بلوچستان جي ناڻي واري سيڪريٽري جي گرفتاري ۽سنڌ جي وڏين مَڇين ۾ هٿ پوڻ وارا وڌي ويل امڪان.
نسيم بخاري
بلوچستان جي خزاني واري سيڪريٽري مشتاق رئيساڻي جي گرفتاريءَ کانپوءِ
ٿيل پڇا ڳاڇا جي نتيجي ۾ ڪرپشن کي هٿي وٺرائيندڙ جن همراهن جا نالا آڏو آيا آهن،
انهن جيڪڏهن ٻولڻ شروع ڪيو ته اهو معاملو مٿي کان هيٺ تائين گهڻن همراهن جا حال بي
حال ڪري ڇڏيندو. بلوچستان ۾ ڪرپشن جي الزام هيٺ گرفتار خزاني جي سيڪريٽري کان پڇا
ڳاڇا وارو عمل بدستور جاري آهي. هن جي گهر مان ڇهن ڪلاڪن جي جاچ بعد سيڪريٽريءَ جو
ليپ ٽاپ ۽ اهم دستاويز نيب پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيا هئا. مليل خزاني جي ماليت 63
ڪروڙ رپيا ٻڌائي وئي آهي، ٻارهن ٿيلهن ۾ نوٽ ٻڌايا وڃن ٿا، چئن ڪروڙن جو سون به هٿ
ڪيو ويو هو، ڊالر، پائونڊ ۽ يوروز پڻ هٿ ڪيا ويا.
مشتاق
رئيساڻي وٽان پنج سؤ، هزار ۽ پنج هزار جا نوٽ ڳڻڻ لاءِ مشينون گهرايون ويون. چيف
سيڪريٽري بلوچستان مشتاق رئيساڻي جي ڪرپشن ظاهر ٿيڻ کانپوءِ کيس معطل ڪيو ويو آهي.
هو هاڻ هڪ مجرم جي حيثيت ۾ ادارن جي ڇنڊڇاڻ هيٺ آهي. پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا
تي هن کي جيترو سوڙهو ڪيو ويو آهي، ايڏي گهيري ۾ اچڻ جو هن ڪڏهن تصور به نه ڪيو
هو. حقيقت اها آهي ته مشتاق رئيساڻي ته هڪ مهرو آهي، هن کي هلائيندڙ، حڪم ڏيندڙ ۽
وڏو مال ڳڙڪائيندڙ پردي پويان آهن، جن تي آڱريون کڄڻ شروع ٿي ويون آهن، پر خبر
ناهي ته بدعنوانين جا بادشاهه ڪڏهن قانون جي وڪڙ ۾ ايندا؟
بلوچستان
جي ناڻي واري سيڪريٽري جي گهران هٿ آيل ڪرپشن جي دولت ملڻ کانپوءِ هاڻ سوين همراهن
جي گهرن جون جهڙتيون وٺڻ جو امڪان وڌي ويو آهي، اهو ئي سبب آهي ته هاڻ سرڪاري ڦرلٽ
واري دولت جي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقلي واريون خبرون اچڻ به شروع ٿي ويون آهن، اسان
وٽ دولت جو حرص حڪومتي ۽ ڪامورڪي سطح تي ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي. ڪي ماڻهو ٻين
پاران دوستن ۽ مٽن مائٽن جي نالي تي ڪاروبار پيا ڪن ته ڪي وري ڳجهه ڳوهه ۾ ٻاهرين
ملڪن جي بئنڪن ۾ ملڪي خزاني وارو پئسو موڪليندا رهيا آهن.
ان سڄي
صورتحال ۾ اهو آرام سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اسان وٽ انتهائي تيزيءَ سان
ڪرپشن واري شرح ۾ زبردست حد تائين واڌ آئي آهي. حقيقت اها آهي ته مشتاق رئيساڻي تي
جيڪا تهمت لڳي آهي، انهن الزامن هيٺ هر اداري جو سربراهه ۽ ان جو وزير توڙي ان کان
به مٿين قيادت ايندي رهي آهي، پر انهن جا عيب ڍڪيل آهن، ان ڪري اهي معتبر ۽ معزز
آهن. اسان جي اسيمبلين ۾ ويٺل عوامي نمائندن جا ڪڌا ڪرتوت ۽ ڪرپشن ڪنهن کان ڳجهي
آهي، پر انهن ۾ ڪو به هٿ وجهڻ لاءِ تيار ناهي، ڪو ادارو ايترو بااختيار ۽ طاقتور
آهي ئي نه جو اهو ڪنهن به بدعنوان ۽ بدڪردار ماڻهو کي جيل موڪلي سگهي يا ان ڏانهن
آڱر کڻي سگهي. سياست جي نالي ۾ اسان وٽ جيڪي سنگين قسم جون ستم ظرفيون ٿينديون
آيون آهن، تن جا گهاوَ ڏاڍا گهرا آهن. اسان وٽ هر اداري جي هر حوالي سان رکيل
بجيٽ، ڪاغذن ۾ کڻي خرچ ٿيندي به هجي، پر حقيقت ۾ اها ڀوتارن ۽ بنگلن تي خرچ ٿيندي
آهي. پاڪستان ۾ ڪوبه اهڙو ادارو ناهي، جيڪو ڪرپشن جهڙي ڪينسر کان پاڻ بچيل رهيو
هجي يا جنهن بابت اها دعويٰ ڪري سگهجي ته اتي ڪابه بدعنواني نه ٿي آهي. حڪومتي سطح
تي ڪرپشن کي جائز حق سمجهي اڳ کان اڳري ثابت ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هر ايندڙ
حڪومت ۽ ان جي وزيرن مشيرن پاڻ کان اڳ آيل همراهن جا رڪارڊ ٽوڙيا آهن، نوڪريون
وڪڻڻ، ٺيڪا نيلام ڪرڻ، مختلف حوالن سان سالياني بجيٽ وارا فنڊ کائڻ، فخر جوڳي
ڳالهه ٿي وئي آهي، جيڪو جيترو ڪرپٽ آهي، اهو ايتري وڏي عهدي تي آهي. ڀلا ڪير نه ٿو
ڄاڻي ته بلديات جا فنڊ ڪيڏانهن ٿا وڃن؟ صحت جي بجيٽ ڪيڏانهن پئي وڃي؟ تعليمي فنڊ
ڪيڏانهن ٿا وڃن؟
سنڌ ۾
ته صفا اونداهه آهي، ڪو حساب، ڪو ليکو چوکو ناهي، ڪا پڇا ڳاڇا ناهي! هرڪو حرص هوس ۾ هڪٻئي کان گوءِ کڻڻ واري ڊوڙ ۾ رڌل
ٿو ڏسجي. بلوچستان جي ناڻي واري سيڪريٽري جي سوگهي ٿيڻ کانپوءِ گورنر سنڌ عشرت
العباد، ڊي جي رينجرز ۽ چيف آف آرمي اسٽاف پاران ڪرپشن خلاف ٻهاري ڦيرائڻ وارن
اعلانن کانپوءِ سنڌ ۾ به همراهن ۾ ڦڙڦوٽ پئجي وئي آهي. هڪڙي ڏينهن تي سنڌ جي وڏي
وزير سائين قائم علي شاهه جي اها دعويٰ آڏو اچي ٿي ته سندس پارٽي جو ڪو به وزير
مشير ڪنهن به بدعنواني ۾ ملوث ناهي ته ٻئي ڏينهن وري سائين بابا جو اهو ٿو فرمان
پڙهڻ لاءِ ملي ته پارٽي جي ڪنهن به وزير مشير يا عهديدار تي ڪا ڪرپشن ثابت ٿي ته
اهو پنهنجي عملن جو پاڻ ذميوار هوندو. پارٽي ڪنهن جي به اهڙن ڪرتوتن کي نه
قبوليندي. سائين جي اها ڳالهه جيڪڏهن واقعي به سورنهن آنا سچ آهي ته پوءِ اهو سوال
اٿاري سگهجي ٿو ته پارٽي جي وزيرن مشيرن ۽ عهديدارن کي ڪرپشن جو دڳ ڏيکاريو ڪنهن ۽
انهن تي گهربل اک ڇو ڪونه رکي وئي؟ ڇا پارٽي جو اهو فرض نه هو ته پنهنجي ماڻهن جي
پرڪارن کي نوٽيس ۾ رکي ها؟
سنڌ ۾
جيڪا ڀڙڀانگ ۽ هر سطح تي هر علائقي ۽ هر اداري ۾ صورتحال سجهي پئي يا رات وچ ۾
پيدا نه ٿي آهي. گذريل اٺن سالن کان پيپلز پارٽي جي بدترين حڪمراني جو ئي ڪمال آهي
جو اڄ ڪلهه جتي ڪٿي ڪاري وارا ڪک پيا نظر اچن. اهو سلسلو هڪ منظم پاليسي ۽ حڪمت
عمليءَ جو ئي نتيجو لڳي ٿو، اهو ئي سبب آهي ته هڪڙا ملڪ کان ٻاهر پاڻ کي بچايو
ويٺا آهن ته هڪڙن جو هتي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي تحويل ۾ ساهه سڪتي ۾ آهي. هڪڙا
وري ننڊ ۾ ڇرڪ ڀري اٿن ٿا. سوشل ميڊيا تي اڪثر اهڙن اڳواڻن جون تصويرون اچڻ شروع
ٿي ويون آهن، جيڪي رنگين راتين وارين محفلن دوران رينجرز جي ڇاپي واري اطلاع تي
ٿيڙ ٿاٻا کائيندي، نشي ۾ ڌت ۽ ڀڄندي ڏيکاريا وڃن ٿا. اهڙن ماڻهن جا ته رڳو سوشل
ميڊيا تي فوٽو اچڻ شروع ٿي ويا آهن، پر انهن جا نالا ۽ سماجي تعارف به ڏنا پيا
وڃن. سنڌ ۾ جيالن ۾ ايڏي وڏي ڦڙڦوٽ اهو ٻڌائي رهي آهي ته هنن جي شعوري گناهن جي
نتيجي ۾ ڄاڻايل صورتحال جنم ورتو آهي.
ان ۾
ڪو شڪ ناهي ته پئسو هر ڪنهن کي وڻندو آهي، پر پيپلز پارٽي جا جيالا هن ڀيري پئسي
جي لالچ ۾ جيترا وڦليا، ترڪيا ۽ ٿاٻڙيا آهن، ايترو اڳ ڪڏهن به حرث نظر نه آيو هو،
انهن جي اهڙي ڦڙتي ۽ بي باقي جا ڪهڙا به سبب هجن، پر ان ڏس ۾ بنيادي ڪردار ان
ڇڙواڳي ۽ کليل آشيرواد جو آهي، جيڪا کين سڌي يا اڻ سڌي ريت قيادت پاران ميسر ڪئي
وئي آهي.
سنڌ ۾
امڪاني خطرن جا گهنڊ ٻڌائين ٿا ته پيپلزپارٽي اندر وڏو ٻڙڌڪ مچڻ وارو آهي.
بلوچستان ۾ ته هڪڙو سيڪريٽري پڪڙجي پيو آهي، پر هتي هر اداري جي سيڪريٽري جا جيالن
خلاف ڪجهه ئي ڏينهن ۾ الزام اچڻ شروع ٿي ويندا، معاملو ايڏو تيزيءَ سان ميڊيا تي
ايندو جو وزير مشير به ان جي لپيٽ ۾ اچي ويندا، نه رڳو ايترو پر وڏن ۾ به وڏا هٿ
پوڻ وارا اطلاع افواهن جي صورت ۾ گردش ڪرڻ شروع ٿي ويا آهن.
پيپلز
پارٽي جي سنڌ ۾ بدترين حڪمراني خلاف دانهڻ وارا پنهنجو هوم ورڪ پوري تياري ۽ ڦڙتي
سان ڪيو بيٺا آهن. بس ٿوري ئي وقت ۾ وڏا واڪا ٿيندا، وڏيون وضاحتون اينديون، وڏا
بيان شايع ٿيندا، الزامن ۽ تهمتن جو همراهن جو هڪٻئي ڏانهن رُخ هوندو، ڪو ڪنهن جي
ڪردار ڪشي ڪندو ته ڪو ڪنهن جي ڳچي ۾ ڊراما وجهندو، ان سڄي صورتحال جو فائدو جيڪا
ڌر وٺندي اها پنهنجي ڪيريئر جي حوالي سان ۽ ساک پت ٺاهڻ لاءِ وڏا وس هلائيندي.
ڪرپشن
وارو معاملو پيپلز پارٽي کي سنڌ ۾ جيڪو منطقي مات ڏيڻ وارو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي
ته پيپلز پارٽي ان بابت اڃا سنجيدگيءَ سان سوچڻ شروع ئي نه ڪيو آهي، جڏهن ته اهي
به اطلاع آهن ته سنڌ ۾ ڪي وزير مشير ڏئي وٺي جان ڇڏائڻ جي چڪر ۾ آهن، ڪن ٻاهرين
ملڪن ڏانهن وڃڻ جا سانباها ڪرڻ شروع ڪري ڏنا آهن، ڪي وري هتي ئي انڊر گرائونڊ ٿي
ويا آهن، ڪي محفوظ هنڌن جي تلاش ۾ آهن.
ڪيڏو
نه سٺو ٿئي ها جو پيپلز پارٽي سنڌ ۾ عوامي مينڊيٽ جو مان رکي ها. اهليت جا جنازه
نه کڄن ها، ڪرپٽ ۽ بدڪردار انسانن جي همٿ افزائي نه ڪئي وڃي ها، ادارن جا لاهه نه
ڪڍيا وڃن ها، شهرن ۽ ڳوٺن کي کنڊر نه بڻايو وڃي ها. پيپلز پارٽي سنڌ ۾ اهو سڀ ڪجهه
شايد ان ڪري به ڪيو جو هن کي وري اقتدار ۾ اچڻ جي اميد گهٽ پئي سُجهي يا ان ڪري به
پيپلز پارٽي ڪرپشن ۽ بدترين حڪمراني کي ترجيحي اهميت ڏني، ڇو ته اهو جن جو اسڪرپٽ
لکيل هو، انهن جي مرضي کي مان ڏيڻ کانسواءِ ڀائو وارن وٽ ڪو آپشن ئي نه بچيو هو.
پيپلز پارٽي ذهني طور تي ڪرپشن سبب حڪومت وڃائي ويهڻ وارو ذهن ٺاهي ورتو آهي، ڇوته
ان ۾ هنن کي مظلوميت جي راڳ آلاپڻ وارو موقعو ميسر ٿي ويندو ۽ هنن جي واڳو وارن
ڳوڙهڻ تي خلق هڪ ڀيرو ٻيهر هرکجي ويندي، نتيجي ۾ هنن جا عيب ماڻهن کان وسري ويندا؟
(روزاني عبرت جي ٿورن سان)
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو
پنهن جي راء هتي لکو