Wednesday, April 20, 2016

نوازشريف خلاف واقعي ڪاسازش ٿي آهي؟



نوازشريف خلاف واقعي ڪاسازش ٿي آهي؟
شفيق شاڪر

جڏهن محترم نواز شريف ڪجھ ڏينهن پهرين سرڪاري ٽيليويزن تي نهايت ئي معصوميت واري انداز ۾ قوم کي پنهن جي ۽ پنهن جي خاندان جي بي گناهيء،ايمانداري ۽ حلال رزق ڪمائڻ جي مشقتن جا داستان ٻڌائي رهيو هو ان وقت ايئن ٿي محسوس ٿيو ته هو دنيا جو واحد مظلوم ترين ماڻهو آهي جنهن تي نه  رڳو ماضيء ۾ سندس مخالفن ستم جا جبل ڪيرائي وڌا پر هن وقت به هن کي حڪومت تان هٽائڻ ۽ سندس ساک توڙي ڪاروبار برباد ڪرڻ جون سازشون ڪيون پييون وڃن. ماضيء جي حوالي سان ته کڻي ڳالهه سمجھ ۾ اچي ٿي ته هن سان ان وقت جو صدر مرحوم غلام اسحاق خان نٿي ٺهيو.پي پي جون ٻه حڪومتون سندس خلاف هيون،بعد ۾ مليٽري ڊڪٽيٽر پرويز مشرف کيس تنگ ڪيو.پر هن وقت آخر ڪير ميان صاحب کي اهي ايذاء ڏيئي رهيو آهي ۽ ڪير سندس حڪومت جي خلاف رٿون رٿي رهيو آهي!اپوزيشن ته هن جي پنهن جي آهي،سائين خورشيد شاھ کي ته ميان صاحب سان خاص خيرخواهي آهي.مولانا فضل الرحمان ۽ محمود اچڪزئي به حڪومت جو حصو آهن.ايم ڪيو ايم جا به حڪومت سان پوئين در کان رابطا پڪا آهن.جماعت اسلامي جي به اهم قيادت ميان صاحب سان کير کنڊ آهي.باقي هڪڙو عمران خان ۽ ٻي سول ۽ فوجي بيوڪريسي رهجي وڃي ٿي.جيستائين سول بيوڪريسيء جو تعلق آهي ته انهن کي ميان صاحب کان ڪهڙي تڪليف! اهم عهدن تي پنهن جي پسند جا ماڻهو لڳل آهن جيڪي حڪومت سان مڪمل مفاهمت ۾ آهن.هاڻي صرف عمران خان ۽ فوجي بيوروڪريسي ئي رهجي وڃي ٿي.خبر ناهي سازشن جي حوالي سان ميان صاحب جي نظر عمران خان تي آهي يا فوجي اسٽيملشمينٽ تي ؟يا وري ايئن به هجي ته ميان صاحب جي نظر ۾ عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ پاڻ ۾ ملي هن جي خلاف سازش ڪري رهيا هجن.هڪ ته اسان جي سياسي حڪمرانن ۾ اڄ تائين اها اخلاقي جرئت پيدا نه ٿي سگھي آهي جو اهي سازش جا حوالا ڏيڻ سان گڏ سازش ڪندڙن جا نالا به عوام کي ٻڌائين.پر اهي نالا ڇو کڻندا جو انهن جو پنهن جو سياسي ڪردار ڪرپشن،ڦر لٽ.ڪوڙ.دوکي ۽ غلط بيانين سان داغدار آهي. جيڪر ميان صاحب جي سازش واري ان ٿيوريء کي صحيح به مڃجي ته سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته پاناما ليڪس جي حوالي سان پاڪستاني ڌرين مان ايترو اثررسوخ ڪنهن وٽ آهي جو اهي عالمي تحقيقاتي ادارن تي اثرانداز ٿي اهڙيون شيون منظرعام تي آڻائي سگھن؟وري معاملو صرف پاڪستان جو هجي ها ته کڻي ان امڪان تي به سوچجي ها پر هڪ اهڙو معاملو جنهن پوري دنيا کي پنهن جي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو هجي،ان تي ايئن چوڻ ته اها نواز حڪومت جي خلاف سازش آهي،کل جوڳي ڳالھ آهي.سڄي دنيا۾ جن به عالمي اڳواڻن جي باري۾ اها رپورٽ آئي آهي انهن مان هڪڙي به اڃا تائين انهن الزامن کان انڪار نه ڪيو آهي،ان جو مطلب ٿيو ته پاناما ليڪس جي رپورٽ تمام مستنند ۽ حقيقتن تي ٻڌل آهي.ٻي ڳالھ اها ته جيڪر ان رپورٽ جو ڪو بنياد ئي ناهي ته پوء اوهان  کي ايتري پريشاني ڇو آهي،ايڏي ڀڄ ڊڪ ڪهڙي مقصد لاء آهي ۽ اهڙي فضول رپورٽ تي تحقيقاتي ڪميشن ٺاهڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ افسوس جو هيڏي سڄي خواري ۽ بدناميء باوجود اڃا تائين حڪمرانن طرفان پنهن جي عوام سان لاڳيتو ڪوڙ ڳالهايو پيو وڃي ۽ بيانن جي هيراڦيرين ذريعي حقيقتن کان فرار جي پاليسي اختيار ڪئي پيئي وڃي.خبر ناهي اسان جا حڪمران ڪهڙي دنيا ۾ رهن ٿا.اهي اڃا تائين پراڻي سياست واري دور ۾ ڦاٿل نظر اچن ٿا انهيء حقيقيت کان بي نياز ته ميڊيا ۽ انٽرنيٽ جي موجوده تيز معلوماتي دور ۾ ماڻهن کي گھڻي دير تائين بيوقوف نٿو بنائي سگھجي.پر بدقسمتيء سان اهي پئسي ۽ پيٽ جا ايترو ته اسير بڻجي ويا آهن جو عزت،وقار۽ خودداري اهي سڀ ثانوي شيون بڻجي ويون آهن.هر طرف کان چور چور جو شور بلند ٿي رهيو آهي،اخبارن جا صفحا ۽ ٽي وي جا اسڪرين سندن بدديانتين ۽ غلط بيانين جي داستانن سان ڀريا پيا آهن،سڄي دنيا ۾ سندن ۽ ملڪ جو تماشو بڻيل آهي پر هنن حڪمرانن کي ٽڪي جي به پرواھ ڪانهي.بجاء حقيقتن جو اقرار ڪرڻ ۽ انهيء تي شرمسار ٿيڻ جي سندن وزير ۽ مشير وڏي ڍٽائيء ۽ فخرسان ڪڏهن جواز،ڪڏهن وضاحتون ته ڪڏهن ڌمڪيون ڏيندي نظر اچن ٿا.هر شيء جي ڪا حد ٿيندي آهي پر شايد بي اصولين جي ڪا حد ئي نه هوندي آهي.ڪهڙي ڪم جي اها حڪمراني ۽ ڪهڙي ڪم جو اهو پئسو جيڪو ماڻهوء کي ڪٿي منهن کڻڻ جهڙو نه ڇڏي.اجلاسن کان ڀڄڻ،ميڊيا کان منهن لڪائڻ، عالمي اڳواڻن سان ملاقاتن کان ٽهڻ،غيرملڪي دورا منسوخ ڪري ڇڏڻ،پنهن جي زبان کي باربار ڪوڙ سان ناپاڪ ڪرڻ،جيڪر اها ئي حڪمراني آهي ته پوء ان حڪمرانيء کان ته فقيري لکين دفعا بهتر آهي.ڀلا ٿوري دير لاء محترم نوازشريف جي ان موقف کي صحيح به مڃجي ته پاناما ليڪس جي حوالي سان سندس باري ۾ جيڪي به سامهون آيو آهي سو سراسر سازش آهي ته پوء ڪرپشن.بدعنوانيء ۽ مني لانڊرنگ جي انهن قصن کي ڪيڏانهن ڪجي جيڪي پاناما ليڪس وارو معاملو سامهون اچڻ کان ڪيترائي سال اڳ جا آهن ۽ جن جون رپورٽون ٻاهرين ادارن نه پر خود پاڪستان جي تحقيقاتي ۽ احتسابي ادارن ڏنيون هيون.اچو ته انهن جو ٿورو جائزو وٺجي.                                                                                                                        مئي 2013ع ۾ جڏهن ميان صاحب ٽيون ڀيرو وزيراعظم جي ڪرسيء تي ويهڻ وارو هو ته قومي احتساب بيورو يعني نيب اوچتو سرگرم ٿي ويو ۽ اهو ڪرپشن ريفرنسز جي حوالي سان ميان صاحب کي راولپنڊيء جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو هو.انهيء کان اڳ   3 ڊسمبر 2012ع تي لاهورهائي ڪورٽ جي راولپنڊي بينچ  اتفاق فائونڊريز،رائيونڊ جي اثاثن ۽ لاهور حديبيه پيپر ملز ۾ ڪرپشن جي داخل ريفرنسز ڪيسن جي خاتمي جي لاء نوازشريف جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو هو.اهي ريفرنسز احتساب عدالت ۾ 2000ع کان سماعت هيٺ هئا.نيب جڏهن احتساب عدالت ۾ انهن ريفرنسز تي وڌيڪ ڪاروائي ڪرڻ جي شروعات ڪئي ته نوازشريف خاندان پاران انهن ڪيسن جي خاتمي جي لاء پٽيشن داخل ڪرائي ويئي هئي. 18 فيبروري 2011ع تي لاهور هائي ڪورٽ  ان معاملي جو فيصلو اچڻ تائين نيب کي شريف خاندان خلاف ڪنهن به ڪاروائيء کان روڪي ڇڏيو هو ۽ اهو حڪم سيپٽمبر 2014ع تائين موثر رهيو ايستائين جو راولپنڊيء جي احتساب عدالت نيب طرفان شريف خاندان خلاف ٻيهر ڪيسن جي ڪاروائي شروع ڪرڻ واري درخواست کي رد ڪندي حديبيه پيپر ملز ۽ رائيونڊ جي اثاثن وارن بدعنوانين جي ٻنهي ڪيسن مان ميان نوازشريف کي باعزت بري ڪري ڇڏيو.انهن ڪيسن ۾ ميان نوازشريف،شهبازشريف،سندن والد محمد شريف ۽ والده شميم اختر،حمزه شهباز، حسن نواز،اسحاق ڊار ۽ ٻين کي نامزد ڪيو ويو هو. چوڏهن سال اڳ جي مني لانڊرنگ جي ڪيس ۾ به نوازشريف ۽ شهبازشريف کي بري ڪيو ويو.   
  حديبيه پيپرز ملز ۾ ٿيل بدعنوانين جي حوالي سان نيب جي يارهن صفحن تي ٻڌل جاچ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته شريف خاندان ناجائز ذريعن سان ڪمايل رقم ٻين ماڻهن جي نالي تي کوليل بينڪ اڪائونٽس ۾ جمع ڪرائي ان رقم کي پنهن جن ذاتي ڪمپنين جا قرض واپس ڪرڻ لاء استعمال ڪيو .نيب جي هڪ جاچ آفيسر جي جوڙيل رپورٽ ۾ ان وقت جي وزير خزانه اسحاق ڊار جو اعترافي بيان به شامل آهي جيڪو نوازشريف طرفان ڪيل مني لانڊرنگ جو سلطاني گواه بڻيو هو.

رائيونڊ جي اثاثن جي باري ۾ ميان نوازشريف تي اهو الزام هو ته هن ڪشادي زمين حاصل ڪري ان تي جيڪو قيمتي محل تعمير ڪيو ان جي خرچ جا ذريعا سندس آمدنيء جي ظاهر ڪيل ذريعن سان ڪابه هڪجهڙائي نٿا  رکن.                                                            ميان نوازشريف هڪ دفعو ٻيهر نيب کي سندس خاندان خلاف ڪرپشن جا ڪيس کولڻ تي سخت ڇنڊ پٽي آهي جنهن ڪري نيب في الحال پوئتي هٽي ويو آهي.نيب جي اتفاق فائونڊريز واري ريفرنس مطابق شريف خاندان مجموعي طور تي مختلف بينڪن جي 3.8 ارب روپيا قرضن جو ڊيفالٽر آهي.نيب جو چوڻ آهي ته ڊسمبر 2011ع تائين شريف خاندان کي نيشنل بينڪ کي 2.31 بلين روپيا،حبيب بينڪ کي 336 ملين روپيا،يونائٽيد بينڪ کي 343 ملين روپيا،مسلم ڪمرشل بينڪ کي 456 ملين روپيا، فرسٽ بينڪ پنجاب کي 202 ملين روپيا،بينڪ آف پنجاب کي 95 ملين روپيا،زرعي ترقياتي بينڪ کي 60 ملين روپيا،اين آئي بي کي 27 ملين روپيا جڏهن ته آئي سي بي پي کي 8 ملين روپيا واپس ڪرڻا هئا جيڪي هن اڄ تائين واپس نه ڪيا آهن.                                          
  ٿي سگھي ٿو ته اهي سموريون حقيقتون ۽ انگ اکر به ڪنهن سازش جو نتيجو هجن!

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو