Sunday, May 8, 2016

سرڪاري ملازمن لاء خوشيء جي خبر!


سرڪاري ملازمن لاء خوشيء جي خبر!

پاناما ليڪس ۾ وزيراعظم جي فيمليء جو نالو اچڻ بعد، حڪومت سرڪاري ملازمن جي حمايت حاصل ڪرڻ لاء انهن جي پگھارن ۾ سال 2016-17ع جي بجيٽ ۾ 20 سيڪڙو واڌ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.جڏهن ته پينشن ۾ پڻ 30 سيڪڙو اضافو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
وزارت خزانه جي ذريعن مطابق پناما ليڪس جي حوالي سان حڪومت تي آيل دٻاء جي نتيجي ۾ وزارت خزانه کي وزيراعظم پاران هدايتون جاري ڪيون وييون آهن ته سرڪاري ملازمن جي پگھارن ۾ 20 سيڪڙو جڏهن ته پينشنرس جي پينشن ۾ 30 سيڪڙو اضافي جي تجويز جوڙي ان کي آخري شڪل ڏني وڃي.
ذريعن مطابق بجيٽ جي باري ۾ ٿيندڙ ايندڙ اجلاس ۾ وزيراعظم کي ان معاملي ۾ بريفنگ ڏني ويندي.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو