سنڌ لاوارث ناهي
انس گهانگهرو
سنڌ ۾ گذريل ڪجهه سالن کان احساس محرومي وڌندي پئي وڃي، هر ماڻهو پاڻ
کي پنهنجي ڌرتي تي غير محفوظ سمجهي رهيو آهي، اهو نوجوان هجي يا شاگرد، استاد هجي
يا قومپرست، مولوي هجي يا سياسي ڪارڪن سڀ جو سڀ خوف ۾ مبتلا هئڻ ڪري خوف واري
زندگي ۾ گذاري رهيا آهن، اهو سڀ ڇا جي ڪري ٿي رهيو آهي، ڇو ٿي رهيو آهي، نه ڪو
سبب، نه مسئلو، پوءِ به سنڌ ۾ خوف واري فضا پيدا ڪئي پئي وڃي، ان جي پٺيان ڪهڙا
ڪارڻ آهن؟ بلوچستان ۾ ساڳيو سلسلو اڳ ٿيندو رهيو، اسين خاموش هئاسين، نوجوانن جون
اجتماعي قبرون مليون، اسان لفظ نه ڪڇياسين، نوجوان عورتن کي کنڀي گم ڪيو ويو، اسان
ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڍي سين، پشتونن جو قتل عام ٿيو، پوءِ به خاموشي اختيار ڪئي سين، سنڌ
۾ نوجوانن کي ساڙيو ويو، قومي اڳواڻن توڙي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪيو ويو، چچريل لاش
مليا پر اسان سڀ خاموش هئاسين، ايتري تائين جو هڪ ريلي ڪڍڻ جي ڏوهه ۾ قومپرست اڳواڻ
بشير خان قريشي کي شهيد ڪيو ويو، سنڌ تڏهن خاموش احتجاج ڪيو، ان بعد واري مقصود
قريشي ۽ سلمان وڌو کي قتل ڪري باهه ڏئي ساڙيو ويو، پر سنڌ جو ڪو خاص آواز ٻڌڻ ۾ نه
آيو، اڃان به سلسلو کٽو ناهي.
سال اڳ
سنڌ دوست عالم ڊاڪٽر خالد محمود سومرو کي مسجد ۾ شهيد ڪيو ويو، پوءِ به ڪو رد عمل
سامهون نه آيو، اديب ۽ ليکڪ عطا محمد ڀنڀرو جي نوجوان پٽ کي ماري ڦٽو ڪيو ويو،
حڪمرانن اقتدار جي نشي ۾ ستل رهيا، ڪنهن اک نه پٽي، ڪجهه ڏهاڙا اڳ ڪيهر انصاري کي
ساٿي سميت کنڀي گم ڪيو ويو، جنهن جي بازيابي لاءِ جسقم نوشهرو فيروز پاران احتجاجي
ريلي ۽ ڌرڻو هنيو ويو، جتي سڌيون گوليون هلائي هڪ درجن ڪارڪنن کي زخمي ڪيو ويو،
جنهن ۾ هڪ ڄڻو هنڱورجا واسي ارشاد چنو ڪراچي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي زندگي
جي جنگ هارائي ويو، 6 ڪروڙ سنڌي ماڻهو پاڻ تي ٿيل ظلم، ستم، ڪهر ۽ ڏاڍ تي سوچي
رهيا آهن، هر هڪ ماڻهو اندر ۾ پڄري رهيو آهي، شهر توڙي واهڻ وستي، هوٽل توڙي
اوطاقن ۽ نجي محلن ۾ سنڌ ۾ ٿيندڙ ظلم، بربريت، نوجوانن کي کنڀي گم ڪرڻ ۽ چچريل لاش
ملڻ تي تبصرا ڪيا پيا وڃن، پر ڪير آواز اٿارڻ جي سگهه نٿو رکي. سنڌ ۾ وڌندڙ احساس
محرومي جا اصل ذميوار سنڌ جا چونڊيل نمائنده ۽ حڪمران آهن، جيڪي سنڌ ۽ سنڌ واسين
جي مالڪ هئڻ جا دعويدار ۽ تحفظ جا ضامن آهن، سنڌي عوام تي سالن کان مئلن جي نالي
تي ووٽ وٺندڙ ڇو خاموش آهن؟ دنيا جي ڪنهن به ملڪ جي ڪنهن به قانون ۾ ڪهڙي به ڏوهه
توڙي جنگ جي حالت ۾ به دشمن کي به جيئري ساڙڻ جو قانون يا اختيار ناهي، پر سنڌ ۾
ڏوهه ثابت ٿيڻ توڙي نه ٿيڻ جي بدلي ماڻهن کي ساڙي ماريو وڃي ٿو، ان تي سڀ انساني
حقن جون تنظيمون توڙي عالمي ادارا خاموش تماشائي وارو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن،
سانگهڙ ۾ ٽن ڄڻن کي ساڙي شهيد ڪرڻ جي معاملي تي سنڌ دوست عالم ۽ سينيٽر علامه خالد
محمود سومرو سينيٽ ۾ آواز اٿاريو هو، سنڌ ۽ سنڌين جي ماڻهن کان ووٽ وٺندڙ سياسي
جماعت جي ميمبرن ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڍي، جڏهن خالد محمود سومرو کي شهيد ڪيو ويو ان وقت
توڙي بعد ۾ ڪيس هلائڻ دوران سنڌ سرڪار الٽو ڪيس کي ڪمزور ڪرڻ توڙي قاتلن کي بچائڻ
جي ڪوشش ڪندي پئي اچي. نوشهرو فيروز جي واقعي کي بلڪل دٻائڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ هڪ
به سنڌي ميمبر آواز نه اٿاريو، اهو ڪنهن به پارٽي سان وابسطه ڇونه هجي، پر متحده
ميمبرن هميشه پنهنجي ڪارڪنن لاءِ اسيمبلي توڙي روڊن تي آواز اٿاريو.
ان ۾
ڪو به شڪ ناهي ته ڪراچي سميت ملڪ ۾ امن امان جي قيام توڙي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ
سيڪيورٽي ادارن توڙي حڪومت جو اهم ڪردار آهي، جنهن کي پڻ ساراهيو ويو آهي ۽ جتي
ظلم جبر بربريت ٿئي پئي، ان تي آواز اٿارڻ هڪ قلمڪار جي حيثيت سان فرض هوندو آهي،
ڪجهه ڏهاڙا اڳ متحده اڳواڻ فاروق ستار جي ڪوآرڊينيٽر آفتاب احمد جي اهلڪارن جي
تحويل ۾ ٿيل موت تي احتجاج بعد ارمي چيف جنرل راحيل شريف نوٽيس وٺي ڪميٽي قائم ڪرڻ
جو حڪم ڏيندي چيو ته متاثر خاندان سان مڪمل انصاف ڪيو ويندو، جيڪڏهن ڪوبه اهڪار
ملوث نڪتو ته ان خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، سنڌ سرڪار تي ته ڪا معيار ئي
ناهي، نه دوست کي آسرو نه دشمن کي ڀئو،! سنڌ ۾ۡ پهريان ئي احساس محرومي وڌندي پئي
وڃي، بدتر حڪمراني سبب سنڌ جا شهر توڙي ڳوٺ تباهي جو ڏيک ڏئي رهيا آهن، روڊ رستا
کنڊر بڻيل آهن، هر سال اربين رپين جي ترقياتي ڪمن جي نالي تي ڪرپشن ڪئي پئي وڃي،
عام سنڌي ماڻهو جي زندگي اجيرن بڻجي وئي آهي، مائرون پنهنجا ٻچا وڪرو ڪري پيٽ گذر
تي مجبور آهن، پڙهيل لکيل نوجوان روزگار نه هئڻ ڪري بيروزگاري سبب خودڪشيون ڪري
رهيا آهن، قومپرست تحريڪون دم ٽوڙي اهميت وڃائي چڪيون آهن، مذهبي جماعتن مان صرف
هڪ جي يو آءِ ئي سنڌ جي مسئلن تي حقيقي آواز اٿاريندي پئي اچي، هاڻ سپريم ڪورٽ جي
ان بيان بابت ٿورو سوچڻو پوندو ته جيستائين سنڌ ۾ مسٽر شاهه جي حڪومت آهي،
ايستائين بهتري جي اميد ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آهي، هي وقت آهي ته سنڌ جون
قومپرست تنطميون، مذهبي جماعتون، اديبن ۽ شاعرن جون ڌريون هڪ ٿي سوچين، ائين نه
ٿئي جو هڪ هڪ ٿي سڀ وجود مٽائي ويهن.
روزاني عبرت جي ٿورن سان
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو
پنهن جي راء هتي لکو