Monday, April 18, 2016

داعش ؛.... آمريڪي فوجيء جا انڪشاف!

داعش ؛.... آمريڪي فوجيء جا انڪشاف!
شفيق شاڪر

عراق جي جنگ ۾ وڙهندڙ هڪ اڳوڻي آمريڪي فوجي ونسينٽ ايمينيول  Emmanuel Vincent   پنهنجو هڪ مضمو ن TeleSUR’s English website کي موڪليو آهي جنهن  ۾هن انهيء اهم سوال جو جواب ڏنو آهي ته “ داعش ڪٿان آئي؟” هن جي چوڻ مطابق داعش ٺاهڻ ۾ هن پاڻ مدد ڪئي! پنهنجي ۽ پنهنجن ساٿي فوجين جي عراق ۾ ظالماڻي ۽ ڏوهاري ڪاروائين جو اعتراف ڪندي هو دعوى ڪري ٿو ته هن کي خبر هئي ته سندن انهن ڪاروائين جي نتيجي ۾ وچ ايشيا ۾ وڏي بغاوت اٿندي. هو چوي ٿو ته
“ جڏهن مونکي 2003کان 2005 تائين عراق ۾ آمريڪي فوج جي ميرين7 جي پهرين بٽالين ۾ مقرر ڪيو ويو مون کي پوري طرح اها خبر نه هئي ته هن جنگ جا ڪهڙا اثر نڪرندا پر مون کي اهو اندازو هو ته هن جي نتيجي ۾ ضرور نفرت ۽ بغاوت پيدا ٿيندي. اها بغاوت جيڪا اڄ پوري دنيا(عراق، افغانستان، يمن.لبيا ، مصر،لبنان.شام،فرانس،تيونس ۽ ڪيليفورنيا وغيره) ۾ نظر اچي رهي آهي ۽ جنهن جو ڪو انت ٿيندي نٿو ڏسجي.”
هوڏانهن “رشيا ٽوڊي” سان ڳالهائيندي ونسينٽ ايمينيول چيو ته هن جو اهو شعور ٻيو ڀيرو عراق وڃڻ تي وڌيڪ سجاڳ ٿيو ۽ ان جو سبب صرف هڪڙو سوال بڻيو.
“ مون پنهنجي فوجي ساٿين کي معصوم ماڻهو ماريندي،بيگناه شهرين کي تشدد جو نشانو بنائيندي،ماڻهن جون ملڪيتون تباه ڪندي، مئل جسمن جا عضوا ڪپيندي،لاشن کي لتون هڻندي ۽ اهڙين غير انساني حرڪتن تي وڏا ٽهڪ ڏيندي ۽ تصويرون ڪڍندي ڏٺو.منهن جي لاء اهو سڀ ڪجھ سمجھڻ تمام آسان هو.آئون عراق ۾ ويٺي سوچيندو هئس ته مون کي ڪهڙو رويو وٺڻ گهرجي ۽ پنهنجو پاڻ کان سوال ڪندو هئس ته جيڪر آئون ڪڏهن عراقي فوجين جي جوتن ۾ ايئن ڪريل هجان ها ته ڇا  ڪيان ها؟”
پنهنجي مضمون ۾ هن بيان ڪيو آهي ته ڪيئن نه هن ۽ هن جي بٽالين پنهنجن ٽينڪن ما ن گند اڇلي عراقين جي پيئڻ جي پاڻيء کي گندو ڪري ڇڏيو هو ۽ معصوم ٻارڙن کي پيشاب ۽ بارود سان ڀريل پاڻيء جون بوتلون استعمال ڪرڻ تي مجبور ڪيو هو! هو مختلف عارضي جيلن ۾ قيد ڪيل عراقين تي پنهنجن ساٿي فوجن طرفان  ڪيل شرمناڪ تشدد جا داستان به ياد ڪري ٿو.
“ مون کي منهنجي فوجي ساٿين طرفان عراقين کي ٺونشا ۽ ٺونٺيون هڻڻ، لتون ۽ مڪون هڻڻ،ٿڏا ۽ ٽڪرون هڻڻ ۽ سندن منهن تي ٿڦڙون هڻڻ جا ٻڌايل قصا اڄ به چڱيء طرح ياد آهن. مون کي اهي داستان به ياد آهن جو عراقين کي سڀني جي سامهون هڪٻئي سان جنسي فعل ڪرڻ جي لاء مجبور ڪيو ويندو هو ايستائين جو انڪار جي صورت ۾ انهن جي جنسي عضون تي چاقوء سان چهڪ ڏنا ويندا هئا ۽ انهن جي مقعد ۾ ڏنڊيون وڌيون ٿي وييون.”
 ابوغريب جيل ۾ قيدين سان ڪيل غيرانساني سلوڪ تي انساني حقن وارين تنظيمن پاران پيش ڪيل ثبوت ونسينٽ ايمينيول جي ان بيان جي تصديق ڪن ٿا.داعش جو سربراه ابوبڪر بغدادي به انهيء جيل ۾ قيد هو.ايمينيول چيو ته هن ٻيو ڀيرو عراق ۾ رهڻ دوران جنگ مخالفن گروپن ۽ ٻين دانشورن جهڙوڪ هاورڊ زن،نعمان چومسڪي  ۽ ايمي گڊمين وغيره سان رابطا رکيا.هن چيو
“ مون محسوس ڪيو ته جيڪي ڪجھ ٿي رهيو هو سو غيرانساني، غيراخلاقي،غيرقانوني ۽ ناجائز هو ۽ مون کي اندازو هو ته اسان کي ان جي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي ۽ جنهن جو ردعمل اسان داعش ۽ ٻين ويڙهاڪ گروپن جي صورت ۾ ڏسي رهيا آهيون.” هن چيو ته هو ان جنگ ۾ شريڪ ٿيڻ تي پڇتائي رهيو آهي ۽ ان نتيجي تي پهتو آهي ته آمريڪا جون عراق،افعانستان، ويتنام ۽ ڪوريا ۾جنگيون آمريڪا جي ڊگھي جارحيت واري سوچ جي تاريخ آهن.ونسينٽ چوي ٿو ته هن ان اميد تي اهو مضمون لکيو آهي ته دنيا خاص طور تي آمريڪا جي ماڻهن کي خبر پوي ته آمريڪا سڄي دنيا ۾ ڇا ڪندو رهيو آهي! هن چيو

“ هن وقت دنيا ۾ جيڪي ويڙهاڪ انساني جانيون تباه ڪري رهيا آهن سي اهي ئي باغي آهن جيڪي عراق،افغانستان، وچ اوڀر ۽ اتر آمريڪا ۾ آمريڪي فوجن يا ڊرون حملن جو نشانو بڻيا  يا وري آمريڪي جيلن ۾ غيرانساني روين جو شڪار بڻيا ۽ آئون سمجھان ٿو ته مون وانگر ٻيا ويڙهاڪ به آمريڪا ۽ پوري مغرب ۾ سامهون ايندا ۽  جيڪڏهن انهن اچي دنيا کي ايمانداريء سان صاف صاف پنهنجا تجربا ٻڌائي ڇڏيا ته پوء آمريڪا انهن جارحيت وارين ڪاروائين ۾  اڳتي لاء گھڻو مصروف نه رهي سگھندو”

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو