Sunday, May 8, 2016

ساحل جي ماءُ جي درد ڪٿا

ساحل جي ماءُ جي درد ڪٿا
منير سومرو
ماءُ جهڙي عظيم رشتي کان وڌيڪ ٻيو ڪوبه رشتو ڪونهي، ڇاڪاڻ ته هوءَ 9 مهينا ٻار کي  پنهنجي پيٽ ۾ سانڍي ٿي ۽ وڏين تڪليفن ۽ ڪشالن کانپوءِ جڏهن سندس ٻار هن دنيا ۾ اچي ٿو ته ماءُ پنهنجا سمورا سور ۽ اهنج وساري پنهنجي ٻچڙي کي ڏسي جيڪا سندس چهري تي پهرين مسڪراهٽ اچي ٿي ته ان جهڙيون هزارين مسڪراهٽون قربان ڪري سگهجن ٿيون. جڏهن اهڙي ماءُ جو ٻچڙو 4 سالن جي عمر ۾ کائنس وڇڙي وڃي ته پوءِ ماڻهو سمجهي سگهي ٿو  ته ان ماءُ جو هڪ هڪ پل ڪيئن گذرندو هوندو، اهو ڪو ساحل جي ماءُ کان پڇي، جيڪي وقفي وقفي سان نير وهن ٿا، انهن ماڻهن کي ڪهڙي خبر، جيڪي صرف کيس 7 مهينن کان ڏٽن ۾ رهايو ٿا اچنس. ساحل سان راند کيڏندڙ سندس سنگتي به اداس شام وانگر پنهنجون اکيون  ان جي در ۾ رکيو اچن ٿا ۽ اهي ان جي ماءُ کان پڇن ٿا ته چاچي ساحل آيو،  ته سندس ماءُ جا نير ويتر ڦڙ ڦڙ وسندڙ برسات جيان ڪرڻ لڳن ٿا، 7 مهينن کان روئندي روئندي هاڻي ته سندس ڳوڙهن به ايئن ساٿ ڇڏي ڏنو آهي جيئن اسان جي علائقن ۾ برسات پوڻ ڇڏي ڏنو آهي. نئون ديرو پوليس به ان ڪيس کي ڪمائي جو ذريعو بنائڻ کان علاوه ڪجهه به نه ڪري سگهي آهي، پوليس ساحل  جي ڪيس جي جاچ جو رخ ان جي  ويجھي رشتيدارن ڏانھن ڦيرائيندي پنهنجي موقف ۾ چون ٿا ته سندس نانو شاھنواز، ناني رحمت خاتون، ڏاڏي سھراب  ساحل کي ملڪيت جي ڪري اغوا ڪيو آهي، جيڪڏهن هنن اغوا نه ڪيو آهي، تڏهن به انهن کي ساحل بابت ڄاڻ ضرور آهي، ان ڪري پوليس انهن کي حراست ۾ به ورتو، ساحل جي والد ۽ ماءُ جي مسلسل احتجاجن سبب پوليس انھن کي آزاد ڪرڻ بعد ھن وقت تائين معاملي کي اٽڪائي ڇڏيو آھي ته ساحل کي سندس پنھنجي ئي گھر ڀاتين ساجد ڪوريجو واري ڌر کان انتقام وٺڻ لاءِ نينگر کي  لڪايو آھي، ڇاڪاڻ ته ساحل ڪوريجو جي ناني ۽ ساجد ڪوريجو جي والد وچ ۾ ملڪيت جي معاملي تان ڇڪتاڻ ھلي رهي هئي، پوليس جاچ کي فائيلن تائين محدود ڪري ڇڏيو، جڏهن ساحل جي اغوا بابت مسلسل خبرون شايع ٿيون ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ان معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو، جنھن بعد ايس ايس پي لاڙڪاڻو ڪامران نواز ٻن ايس پيز مسعود بنگش ۽ توقير محمد نعيم، ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او نئون ديرو تي مشتمل جاچ ڪاميٽي پڻ جوڙي، جنھن ساحل جي ناني شاھنواز ڪوريجو ،ناني رحمت خاتون، ساحل جي ڏاڏي جي ڀاءُ سھراب ڪوريجو، ساحل جي والد جو مامو عبدالقادر ڪوريجو، حسام ڪوريجو کي پوليس گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڏني، پر انهن جي گرفتاري کانپوءِ به ساحل بازياب نه ٿي سگهيو، پوليس جي ذريعن مطابق ساحل جي ماءُ کان علاوه سندن سڄي خاندان کي ساحل بابت ڄاڻ آهي پر جڏهن اسان انهن مٿان دٻاءُ وجهون ٿا ته اهي احتجاج ڪن ٿا ۽ اخبارن ۾خبرون اچڻ سبب اسان مٿا ن دٻاءُ پوي ٿو،  جنهن سبب اسان کي جاچ ۾ ڏکيائون پيش اچن ٿيون. اهو ته پوليس جو چوڻ آهي، ان واقعي ۾ کڻي ڪجهه به هجي، پر هڪ ماءُ جي هنج ته پنهنجي ٻچڙي کان خالي ٿي آهي، ان جي ڀرڻ لاءِ قانون ڇونه ٿو حرڪت ۾ اچي، جيڪو شينهن جي وات مان به گرهه کسي سگهڻ جي سگهه رکي ٿو. 7 مهينا گذري چڪا آهن ۽ اهو واقعو هاڻي اٺين مهيني ۾ داخل ٿي رهيو آهي ۽ ماءُ جي سڏڪن تي ڌيان نٿو ڏنو وڃي، اها ان ماءُ سان  انتهائي وڏي زيادتي آهي، جنهن لاءِ پوليس کي ڪنهن به صورت ۾ رعايت  نه ٿي ڏيئي سگهجي. هاڻي ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ورتل پاڻمرادي واري نوٽيس تي ڊبل بينچ پوليس کي حڪم ڪيو آهي ته ساحل ڪوريجو کي 15 ڏينهن اندر بازياب ڪرايو وڃي. پوليس کي ڇنڊ پٽيندي عدالت چيو ته ساحل ڇو نه بازياب ٿيو آھي؟ جنھن تي  جاچ ٽيم جي انچارج ايس پي هيڊڪوارٽر توقير محمد نعيم عدالت کان ھڪ ڀيرو ٻيھر 15 ڏينھن جي مھلت وٺي چيو ته ساحل کي بازياب ڪرايو ويندو، اهي واعدا ڪڏهن وفا ٿيندا؟ اها ته خبر ڪنهن کي به نه آهي ۽ نه وري پوليس ان بابت مڪمل ڄاڻ ڏئي ٿي، حالانڪه  شروع ۾ پوليس ساحل ڪوريجو جي ڪيس ۾ ھڪ ڄڻي ساجد ڪوريجو کي نينگر جي اغوا واري ڏينھن گرفتار ڪري چالان ڪري ڇڏيو، جنھن تي مغوي نينگر جي والدين خدشا ڏيکاريا ته ساجد ڪوريجو کي ھڪ بااثر آفيسر جي مائٽن وٽان شادي ٿيل ھجڻ ڪري فرضي ڪاغذي ڪارروائي ڪري چالان ڪيو ويو آهي، جيڪو ڪجھه ڏينھن بعد ضمانت تي آزاد ٿي ويو. ساحل جي وارثن جڏهن ڏٺو ته پوليس ڪيس کي اينگهائي رهي آهي ۽ عدالت کان هر پيشي تي مهلت وٺي رهي آهي ته هو آخر نئون ديرو جي شهري ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن وٽ پاڪ ڪتاب کڻي پهتا ته اسان جي مدد ڪئي وڃي، جنهن بعد سياسي ۽ سماجي تنظيمن جي اڳواڻن شهرين سان گڏجي نئوديرو جي مک چوڪ تي لڳاتار 10 ڏينهن احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري احتجاجي بک هڙتال ڪئي، اهڙي هڙتال سبب سنڌ حڪومت ان جو نوٽيس ورتو ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو ڪامران نواز جي هدايت تي ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او هڙتالي ڪئمپ تي پهچي ساحل کي 8 ڏينهن اندر بازياب ڪرائڻ جو يقين ڏياريو، جنهن کانپوءِ هڙتال ختم ڪئي وئي.
ساحل ڪوريجو 10 نومبر تي گهر ٻاهران پنهنجي والد جي ڏنل تحفي رانديڪي واري گهوڙي سان کيڏي رهيو هيو ته هو واپس گهر نه پهتو، ڄڻ کيس زمين ڳهي وئي هجي، ساحل ڪوريجو جي وارثن وٽ  مهينو اڳ 5 لکن روپين جي چٺي پھتي، جنھن ۾ اھو چيو ويو ته رقم ڏني وڃي ۽ ساحل جو “رانديڪو گھوڙو” به شھر جي خوني چوڪ تان کڻي وڃو، ان باوجود پوليس ان معاملي کي سنجيده وٺڻ بجاءِ ان ڳالهه تي بضد آهي ته ساحل کي اغوا نه ڪيو ويو آهي، پر اهو پنهنجي ئي عزيزن وٽ آهي ۽ ان سموري معاملي جي ساحل جي والد کي به خبر آهي، صرف اها خبر ماءُ کان لڪائي وئي آهي، جڏهن ته ساحل جي والد جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ساحل بابت پوليس کي معلومات آهي ته پوءِ کيس ڇونه ٿو بازياب ڪرايو وڃي، هو چوي ٿو ته پوليس ڄاڻي واڻي معاملي تان ڌيان ھٽائڻ لاءِ منھنجي سھري، سس ۽ چاچي کي گرفتار ڪيو ۽ بعد ۾ کين آزاد ڪيو، ھن کي پوليس مان چڱائي جي اميد نظر نه ٿي اچي، ان معاملي تي جڏهن پوليس کان پڇون ٿا ته ان جو جواب نٿو  ڏنو وڃي، جنهن مان ايئن محسوس ٿئي ٿو ته پوليس ان معاملي کي اينگهائڻ لاءِ سمورا حربه استعمال ڪري رهي آهي. نئون ديرو پوليس جا ايس ايڇ اوز ته مٽجندا رهيا پر ساحل جي جاچ هر ڀيري اڌوري رهجي وئي ۽ نينگر جي بازيابيءَ لاءِ ڪوبه پوليس آفيسر لاڀائتو ڪردار ادا نه ڪري سگھيو. ساحل کي اغوا ڪندڙن پاران 5 لک روپيه ڀنگ جي چٺي به وارثن کي اماڻي وئي آهي، جنهن سان گڏ ساحل جو رانديڪو گهوڙو به وارثن کي نشانيءَ طور اماڻيو ويو آهي، جيڪو ساحل کي سندس والد اغو ٿيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ خريد ڪري ڏنو هو. ايس ايس پي لاڙڪاڻو جي سربراهيءَ ۾ جوڙيل جاچ ٽيم به هن وقت تائين ڪو ٻوٽو ناهي ٻاري سگهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ورتل نوٽيس باوجود نينگر جي بازيابيءَ لاءِ پوليس تاريخن تي تاريخون وٺي معاملي کي رٻڙ جيان اينگهائيندي پئي وڃي جن کي ماءُ جي درد جو ڪهڙو احساس؟ پٽ جي بازيابي جي اوسيئڙي ۾ ديدون وجهي ويٺل ساحل جي امڙ سبحان خاتون ڪوريجو جو جيءُ آڳر تي سانوڻ جھڙي گرميءَ جيان تڙپندو رهي ٿو. پر انتظاميه جي مٿي تي جونءَ به چرندي نظر نه ٿي اچي، جنھن ڪري ساحل جو گھر ويراني جي ور چڙھيل آھي. نينگر جي گهر ۾ مايوسيءَ پنھنجا آستانا اڏي ويٺل آهي، جتي پوليس جي ھٿرادو ڪيل غفلت سامھون اچي رھي آھي، اتي ھن تڪ جي چونڊيل نمائندن جو پنھنجي تڪ جي ماڻھن جي مسئلن ۽ انھن جي حل واسطي دلچسپي به سامھون پٽ پئجي وئي آھي، 7مھينن ۾ساحل جي گھر کان ٻن فرلانگن تي قائم ايم پي اي محمد علي ڀٽي جون اکيون بند ۽ ڪن ٻوڙا آھن، ھو ڪڏھن به ھمدردي لاءِ وٽن نه ويو، جڏھن ته ايم پي اي کان پوءِ ايم اين اي فريال ٽالپر به ڪو نوٽيس نه ورتو، جيتوڻيڪ ساحل جو پڙ ڏاڏو علي نواز ڪوريجو ڀٽو اسٽيٽ جو منشي ۽ ساحل جو والد ظھور ڪوريجو پ پ وارڊ ٻئي جو عھديدار به رھيو آھي، پر ڪنھن کي به ھنن جي حال تي رحم نه آيو آھي. ساحل جو والد مرد هجڻ سبب هو ٻاهر وڃي دوستن ساٿين سان ملي پنهنجي درد کي گهٽائيندو هوندو پر ساحل جي ماءُ جي درد جي ڪٿا ته ان جي ڳوڙهن مان ئي لڳائي سگهجي ٿي، جيڪي هاڻي ڳاڙي ڳاڙي سندس اکيون بي رنگ ٿي ويون آهن، سندس اکين ۾ رنگ ڀرڻ لاءِ لاڙڪاڻو پوليس ۽ وس وارين اختيارين کي ان معاملي کي سنجيدگيءَ سان وٺي ساحل کي پنهنجي ماءُ سان ملايو وڃي ته جيئن هو به پنهنجي ٻين مائرن وانگر پنهنجي خالي ٿيل جھوليءَ کي ڀري سگهي.

 روزاني عبرت 8 م.ي 2016ع

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو