڏاڍي حيرت ٿي هن چوڌري نثار بابت خوب ڳالهايو پر پنهنجي ملڪ جي ماڻهن سان هڪ اپوزيشن ليڊر جي حيثيت ۾ ڪهڙي ڀلائي ڪئي ان بابت ڪجهھ به نه ٻڌايو. ائين لڳي ٿو ته سياست کي ڪاروبار بڻايو ويو آهي ۽ سياستدان فقط انهن ماڻهن سان ملن ٿا جيڪي انهن کي ڪاروباري نفعو پهچائڻ جي سگهه رکن ٿا. جنرل مشرف پنهنجي ڏهن سالن جي طويل حڪمراني جي دؤر ۾ سنڌي آفيسرن کي نااهل سمجهي نظر انداز ڪيو پر هاڻي گذريل اٺن سالن ۾ ته اسان پاڻ کي هر حالت ۾ نااهل ثابت ڪيو آهي. چاهي سياست هجي يا آفيسر شاهي هجي. يا وري اسڪول جو استاد يا هيڊ ماستر هجي. مسجد جو مولوي هجي يا خطابي سڀ اسان هڪجهڙا ٿي ويا آهيون. هتان جي ماڻهن جي ڪا مالڪي ئي ڪانهي.؟
تازو سنڌ جي وڏي وزير سائين مراد علي شاهه پنهنجي دؤري دوران پريس وارن سان ڳالهائيندي چيو ته ماڻهو پنهنجي مسئلن بابت خط لکي کيس موڪلن. اها ڏاڍي سٺي ڳالهه ته سائين جي عوام دوست جذبي کي سلام هجي پر نظام جي ٺاهڻ کان علاوه اها ڳالهه اجائي ٿي لڳي ته هزارن جي تعداد ۾ ماڻهن جا خط سائين ڪيئن پڙهندو ۽ انهن جو تدارڪ ڪيئن ٿيندو. وري ماڻهو ويچارا جواب نه ملڻ ۽ ڪم نه ٿيڻ ڪري مايوس ٿيندا. بهتر آهي ته صوبي جي سيڪريٽريٽ ۽ ضلعي نظام ۾ فعال، سرگرم ۽ لائق آفيسر رکو ۽ جيڪڏهن کاتي جو سربراهه ڪم وارو هوندو ته هيٺيون عملو خودبخود ڪم ڪرڻ لڳندو جيئن پوليس ۾ اي ڊي خواجا جهڙو ماڻهو جڏهن کان آيو آهي ته پوليس وارا به ڪجهه تهذيب وارا ٿي ويا آهن.
سنڌين پاڪستان جي آزاديءَ لاءِ تمام گھڻي عملي جدوجهد ڪئي. سنڌي خوددار آهن. اهي غربت ۾ رهڻ ته پسند ڪندا پر پاڪستان ۾ ٽئين درجي جو شهري بڻجڻ هو پنهنجي شان جي خلاف سمجهن ٿا. جنهن پاڪستان جي قيام لاءِ هنن اسيمبلين ۽ عملي ميدان ۾ جدوجهد ڪئي اهي هاڻي به پوئتي نه هٽندا ۽ اوهان سان ساٿ ڏيندا.
سنڌي مڙني سياسي پارٽين. فوج ۽ ڪامورا شاهي تي اهو واضع ڪرڻ چاهين ٿا ته ساڻن برابريءَ وارو سلوڪ ڪيو وڃي پر اهو سلوڪ هو ميرٽ جي بنياد تي چاهين انهن کي ڪنهن وڏيري جي سفارش جي ضرورت نه آهي.
سنڌ جي نئين ڪابينا ۾ ڪجهھ نوان نالا سامهون آيا آهن جنهن ۾ سائين سردار علي شاهه ثقافت جو وزير بڻايوويو آهي جيڪو خود به هڪ اديب ۽ شاعر آهي ۽ اميد آهي ته هو سنڌي زبان ۽ ثقافت جي تحفظ ۽ ترقيءَ لاءِ مناسب قدم کڻندو ۽ سنڌ ۾ موهن جو دڙو، ڪاهو جو دڙو، قلعه، ڪوٽ ۽ ٻيون قديم آثارن جون ڪيتريون جايون آهن خود ٿرپارڪر ۾ ڪافي خزانو آهي پر اتي ڪابه نگهباني ڪانهي، ڀوڏيسر جي قديم مسجد جي لڳل پٿر جي قطبي تي؟ لکيل تحرير به مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. سنڌي ادبي بورڊ، سنڌي لئنگويج اٿارٽي، سنڌالاجي، سچل اڪيڊمي ۽ ٻين علمي ادبي ادارن جي حالت تسلي بخش نه آهي انهن کي گڏائي هڪ قومي ڪائونسل تاريخ ۽ ثقافت بابت ٺاهي وڃي، هر ضلعي ۾ هڪ ثقافتي مرڪز قائم ڪيو وڃي ۽ سنڌ جي هزارن سالن جي قديم آثارن جي حفاظت جي لاءِ ڪو مضبوط پروگرام ٺاهجي نه ته مهر ڳڙهه وانگر اهي آثار به مٽجي ويندا ۽ ڪوئيٽا جي ڀرسان ڪچلاڪ جي قديم آثارن کي ٽريڪٽرن جي ذريعي سرون وڪڻي اهي آثار ئي مٽايا ويا.
ماضيءَ جي ڪوتاهين جي ازالي لاءِ سنڌ ۾ تعليم جو معيار بهتر بڻايو وڃي ۽ روزگار جا وڌ کان وڌ موقعا فراهم ڪيا وڃن ته جيئن غربت جي شرح ۾ گھٽتائي اچي سگھي ۽ غربت جي اها شرح سڄي پاڪستان جي سراسري شرح کان گھٽ حد تي پهچي سگھي، يعني 60 سيڪڙو کان 30 سيڪڙو تي.
سنڌ حڪومت ۾ اهڙا مخلص عملدار شامل ڪيا وڃن جيڪي عوام سان مخلص هجن. ان سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم ۽ وفاق/اسٽيبلشمينٽ جي پسند ۽ ناپسند کي دخل نه هجڻ گھرجي.
هٿياربند فوج ۾ آباديءَ جي لحاظ کان آفيسر ن ۽ جوانن ۾ سنڌين جو حصو حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي پئماني تي ڀرتيون شروع ڪيون وڃن.
وفاق جي آمدني ۾ وڌ کان وڌ حصو ڏيندڙ سنڌ کي ان جو جائز ۽ وسيلن جي بنياد تي حصو ڏنو وڃي. سنڌ جي تيل، گئس ۽ معدنيات جا وسيلا سنڌين جي ڀلائي ۽ ترقي تي خرچ ڪيا وڃن ڪنڌڪوٽ، قادرپور، گھوٽڪي، خيرپور، دادو ۽ بدين مان ڪيڏو تيل ۽ گئس جو ذخيرو نڪري ٿو ۽ پاڪستان جي 70 سيڪڙو گئس ۽ تيل سنڌ مان نڪري ٿو پر اتان جي علائقن جي ترقي نه هئڻ جي برابر آهي، اتان جي اسڪولن جي حالت ڏسو ۽ اسپتالن جو انتظام ڏسو ڇا اتي انهن ادارن پاران ڏنل فلاحي مد ۾ فنڊ ڪيڏانهن  ٿا وڃن. اهڙن ميگا پروجيڪٽن مان ڪهڙو فائدو جيڪي فقط ڪاغذن ۾ آهن ۽ رڳو چند ماڻهو فائدو حاصل ڪن ٿا ۽ پنهنجا بِڀَ ڀرين ٿا.
پاڻي ۽ بجلي جي ورهاست لاءِ صوبي جي سطح تي ترت اهڙي پاليسي جوڙي وڃي جنهن سان زراعت ۽ پيئڻ لاءِ صاف پاڻي ۽ بجلي سنڌ جي ٻهراڙين کي به ملي سگھي. اسان ڏسئون ٿا ته سکر شهر ۾ درياهه جي ڪناري تي ٿرمل پاور هائوس جي بلڊنگ موجود آهي. پر اهو هن وقت بند پيو آهي. اهڙي طريقي سان شڪارپور جي لوڊرن واري رائيس مل به بند آهي. اهڙا پاور هائوس لاڙڪاڻي، لاکڙا ۽ رائيس ڪئنال ۽ روهڙي ڪئنال جي پلين تي پاڻيءَ جي پريشر سان هلائي سگھجن ٿا. جيئن خيبر پختون خواهه وارن سوين پاور هائوس تيار ڪيا آهن.
(روزاني عوامي آواز)   

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو