Sunday, June 12, 2016

ناميارين عورتن جي سرعام تذليل ته باقي ڇا بچيو؟

زرار پيرزادو
  • مسلم ليگ نواز جي وفاقي وزير خواجه آصف ۽ جمعيت علماءِ اسلام (ف) سان واسطو رکندڙ سينيٽر حافظ حمد الله ٻن ناميارين عورتن شيرين مزاري ۽ ماروي سرمد لاءِ جيڪا ڪريل ۽ بازاري زبان استعمال ڪئي آهي تنهن جي نه رڳو مذمت ڪرڻ گهرجي پر احتجاج پڻ.
  • ڇاڪاڻ ته انهن عورتن جي اها تذليل ڪن عام ماڻهن، عام عورتن سان نه ڪئي آهي پر اها تذليل هڪڙن پڙهيل لکيل مردن قومي اسيمبلي جهڙي اداري ۽ ٽي وي جي ٽاڪ شو ۾ ڪئي آهي.
  • جيڪڏهن ڪي پڙهيل لکيل مرد، ناميارين عورتن خلاف ايئن اعليٰ ادارن ۾ گندي زبان استعمال ڪن ته پوءِ اندازو لڳايو ته عام عورتن سان عام مرد ڪيئن ڳالهائيندا هوندا.
  • مسلم ليگ جي وزير خواجه آصف، پي ٽي آءِ جي سينيئر عورت اڳواڻ شرين مزاريءَ کي قومي اسيمبليءَ جي فلور تان ”ٽريڪٽر ٽرالي“ چيو ۽ اسپيڪر کي چيائين ته هن ”ٽريڪٽر ٽرالي“ کي ته چپ ڪرايو.
  • جڏهن ته جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سينيٽر هڪ ٽي وي شو ۾ انساني حقن جي علمبردار ۽ ناليواري ڪالم نگارا ماروي سرمد کي پروگرام هلندي جيڪا گار ڏني سان هتي اسان لکي به نٿا سگهون.
  • بظاهر اسان جي معاشري ۾ عورتن کي هڪ خاص عزت سان ڏٺو ويندو آهي ۽ دعويٰ ڪئي ويندي آهي ته اسلام اندر عورت کي جيڪو احترام ڏنو ويو آهي سو ٻين مذهبن ۾ نٿو ملي ته پوءِ مولانا صاحب ڪهڙي مذهب جي نمائندگي ٿو ڪري.
  • خواجه آصف ۽ مولانا حمد الله نه رڳو اندر ۾ موجود پنهنجي ظرف کي ظاهر ڪيو آهي پر اهڙن اڪثريتي مردن جي نمائندگي ڪئي آهي جيڪي عورتن ڏانهن سندن جهڙا ئي خيال رکندا آهن.
  • ڪڏهن ڪڏهن اهڙو ماحول پيدا ٿي ويندو آهي، اهڙي ڳالهه ٿي ويندي آهي جو اهي انسان نما حيوان آپي کان ٻاهر نڪري ويندا آهن ۽ پنهنجي اصليت تي لهي ايندا آهن.
  • ماڻهوءَ جو اصل تڏهن سامهون ايندو آهي جڏهن سندس بي عزتي ٿيندي آهي. پوءِ خبر پوندي آهي ته ڪير آهي اشرف المخلوقات ۽ ڪير آهي حيوان.
  • تذليل ته ڪنهن مرد جي به نه ٿيڻ گهرجي، شخصيت تي لهي اچڻ جي ڪنهن به بحث ۾ اجازت ناهي هوندي. پر هي همراهه ته قومي اسيمبلي ۽ ٽي وي شو ۾ ڳالهائي رهيا هُيا.
  • سياسي جماعتن کي ميمبر چونڊرائڻ، اسيمبلين ۾ پهچائڻ لاءِ ”بااخلاق“ ماڻهن کي ڏسڻ گهرجي ۽ ايئن ٽي وي چينلن جي انتظاميا کي به ٽاڪ شو لاءِ سلجهيل، نظرياتي بااخلاق ماڻهن کي گهرائڻ گهرجي جن ۾ تنقيد ٻڌڻ ۽ برداشت ڪرڻ جي سگهه هجي.
  • هڪ مهذب معاشري جي گهرج ته اها آهي ته خواجه آصف جي ان بداخلاقي تي سندس قومي اسيمبلي جي ميمبري واپس ورتي وڃي ۽ مولوي حمد الله جي سينيٽري ختم ڪئي وڃي ۽ احتجاج طور ڪڏهن به ٽي وي شوز ۾ نه گهرايو وڃي.
  • بظاهر خواجه آصف ۽ مولوي حمد الله پنهنجي گندي ذهنيت کي وائکو ڪيو آهي پر حقيقت اها آهي ته اها ذهنيت مجموعي طور تي عورتن ڏانهن مردن جي هوندي آهي.
  • جڏهن اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي سربراهه ئي عورت تي مرد جي ”تشدد“ کي ان جو ”حق“ قرار ڏنو ته باقي ڇا بچيو؟
  • هي ته پڙهيل عورتون آهن جيڪي پنهنجي تذليل جو آئيني ۽ قانوني طور تي بدلو چُڪائڻ به ڄاڻن جڏهن ته مجموعي طور تي اسان جي عورت ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي ملان واري ”ڪٽڪي“ کي به اکين تي رکڻ لاءِ مجبور آهي.
  • جيڪي ماڻهو ٻاهر اعليٰ ادارن ۾ ويهي عورتن لاءِ اهڙي زبان استعمال ڪن ٿا ته انهن کان پوءِ اهو پڇڻ يا مهڻو ڏيڻ جي ضرورت ئي ناهي ته توهان پنهنجين عورتن سان به ايئن ئي ڳالهائيندا آهيو؟
  • سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته اسان جو معاشرو آهي ئي عورت-دشمن. هتي عورت کي غلام ۽ پير جي جتي سمجهيو ويندو آهي. اها ذهنيت جيستائين موجود رهندي عورتن سان ايئن ئي تذليل ٿيندي رهندي.
  • (روزاني عوامي آواز جي ٿورن سان)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو